جانو جرمن بمقابله مراد علي خان۔۔۔۔

'اچو ته انگريزي سکون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جڏهن ننڍا هوندا هياسين ته پي ٽي وي تان نشر ٿيندڙ پروگرام ”ڇوٽي سِي دنيا“ ڏسڻ لاءِ رات جو دير تائين جاڳندا هياسين۔۔۔ مائيٽن جا دڙڪا به خوب مليا پر هن ڊرامي ۾ رنگين اردو ڳالهائيندڙ سنڌي اداڪار پنهنجي اداڪاري ۽ سنڌين جي سادگي کي اهڙي نموني پيش ڪندا هئا جو ڊرامون ڇڏڻ تي دل نه چوندي هئي ۔۔۔
    هن ڊرامي ۾ هڪ سين جيڪو هن ڊرامي جي جان چئي سگهجي ٿو ۔۔۔ آهي جانو جرمن ۽ مراد علي خان جي انگريزي مقابلي جو۔۔۔۔ اڄ فيس بوڪ تي محترم عارف اشرف جي طرفان ونڊ ڪيل هنن وڊيوز تي نظر پئي سوچيم ته سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ موجود جانو جرمن ۽ مراد علي خان جيتري انگريزي ڄاڻندڙ مون جهڙا رڪن ضرور لطف وٺندا ان ڪري ڳنڍي رهيو آهيان اميد ته توهان کي هي مقابلو پسند ايندو۔۔۔

    [fv]1176401985276&[/fv]

    [fv]1176402785296[/fv]​
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جانو جرمن بمقابله مراد علي خان۔۔۔۔

    يار رشيد، جانو جرمن اصل وڏي ڪئي مراد علي خان صاحب سان، ان يادگار مقابلي جي ياد تازه ڪرائڻ جي مهرباني ۔۔۔ اصل asul matt

    جانو جرمن جي انگريزي اصل hall chari
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: جانو جرمن بمقابله مراد علي خان۔۔۔۔

    واه ادا رشيد واه

    جانو جرمن به واه جو لڳو پيو آهي مراد علي خان صاحب کي

    پر يار مون کي وري ائين ٿو لڳي ڄڻ ٻروچ ۽ مون جو مقابلو هجي


    اصل ڏاڍي ٿئي ..............سان

    سدائين گڏ
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جانو جرمن بمقابله مراد علي خان۔۔۔۔

    ادا اسان ننڍا هوندا هئاسين ۽ دادو شهر ۾ اسان جي سڄي پاڙي ۾ صرف ٽن گهرن ۾ ٽي وي هوندي هئي، هڪ اسان وٽ ۽ ٻيا ٻه گهر هوندا هئا، پر افسوس جو اهي ٻئي گهر پاڙي جي ماڻهن کي ٽي وي ڏسڻ نه ڏيندا هوا۔ پر اسان جو والد صاحب ( الله سندن جي مغفرت ڪري ۽ جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري آمين ) ٽي وي ته ڏسڻ لاء ڏيندو هو پر انهن کي روزانه چانهه جو ڪوپ به ڏيندو هو۔ ۽ انهن ڏينهن ۾ انهيء ڊرامي کي ڏسڻ لاء پاڙي جا ٻار ۽ عورتون شام جو اچي اسان جي گهر گڏ ٿينديون هيون ۽ انهن لاء چانهه تيار ٿيندي هئي، ۽ ڪرياني جو دڪان پنهنجو هو سو بابا ڪڏهن ڪڏهن چانهه سان گڏ بسڪيٽ به انهن کي کارائيندو هو۔ ۽ انهن ٻارن ۽ عورتن کي امان اها چانهه ۽ بسڪيٽ اڳيان اچي ڏيندي هئي، ۽ اهيو ڊرامو ڏٺو ويندو هو، ادا رشيد صاحب ڪهڙي زماني جون يادون تازا ڪري ڇڏيون اٿو، نه اهي محبتون رهيون آهن نه اهي چاهتون
    ۽ وري نه بابا ، نه امان هن جهان ۾ رهيا آهن، ۽ توهان جي انهيء وڊيو اما بابا جي انهن خدمتن ياد ڏيارڻ سان گڏ اکين جا بند ڀڃي ڇڏيا۔ بقول شاه صاحب
    نه سي ووئڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتياريون
    پسيو بازاريون هينئڙو مون لوڻ ٿئي۔​
     
  5. نصير چنا

    نصير چنا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2010
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    228
    ڌنڌو:
    رپوٽر آواز ٽي وي نيوز سيتاروڊ
    ماڳ:
    سيتاروڊ
    جواب: جانو جرمن بمقابله مراد علي خان۔۔۔۔

    واه سائين رشيد صاحب واه۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو