سنڌي رسم الخط جي دلچسپ ڪهاڻي

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏6 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,307
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سنڌي رسم الخط جي دلچسپ ڪهاڻي
    [​IMG]
    آصف جيلاني
    ڪاوش جي 07 مارچ واري اشاعت ۾ محترمه شبنم گل جو هڪ مضمون شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ ان سنڌي زبان جي تاريخي پسمنظر ۽ عالمي زبانن ۾ ان جي منفرد حيثيت تي نگاهه وڌي آهي. ڄاڻايل مضمون بيحد معلوماتي آهي پر منهنجي خيال ۾ اهو ڪنهن حد تائين معلومات جي اڃ اجهائي نه سگهيو آهي، جو ان ۾ سنڌي زبان جي موجوده رسم الخط جو ذڪر نه آهي ته ان ڪهڙيون منزلون طئي ڪيون ۽ ان جي پٺيان ڪهڙا عوامل هئا ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون شخصيتون ان عمل ۾ اڳيان اڳيان رهيون. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته سنڌي زبان جي رسم الخط جي سفر جي ڪهاڻي انتهائي گهڻي دلچسپ آهي. اها ڳالهه ته سڀني کي خبر آهي ۽ مون کي هتي ورجائڻ جي ضرورت نه آهي ته 1550ع ۾ خدا آبادي رسم الخط رائج هو. يارهين صدي عيسوي ۾ محمود غزنويءَ جي دور ۾ ناميارو تاريخدان ابو ريحان البيروني جڏهن هندوستان آيو هو ته ان وقت سنڌي زبان جا 3 رسم الخط رائج هئا، (1) ارڌا نگري، (2) سينڌو، (3) مالواڙي. اهي سمورا رسم الخط ديوناگريءَ جي مختلف شڪلين تي مشتمل هئا. جڏهن مير نصير خان ٽالپر کي شڪست ڏئي انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته ان وقت سنڌي پنڊت سنڌي ٻولي ديوناگري رسم الخط ۾ لکندا هئا. اها به عجيب ڳالهه آهي ته ان زماني ۾ عورتون سنڌي گرمکي رسم الخط ۾ لکنديون هيون. پهرين سنڌي انگريزي لغت به ديوناگريءَ ۾ مرتب ڪئي وئي هئي. 1848ع ۾ اهو بحث شروع ٿيو ته سنڌ زبان جي لاءِ ڪهڙو رسم الخط اختيار ڪيو وڃي. انگريز اسڪالرز سنڌيءَ کي سنسڪرت ٻوليءَ جي هڪ شاخ تصور ڪندا هئا، تنهن ڪري ڪيترن ئي انگريزن جي اها راءِ هئي ته سنڌيءَ جو رسم الخط ديوناگري ئي مقرر ڪيو وڃي پر ڪيپٽن رچرڊ برٽن (ايلزبيٿ ٽيلر جو اداڪار مڙس رچرڊ برٽن نه) جنهن جو آڪسفورڊ يونيورسٽي جي شاگرديءَ واري دور ۾ عربيءَ سان گهرو تعلق رهيو هو، سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي رسم الخط تي ٻڌل نئين رسم الخط اختيار ڪرڻ جو زبردست حامي هو. ان جي مقابلي ۾ ڪيپٽن جارج اسٽيڪ ديوناگري رسم الخط جو حامي هو. سنڌ جي ان زماني جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر اهو معاملو برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي حوالي ڪيو، جنهن جي هٿ ۾ انگريزن جي والار وارن علائقن تي حڪمراني هئي. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس عربي رسم الخط جي حق ۾ فيصلو ڏنو، ڇو ته سنڌ ۾ اڪثريت مسلمانن جي هئي ۽ مسلمانن جا نالا صحيح طور تي ديوناگريءَ ۾ لکڻ ڏکيو ڪم هو.