آ جا چنڊ ستارن ۾ ... مِجازُ قريشي

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
آ جا چنڊ ستارن ۾
وائي​
مِجازُ قريشي​
آ جا چنڊ ستارن ۾
ٿي لاٽ ٻري انڌارن ۾
ڪو ڇا تنهنکي روڪي سگھندو
سدائين موسم خزان نه رهندو
جي ٽڙندا گل بهارن ۾
ڪو ڇا تنهنکي روڪي سگھندو
شاه، سچل ۽ سامي جي جا
تمبوري جي تارن ۾
ڪو ڇا تنهنکي روڪي سگھندو
آزادي، آزادي آهي
ڪوئل جي ڪوڪارن ۾
ڪو ڇا تنهنکي روڪي سگھندو
ڪوڙ نه قائم رهندو سائين
سچ سراسر سارن ۾
ڪو ڇا تنهنکي روڪي سگھندو​
 
Back
Top