جڏهن ننڍا هوندا هياسين ته پي ٽي وي تان نشر ٿيندڙ پروگرام ”ڇوٽي سِي دنيا“ ڏسڻ لاءِ رات جو دير تائين جاڳندا هياسين۔۔۔ مائيٽن جا دڙڪا به خوب مليا پر هن ڊرامي ۾ رنگين اردو ڳالهائيندڙ سنڌي اداڪار پنهنجي اداڪاري ۽ سنڌين جي سادگي کي اهڙي نموني پيش ڪندا هئا جو ڊرامون ڇڏڻ تي دل نه چوندي هئي ۔۔۔ هن ڊرامي ۾ هڪ سين جيڪو هن ڊرامي جي جان چئي سگهجي ٿو ۔۔۔ آهي جانو جرمن ۽ مراد علي خان جي انگريزي مقابلي جو۔۔۔۔ اڄ فيس بوڪ تي محترم عارف اشرف جي طرفان ونڊ ڪيل هنن وڊيوز تي نظر پئي سوچيم ته سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ موجود جانو جرمن ۽ مراد علي خان جيتري انگريزي ڄاڻندڙ مون جهڙا رڪن ضرور لطف وٺندا ان ڪري ڳنڍي رهيو آهيان اميد ته توهان کي هي مقابلو پسند ايندو۔۔۔ [fv]1176401985276&[/fv] [fv]1176402785296[/fv]
جواب: جانو جرمن بمقابله مراد علي خان۔۔۔۔ يار رشيد، جانو جرمن اصل وڏي ڪئي مراد علي خان صاحب سان، ان يادگار مقابلي جي ياد تازه ڪرائڻ جي مهرباني ۔۔۔ اصل asul matt جانو جرمن جي انگريزي اصل hall chari
جواب: جانو جرمن بمقابله مراد علي خان۔۔۔۔ واه ادا رشيد واه جانو جرمن به واه جو لڳو پيو آهي مراد علي خان صاحب کي پر يار مون کي وري ائين ٿو لڳي ڄڻ ٻروچ ۽ مون جو مقابلو هجي اصل ڏاڍي ٿئي ..............سان سدائين گڏ
جواب: جانو جرمن بمقابله مراد علي خان۔۔۔۔ ادا اسان ننڍا هوندا هئاسين ۽ دادو شهر ۾ اسان جي سڄي پاڙي ۾ صرف ٽن گهرن ۾ ٽي وي هوندي هئي، هڪ اسان وٽ ۽ ٻيا ٻه گهر هوندا هئا، پر افسوس جو اهي ٻئي گهر پاڙي جي ماڻهن کي ٽي وي ڏسڻ نه ڏيندا هوا۔ پر اسان جو والد صاحب ( الله سندن جي مغفرت ڪري ۽ جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري آمين ) ٽي وي ته ڏسڻ لاء ڏيندو هو پر انهن کي روزانه چانهه جو ڪوپ به ڏيندو هو۔ ۽ انهن ڏينهن ۾ انهيء ڊرامي کي ڏسڻ لاء پاڙي جا ٻار ۽ عورتون شام جو اچي اسان جي گهر گڏ ٿينديون هيون ۽ انهن لاء چانهه تيار ٿيندي هئي، ۽ ڪرياني جو دڪان پنهنجو هو سو بابا ڪڏهن ڪڏهن چانهه سان گڏ بسڪيٽ به انهن کي کارائيندو هو۔ ۽ انهن ٻارن ۽ عورتن کي امان اها چانهه ۽ بسڪيٽ اڳيان اچي ڏيندي هئي، ۽ اهيو ڊرامو ڏٺو ويندو هو، ادا رشيد صاحب ڪهڙي زماني جون يادون تازا ڪري ڇڏيون اٿو، نه اهي محبتون رهيون آهن نه اهي چاهتون ۽ وري نه بابا ، نه امان هن جهان ۾ رهيا آهن، ۽ توهان جي انهيء وڊيو اما بابا جي انهن خدمتن ياد ڏيارڻ سان گڏ اکين جا بند ڀڃي ڇڏيا۔ بقول شاه صاحب نه سي ووئڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتياريون پسيو بازاريون هينئڙو مون لوڻ ٿئي۔