• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گونگا، ڳوڙها ڳاڙ نه شاعر!

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
گونگا، ڳوڙها ڳاڙ نه شاعر!
ڊاڪٽر خادم منگي

گونگا، ڳوڙها ڳاڙ نه شاعر!
هردو، سوليءَ چاڙهه نه شاعر!

رڙين سان ڪنهن ڇا ماڻيو آ؟
اڀ اجايو ڦاڙ نه شاعر!

جوڀن جون ساريون حسناڪيون
رولاڪين، ۾ ساڙ نه شاعر!

جذبا، اڻجهل شينهن،انهن کي
ٻڪرين وانگي واڙ نه شاعر!

خطرا آڏو ايندا رهندا
وک مگر تون لاڙ نه شاعر!

اونداهين جا ليکا چوکا
چانڊوڪين سان پاڙ نه شاعر !
 
Back
Top