محمد اسلم عباسي
سينيئر رڪن
خوابَ زنجيَر ٿيا دردَ تعبيرَ ٿِيا
حميده گل
خوابَ زنجيَر ٿيا دردَ تعبيرَ ٿِيا
هِجر جي منُدَ وَري يارَ دلگيرَ ٿِيا
رُني چانڊوڪي ڪارين جا قبرستانَ ڏِسي
ڪَري ڳاڙهين کي ڳَڀا راڄَ جا ميرَ ٿيا
آ خِزان پوش هَوائن ۾ جيئڻ جاڙَ جِيان
گُلَ بهارُن کان رُٺا ، خارَ تعزيرَ ٿيا
سُکَ سنَديسُي جو پيَمبَر نه آيو وَري
روڳَ راڪاسَ ٿيا جوڳَ تفسيرَ ٿيا
حميده گل
خوابَ زنجيَر ٿيا دردَ تعبيرَ ٿِيا
هِجر جي منُدَ وَري يارَ دلگيرَ ٿِيا
رُني چانڊوڪي ڪارين جا قبرستانَ ڏِسي
ڪَري ڳاڙهين کي ڳَڀا راڄَ جا ميرَ ٿيا
آ خِزان پوش هَوائن ۾ جيئڻ جاڙَ جِيان
گُلَ بهارُن کان رُٺا ، خارَ تعزيرَ ٿيا
سُکَ سنَديسُي جو پيَمبَر نه آيو وَري
روڳَ راڪاسَ ٿيا جوڳَ تفسيرَ ٿيا