گونگا، ڳوڙها ڳاڙ نه شاعر!

'سنڌي شاعري' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    گونگا، ڳوڙها ڳاڙ نه شاعر!
    ڊاڪٽر خادم منگي

    گونگا، ڳوڙها ڳاڙ نه شاعر!
    هردو، سوليءَ چاڙهه نه شاعر!

    رڙين سان ڪنهن ڇا ماڻيو آ؟
    اڀ اجايو ڦاڙ نه شاعر!

    جوڀن جون ساريون حسناڪيون
    رولاڪين، ۾ ساڙ نه شاعر!

    جذبا، اڻجهل شينهن،انهن کي
    ٻڪرين وانگي واڙ نه شاعر!

    خطرا آڏو ايندا رهندا
    وک مگر تون لاڙ نه شاعر!

    اونداهين جا ليکا چوکا
    چانڊوڪين سان پاڙ نه شاعر !
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو