قديم سنڌو لکت جي پڙهڻ جون ڪيل ڪوششون

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏6 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,307
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    قديم سنڌو لکت جي پڙهڻ جون ڪيل ڪوششون
    [​IMG]
    اياز عالم ابڙو​

    ڪجهه ڏينهن اڳ مُهين جي دڙي جي ڀون لاڙڪاڻي جي لالچند اوڏ مُهين جي دڙي جي آڳاٽي لِکت پڙهي پروڙڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ذات پات جي لحاظ کان سندس ابا ڏاڏا ڪي وڏا بلڊر يا ڪنسٽريڪشن جا مالڪ ڪونه هوندا پر لاڙڪاڻي ۾ موجود جُهڪر جي دڙي ۽ سيوهڻ واري ڪافر ڪوٽ کان اڳ يا پوءِ سنڌ جا سوين ڪوٽ قلعا، ڪوٽڙيون، ويڙها ۽ وسنديون ان ئي اوڏ قبيلي جي ڪرت ۽ ڪارنامو رهيا هوندا، ۽ پوءِ وقت ۽ حالتن پٽاندر لالچند اوڏ پنهنجي فور فادرز وارو ٽريڪ بدلائي، هن تيز رفتار دور واري ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويو. بحيثيت رڪشا ڊرائيور، سندس لاڳاپو مُهين جي دڙي جي قديم لکت ۾ موجود ”چڪر“ واري نشان ڦيٿي (Wheel sign) سان رهيو، جنهن لاءِ نامور ”لکت پارکو“ مهان ديوان پنهنجي تحقيق ۾ ان ”چڪر“ يا ڦيٿي جي پروڙ ڪندي ڄاڻايو: ”چڪر يا ڦيٿو سنڌو لکت جي نشاني آهي. سندس شڪل ڦيٿي جهڙي آهي، وچان ڇهه سڌيون ليڪون اٿس، جنهن سان ڦيٿو سمجهه ۾ اچي ٿو. مُهين جي دڙي ۽ هڙاپا مان مليل ٻارن جي راند گاڏين ۾ موجود ڦيٿا نهرا آهن پر پوءِ به لکت ۾ موجود چڪر واري نشان کي ڏسي ذهن ڦيٿي سان هڪ جهڙائي رکندڙ شين ڏانهن کڄي وڃي ٿو. قديم ويدن ۽ پراڻن ۾ ”سوريه“ يا سج کي، ان ڦيٿي يا چڪر جي حوالي سان، وشنو يا ڪرشن جهڙن ديوتائن جي تابع علامتي نشان طور ”ڌرما (Dharma) چڪر سمجهيو ويندو آهي. (دراوڙي ٻولي جي پروڙ بابت هي هڪ ڊگهو مقالو آهي، جنهن مان فقط چڪر/ڦيٿي کي مختصر حوالي طور لکيو ويو آهي) حوالو: The Indus script: Texts, concordance and Tables in MASI.77 New Delhi 1977

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌو لکت جي ڀاڃ (پروڙ) بابت پنهنجي هڪ مقالي ۾ ڄاڻايو ته: گهڻو آڳاٽو ”سنڌو تهذيب“ واري دور ۾ سنڌو لکتن (Indus Scripts) واري ٻولي رائج هئي، جنهن جا چار هزار کن ڪتبا هن وقت تائين پاڪستان، هندوستان ۽ ٻين لاڳو ملڪن جي ڪن ڀاڱن جي کوٽائيءَ مان هٿ آيا آهن، جن بابت فنلئنڊ، ڀارت، روس ۽ ٻين ملڪن جا ٻولي ماهر گذريل پنجاهه سٺ سالن کان پرجهڻ پروڙڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. سر جان مارشل جي گڏ ڪيل 288 لکتن ۽ نشانين مان روس ۽ فنلئنڊ جي ٻولي ماهرن 35 نشانين جي آواز ۽ اُچارن جي تشريح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. اهو احوال هڪ انگريزي اخبار 20 جولاءِ 1969ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”ڪن مهرن ۽ ڦرهين تي هڪ لفظ ”عُر“ به شامل آهي، جنهن جو مطلب آهي ”هَرُ“. ان لاءِ وڌيڪ ڄاڻايل آهي ته: ”ڏکڻ عراق ۾ پوک ڪرڻ جو طريقو، جنهن ۾ ”هَرُ“ ۽ ”ڦيٿو“ شامل آهن.... سي واديء سنڌ مان آندل آهن، (ان ڪري اُتي هڪ شهر جو نالو پڻ ”عُر“ رکيو ويو) ٻيا لفظ، جن جي تشريح ٿيل آهي، سي آهن: ”ايل“ يا ”ايلا“ (خدا-گهر) ”ڪلا“ (ناکئو) ”اوٽا“ (ٻيڙو)، ”مين“ يا ”من“ (مڇي)، ”اُما“ (ماءُ)، ”ٽمپا“ (دهل)، ”پڻتي“ (ڦڻي/ڦڻوٽي)، ”وندر“ (آسمان) ”ڪُت“ (کُتَ)، ”پيٽ“ (وڏو) ”نات“ (نِيات)، ”ميٽي (مِٽي) ”مٽا“ (مٽ) ”وِل“ (پيالو) ”ڪارو“ (پکي) وغيره. مٿي ڄاڻايل ڪي لفظ وندر، ڪارو، ايلا ۽ ٻيا ڪيترائي اُچار اڄ به سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتب اچن ٿا، لفظ ”ايلا“ کي اُچارن لاءِ، ڪي ملاح/مهاڻا پنهنجو نئون ٻيڙو درياهه يا سمنڊ ۾ لاهڻ لاءِ گڏيل زور لڳائيندا آهن، ان مهل هڪڙو چوندو: ”يالا-ايلا“... ته ٻيا گڏجي چوندا ”هيسا“. آڳاٽن دراوڙ لوڪن جو گهڻو واهپو سمنڊ ۽ درياهه سان هوندو هو، ٻيڙو سندن مقدس وسيلو هو، جنهن کي هو خدا جو گهر چوندا هئا ته ڇپر ۽ ڇانوَ به. صدين کان منڇر ڍنڍ جي ڪنارن تي ٻيڙن ۾ رهندڙ ڪٽنب ان ڳالهه جي علامت هئا. سرجان مارشل جو چوڻ آهي ته: ”سنڌي ٻوليءَ جا 19 پَد سنڌوءَ جي اوائلي لپي سان لاڳاپو رکن ٿا، اهي پد آهن: اَ-اِ-اِي-اُو-ڪا-گا-عا-چا-جا-تا-ٿا-پا-با-ما-يا-را-لا-وا-وُو وغيره.

    1975ع ۾ سر اليگزينڊر کي هڙاپا مان هڪ مهر هٿ آئي، جنهن تي لکيل ٻوليءَ کي پروڙيندي ان مان حاصل ”لا-ڇ-م-يا“ (لڇميا) پڙهيائين. جنهن لاءِ خيال ظاهر ڪيائين ته اهو لفظ ٻوڌي دور جي لکتن ۾ موجود آهي. جنهن بعد مختلف ماڳن تان کوٽائي دوران مليل مهرن، تختين ۽ ڦرهين تي لکيل تحرير کي پڙهڻ، پرجهڻ ۽ پروڙڻ جو سلسلو شروع ٿيو. جنهن بعد، ميسوپوٽيميا، ڏکڻ ايران ۾ ايلمائيٽ تهذيب مان حاصل سنڌو لپي، جيڪا پوءِ ايراني نار جي علائقن مان به ملي. بحرين ۽ فليڪ جي کوٽائين مان مليل تحريرن کي پروڙيندي ڊئنش ماهرن اهو خيال ظاهر ڪيو ته: ”مُهين جي دڙي جي تهذيب وچ اوڀر ۾ ”دلمون“ جي نالي سان مشهور هئي ۽ اتي جي ماڻهن کي ”ملهه“ ”ميلهه“ ”ملوڪ“ يا ”ملوخ“ سڏيو ويندو هو. قديم ٻولين بابت هڪ لغت A Dravidian Etymological Dictionary ۾ مهرن تي سنڌو لکت کي پروڙيندي مختلف پدن وچ ۾ هڪ پد ”اڻهه“ يا ”اڻس“ پڙهيو ويو آهي. جنهن مان اندازو لڳايو ويو ته: ان لفظ جي معنيٰ آهي ”ديوتا جهڙو انسان“ ۽ اُڪريل شڪل ۾ ماڻهوءَ جي مٿي تي ڇٽ يا سڱ نظر اچي ٿو.

    گذريل صديءَ جي آخري چوٿائيءَ دوران والٽر - فير سروس جونير، سنڌو سڀيتا پڙهندڙن جي قافلي ۾شامل ٿيو، تنهن سئو کن مهرن کي پڙهڻ جي دعويٰ ڪئي، جن مان ڪن مهرن جا حوالا ڏيندي چيائين ته: ”اِهي ماڻهن جا نالا آهن...“ جن مان ”آرا پيريڪي“، ”آمبارا“ ”چارو ور“ پڙهڻيون پڌريون ڪيائين.

    هينري هيراس نالي ٻوليءَ پارکوءَ گذريل صديءَ جي پنجاهه واري ڏهاڪي کان اڳ قديم لکڻين تي تحقيق ڪئي ۽ ان حوالي سان هن مقالن جو هڪ ڪتاب Studies in the Proto-Indo-Mediterranean Culture I-Bombay 1953 (اوائلي انڊو ميڊيٽرينين تهذيب جو مطالعو) 1953ع ۾ شايع ڪيو. جنهن ۾ سنڌو لکت جي پڙهڻي سمجهڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي وئي آهي. اسان جي ڏيهي ۽ ڪن پرڏيهين جو ڪم ڪجهه سوڌيل سهيڙيل آهي، پر ڪجهه ڪم اڻ سوڌيل ۽ ڇڙ وڇڙ آهي. وڙول ڪبي ته سنڌ ۾ ڪيترا اهڙا لالچند اوڏ جهڙا (شايد) ملي به ويندا، جيڪي پنهنجي سر اهو خير جو ڪم ڪن ٿا پر هتي گهڻن جو ڪم رليو پيو آهي. انور ڏينگڙائي (لاڙڪاڻو) شاهه جي رسالي مان سوين لفظ چونڊي هڪ ڀلوڙ ڊڪشنري جوڙي آهي، سا ته هٿيڪي به هوندي الائي نه؟ ! ... جڏهن ڪنهن ڊڪشنريءَ جو ذڪر آيو آهي ته ڪنهن هڪڙي لغت جو ذڪر ناهي، پر لغاتون آهن.. الائي ڪهڙي برمودا ٽرائنگل ۾گم آهن سراج ميمڻ جي لغت، عطا محمد ڀنڀري جي لغت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مرحوم جي اشتقاقي لغت. اهي اُهي لغاتون آهن، جن سان رڳو ڀٽ ڌڻيءَ کي ڪونه سوجهبو پر اهي سنڌي ٻولي، سنڌو سڀيتا ۽ سنڌ شناسي بابت، گهڻ رخي ڪارج واريون لاڀائيتون لغاتون آهن. سراج ميمڻ ڪافي سال اڳ سنڌين ۽ دراوڙي ذاتين جي ڀيٽ خاطر هڪ لغت بابت سوچيو هو، جنهن لاءِ علامه آءِ آءِ قاضي جي رسالي کي آڌاريو هئائين، جنهن لاءِ شاهه جي ٻوليءَ جي لغت سان گڏوگڏ سنڌي ٻولي جي نظريي کي به ثابت ڪرڻ هو ته سنڌي ٻولي هڪ اصلوڪي ۽ آڳاٽي ٻولي آهي، نه ڪنهن ٻئي هنڌان آئي، نه ڪنهن ٻي ٻوليءَ مان جنم ورتائين. عطا محمد ڀنڀري جي لغت هڪ پبلشر ڇپائي ڏيڻ جي حوالي سان رکي ويهي رهيو، رڳو مسودو حاصل ڪرڻ لاءِ ڀنڀرو صاحب بيمار هئڻ باوجود وٽس هلي ويو. ڀنڀري صاحب جي لغت، آڳاٽي ٻوليءَ جي پروڙ سان گڏوگڏ گهڻ رخي ڄاڻ جي کاڻ آهي ۽ هر دور جي هڪ منفرد لغت آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مرحوم آڳاٽي سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان، سنڌو لکت ۽ ٻوليءَ جي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ ڏيڻ جي سلسلي ۾ محققن جي سهولت لاءِ ”سنڌي لغات“ مان ڪي اهڙا لفظ چونڊيا، جن جا اشتقاق فارسي، عربي، پالي، سنسڪرت يا تاريخي دور واري ڪنهن ڄاڻايل ٻولي مان ثابت نه هجن. البته انهن جي بڻ بڻياد مان ڪن قديم ٻولين جهڙوڪ: دراوڙي، پروٽو ويدڪ،“ منڊا، سميري، مصري يا بابلي جو گمان هجي. ڊاڪٽر بلوچ اهڙن چونڊ لفظن جي هڪ لسٽ (تجرباتي طور) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي تحقيق رسالي ”سنڌي ٻولي“ (اپريل- مئي -جون 1994ع) واري پرچي ۾ ”سنڌو لکت جي ڀاڃ“ جي سري هيٺ شايع ڪرائي. پر اهو ڪم پوءِ جتي هو، اتي ئي رهيو. ان حوالي سان انهن لغاتن جي پوئواري ڪرڻ گهرجي، انهن کي حاصل ڪري مرحليوار ڇپائجي ته سنڌي ادب جو هڪ وڏو خزانو محفوظ ٿي ويندو.

    روزاني ڪاوش، جمع 31 آگسٽ 2012ع ayazalamabro@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو