گورڌن ولاسائي
سينيئر رڪن
هڪٻئي سان وڙهي پيا. ڏاڍو گوڙ ٿيڻ لڳو، ٽيبل تي پيل ڪجهه برتن پڻ ٽٽڻ جو آواز اچڻ لڳو. آئون ان وقت رات جي ماني کائي رهيو هُئس. فرانسز نالي ڪا ڊش هُئي، ڪجهه چانور به هُئا، چپس به. سلاد به هو ته ڪيچ اپ به.
سڀ ڇوڪرا، ڇوڪريون، ريسٽورانٽ جو مالڪ ٻاهر ڊوڙي وڃي ڏسڻ لڳا ته ڇا تي ڦڏو ٿيو آهي. مون تي ڪوبه اثر ڪونه ٿيو، مزي سان ماني کائڻ لڳس. عام رواجي ڳالهه هُئي منهنجي لاءِ ته، توهان هُجو ها ته شايد توهان به مون وانگر ئي ڪريو ها.
اٺ ڏهه سيڪنڊن کان هلندڙ جهيڙو ختم ٿيو. هرڪو پنهنجي ڪم کي وري جُنبي ويو. سڀ انهي جهيڙي جي باري ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳا ته ڪنهن کي ڪيترو ڌڪ لڳو، ڪنهن کي ڪٿان رت پئي وهيو، ڪنهن چيو پئي ته ڏندن جا نشان هُئا.....
اصل ۾ اُهي بيتيپي جا ٻه رجسٽرڊ ڪُتا هيا، جي پاڻ ۾ وڙهي پيا هُئا ڪنهن کاڌي تان!!!!!!
هي اڃان شناخت جي مرحلي مان نه گُذريا آهن.....
فيسبُڪ گروپ تان کنيل.......
بيتيپي هڪ ڳوٺڙو آهي، ڄامشوري وانگر! هتي 3 يونيورسٽيون آهن، جن ۾ هجيتيپي، ميتو، بلڪينت شامل آهن جيڪي تُرڪي ۾ ٽاپ تي آهن. (هنن ٽنهي نالن ۾ ت جي جاءِ تي ٽ هُجڻ کپي پر جيئن ته تُرڪش ٻولي ۾ ٽ آهي ئي ڪونه.) هِتي بيتيپي ۾ سمورا رولو ڪُتا رجسٽر ٿيل آهن، کين ڪنن ۾ نمبر پليٽ پڻ لڳل هوندي آهي. پاڻ وٽ ته ماڻهو به ڪنهن حساب ڪتاب ۾ ڪونه آهن. يونيورسٽي جي چوڪيدارن کي سختي سان هدايت ڪيل آهي ته انهن رجسٽرڊ ڪُتن کان سواءِ ٻيو ڪو رولو ڪُتو ڪيمپس ۾ نظر نه اچڻ کپي. سڄو ڪيمپس بيريڪيڊ ٿيل آهي. اصل ۾ ڪُتا وڙهيا ان جي لاءِ ٿي جو اڄڪلهه يونيورسٽي ۾ شاگردن کي گرمين جون موڪلون آهن. سو ريسٽورانٽ به هڪ ئي کُليل هو، جنهن تي ٿورا ئي گراهڪ هُيا سو ڪُتن کي بچيل کاڌو به گهٽ ٿي نصيب ٿيو. ڪُتن جا ڦوٽو ان ڪري نه ڪڍيا آهن جو آئون ڪُتن کان ڏاڍو ڊڄندو آهيان..... عبدالحفيظ لغاري وانگر.
نه ته هِتي يونيورسٽي ۾ شاگردن جو الائجي ڪيتريون اڻ رجسٽر تنظيمون آهن، جن مان هڪ اها به آهي جيڪا رولو ڪُتن جو خيال رکي ٿي. انهي تنظيم جا رضاڪار روز لنچ ۽ ڊنر مهل ڪاري رنگ جون وڏيون پلاسٽڪ جو ٿيلهيون کڻي ريسٽورانٽ ۽ ڪينٽين جو هڪ پاسو جهلي بيٺا هوندا آهن، جنهن وٽان ڪجهه بچيو، ڪُتن جي کاڌي لاءِ ته اُهي هٿ ڪري ٿيلهي ۾ وجھي ٻين ساٿين جي حوالي ڪندا، جيڪي وري رولو ڪُتن لاءِ مخصوص علائقي ۾ وڃي انهن کي کارائيندا ۽ پاڻي پياريندا. ساڳي طريقي سان ٻلين جي سار سنڀال لاءِ پُڻ الڳ سان گروپ آهن، پکين لاءِ وري الڳ آهن.
هڪ تنظيم جو هنيل اشتهار......
انهي سان گڏ ڪيترائي شاگردن جون تنظيمون يا ائين چئجي ته ننڍا ڪاروبار آهن، جنهن ۾ اُهي هڪ گروپ ٺاهي ڪيڏانهن گهُمڻ جو پروگرام ٺاهيندا آهن، هڪ ڪوچ مسواڙ تي وٺي ڪري، گهُمڻ لا ميمبر گڏ ڪندا آهن. پوءِ ٽُوئر کي ليڊ ڪندا وٺي ويندا آهن. گهڻو ڪري هڪڙي ڏينهن ۾ ئي گهُمي ڦري رات جو دير سان واپس پهچي ويندا آهن. ايڏو ته انهن ۾ نظم و ظبط هوندو آهي جو پروفيسر ليول جا ماڻهو پڻ انهن ٽوئرن تي شاگردن جي اڳواڻي ۾ ويندا آهن ۽ مجال آهي جو ڪو ذرو ڪٿي دير ڪري ڪنهن مخصوص جا تي پهچي يا ڪا شڪايت ڪري ته پاڻي ڪونهي يا سي ٿو لڳي يا گرمي آهي اي سي هلايو، هُن جا تي لازمي هلجو. سڀ ڪم گائيڊ جي حوالي هوندا آهن جيڪو پڻ هڪ شاگرد ئي هوندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا شڪايت هوندي ڪنهن گروپ سان ته آئنده هو انهي گروپ سان گڏ نه ويندو. قائدِ عوام يونيورسٽي جي سال کن اڳ آل پاڪستان ٽوئر جي ڳالهه آهي ته ڪي شاگرد سرڪاري خرچ واري ٽوئر دوران مري ۾ ٻن سينئر اُستادن (جيڪي هن سال ريٽائر ٿي ويا آهن) سان وڙهي پيا ۽ انهن کان پئسا وٺي پاڻ اڳتي گهُمڻ هليا ويا ۽ اُستادن کي مري مان ئي واپس نوابشاهه لا روانو ڪري ڇڏيائون.
آئون ۽ منهنجو دوست عمر لوهار پڻ اهڙن گهٽ اگهن وارن ٽوئرن جا شوقين آهيون. هڪ ته اگهه گهٽ، ٻيو ته ماڻهو هڪ ئي ڏينهن ۾ 300 ڪلوميٽرن جي رينج تائين جون جايون گهُمي ڦري پيو سگهي. ڊاڪٽر لغاري وانگر منهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ به هڪ بانسري (ايزگي) آهي. ڏاڍي سُٺي بانسري آهي، وڄت به سُٺي اٿس. اُها وري انڊر واٽر هاڪي راند ڪندي آهي......!!!! ڏيو منهن، هاڪي اها به پاڻي جي اندر...... جي ها. انهي جو هڪ ٽورنامينٽ اِزمير نالي ساحلي شهر ۾ 16 کان 20 جولاءِ دوران آهي، هجيتيپي يونيورسٽي ٽيم لاءِ پوري بس ڏني آهي...... باقي رهائش پنهنجي ڪرڻي اٿن. بانسري مونکي دعوت ڏني آهي ته ايڏانهن ويو به ناهين ته ڦوٽو پڻ سُٺا ٿو ڪڍين، اسان سان هل ته گهمڻ ڦرڻ ٿي ويندو، سستي جو سستو. انڌو گهُري هڪڙي اک هتي ته ٻه ٽي ٿيون ملن. سستي رهائش جي ذميواري بانسري جي حوالي آهي. باقائده اهو ٽورنامينٽ ڏسبو، آفيشل ڦوٽوگرافر طور. ونڊ ڪرڻ جهڙا هوندا ته ڪبا.....

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: