• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پِيارُ پوکِيم الا!

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
پِيارُ پوکِيم الا!
منصور حمزه ميراڻي

پِيارُ پوکِيم الا! تُون لُڻِي وَئين هَلِي،
دِل کي قابُو ڪَيُم، تُون کَڻِي وَئين هَلِي.

تُون نهَ اِيندين وَري، قَتل مُون کي ڪَري،
گهاوَ مونکي ڏِنَئِه، ڪِلَ هِڻي وَئين هَلِي.

رُتَ بهاريءَ جَيان، مون وَٽِ آئِي هُئِينءَ،
مُندَ مَٽِجِي وَئِي، ڪِيئَن ڇَڻِي وَئين هَلِي.

تُون پَري ڄَڻُ هُئِينَ يا هُئِينءَ حُورَ ڪا،
مُنهِنجي سامهون اَچِي، تُون وَڻِي وَئين هَلِي.

5 جون 2014
 
Back
Top