سنڌ ٻوليءَ جي لاءِ عربي رسم الخط جي چونڊ رچرڊ برٽن جي فتح هئي، جيڪو سنڌ کي فتح ڪندڙ جنرل چارلس نيپيئر جي گهڻو ويجهو هو. رچرڊ برٽن جي به عجيب ۽ غريب شخصيت هئي، اهو آڪسفورڊ مان فارغ ٿيڻ کانپوءِ پهرين افغان جنگ ۾ حصو وٺڻ لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي فوج ۾ ڀرتي ٿيو هو پر جڏهن بمبئي پهتو ته ان وقت تائين جنگ ختم ٿي چڪي هئي، تنهن ڪري هو گجرات ۾ بمبئي انفينٽري ۾ شامل ٿي ويو، جنهن جي ڪمان جنرل نيپيئر جي هٿ ۾ هئي. ان دوران هن هندستاني، گجراتي، پنجابي، سنڌي، سرائڪي ۽ مرهٽي ٻولين ۾ مهارت حاصل ڪئي. هو جنرل چارلس نيپيئر سان گڏ سنڌ ۾ آيو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط لاءِ عربيءَ جي چونڊ ڪئي ته ڪيپٽن رچرڊ برٽن کي سنڌي رسم الخط ترتيب ڏيڻ جو ڪم حوالي ڪيو ويو. جولاءِ 1853ع ۾ رچرڊ برٽن منشي ٿانور داس ۽ مرزا صادق بيگ سان گڏجي سنڌي ٻوليءَ جا 53 اکر جوڙيا ۽ جيئن ته عربي رسم الخط ۾ نج سنڌي آوازن جا اکر نه هئا، تنهن ڪري هنن نقطن جي ذريعي سنڌي آوازن کي جوڙيو. رچرڊ برٽن جيئن ته سنڌ ۾ والٽر اسڪاٽ جي سروي ٽيم ۾ شامل هو پر بنيادي طور تي اهو جاسوسيءَ واري ڪم تي مقرر ٿيل هو ۽ پنهنجي ٻولين ۾ مهارت واري ڪم ۽ روپ بدلائڻ ۾ مهارت جي ڪري جاسوسيءَ واري ڪم ۾ گهڻو ڪامياب ويو. رچرڊ برٽن مرزا عبدالله بوشهري جي نالي سان هڪ ايراني قالين وڪڻندڙ جو ٻهروپ ڪري سنڌ جي اعليٰ خاندانن جي گهرن ۾ عورتن کي اعليٰ قسم جو ڪپڙو وڪرو ڪندو هو ۽ ان دوران عورتن سان ڳالهيون ڪري خبرون چارون پڻ حاصل ڪندو هو. ان وقت جنرل نيپيئر کي قبضي هيٺ آيل سنڌ ۾ سڀ کان وڏو خطرو انگريزن خلاف بغاوت جو هو. رچرڊ برٽن وڏ گهراڻين عورتن سان ڳالهيون ڪري نهايت ڪارائتي معلومات حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. ان دوران لاڙڪاڻي جي هڪ خوبصورت ناچڻي نور جهان سان ان جي ڄاڻ سڃاڻ ٿي ۽ ڪراچي ۾ اهي ٻئي گڏ رهندا هئا. ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته انهن شادي ڪري ورتي هئي پر پوءِ نورجهان اوچتو پرسرار نموني غائب ٿي وئي. ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته نور جهان کي ان جي قبيلي وارن اغوا ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو چوندا هئا ته کيس زهر ڏئي ماريو ويو هو. بهرحال رچرڊ برٽن نور جهان جي عشق ۾ جنون جي حد تائين مبتلا هو.

    آغا خان جو ننڍو ڀاءُ مرزا محمد حسين رچرڊ برٽن جو ويجهو دوست هو ۽ ان ڪري ئي رچرڊ برٽن جو آغا خان جي گهر ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. چيو وڃي ٿو ته جنرل نيپيئر جي هدايت تي رچرڊ برٽن آغا خان جي خاندان وارن سان پنهنجا لاڳاپا جوڙيا هئا ته جيئن انهن تي سخت چوڪسي رکي سگهجي. ان زماني ۾ جنرل نيپيئر آغا خان لاءِ ٻه هزار پونڊ سالياني پينشن منظور ڪئي هئي ۽ ان سان گڏ کيس انگريزن جي خدمتن جي عيوض ”هز هائينيس“ جو خطاب پڻ ڏنو هو. اهو ڪٽنب جڏهن انگلينڊ منتقل ٿي ويو ته رچرڊ برٽن مايوس ٿي 1849ع ۾ سنڌ کي ڇڏيو ۽ 1851ع ۾ عربن جو ٻهروپ ڪري مڪي شريف ۽ مديني شريف جو دورو ڪيو.

    روزاني ڪاوش، اڱارو 11 مارچ 2014ع asafjilani9@yahoo.co.uk

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو