• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اٿو ساٿيو اٿو هاڻي پورن جي پڄاڻي ڪيون

غزل

اٿو ساٿيو اٿو هاڻي پورن جي پڄاڻي ڪيون
ڏکن کي ڏار ڏيون هاڻي بکن جي پڄاڻي ڪيون
هي ڌاريا غير ڇو ڌوڪي اچن پيا سنڌ ڏي ڪاهيون
اچو گڏجي روڪيون هي ظلمن جي پڄاڻي ڪيون
اسان جي ديس جا واسي غربت ۾ ٿيا غلطان
وسيلا ويري هٿ آهن ڀڄائي تن پڄاڻي ڪيون
هجن آسوده مون مارو سکيا تن جا هجن ڏينهنڙا
وڙهي جهيڙو ڪيون جاجڪ چورن جي پڄاڻي ڪيون
صدين کان پنهنجي سنڌ جا اسان حاڪم رهيا آهيون
امن جو اوج هو هتڙي وري واپس وراڻي ڪيون

....................رسول بخش دائودپوٽه
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top