گنجَ لطيف جا

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏6 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,307
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    گنجَ لطيف جا
    [​IMG]
    اياز عالم ابڙو
    شاهه جي راڳائي ۽ رسالي جي حافظ، تمر فقير جي لکيل گنج بابت ڪيترن ئي ماخدن ۾ حوالا ملن ٿا. ان حوالي سان ان گنج بابت علامه دائود پوٽو مرحوم لکي ٿو، ”تمر فقير وارو ”گنج“ اڏيري لعل جي ساداتن وٽ سالن جا سال محفوظ رهيو. خود سيد گل محمد شاهه جي قضيي تائين هٿيڪو هو، پر پوءِ پونئيرن جي غفلت سبب اُڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويو. سيد محمد صالح شاهه اُڏيرائيءَ جي معرفت، پڇا ڪئي وئي پر پتو ڪونه پيو. مولانا دين محمد وفائي، مرحوم تمر واري گنج بابت ڄاڻايو ته: تمر واري نسخي تان سُرن جي ترتيب موجب ٻه نسخا تيار ڪرايا ويا، جن مان هڪ ڀٽائيءَ جي درگاهه تي رهيو ۽ ٻيو درگاهه ڪريميءَ تي رکيو ويو، جنهن کي بُلڙيءَ وارو نسخو به چون ٿا.

    شاهه جي ڪلام جو کاهوڙي (مرحوم) فقير امداد سرائي، لکي ٿو ته، ”شاهه سائينءَ جا ڪئين قلمي رسالا ۽ گنج ميسر ٻڌجن ٿا، پر انهن ۾ سڀ کان مستند قلمي رسالو يا گنج اهو ليکبو، جنهن جي تحريري صحت ۽ ترتيب، صحيح ۽ سالم هجي. اصل گنج (جيڪو تمر فقير جو لکيل آهي) سو هندوستان ۾ آهي. سنڌ ۾ جيڪي به گنج آهن، انهن مان سڀ کان ڀلوڙ گنج ڪريم پوٽن وٽ سانڍيل آهي. (جيڪو حالانڪه مڪمل ناهي پر صحت ۾ مَلوڪ آهي) فقير امداد سِرائيءَ جي ان راءِ بابت رسالي جي کاهوڙي ۽ محقق ڀُٽي سليم لطيفيءَ جو چوڻ آهي ته: ”لطيف سائينءَ جي وصال کانپوءِ تمر فقير هندوستان جي گجرات واري علائقي ۾ رهائش اختيار ڪئي. جنهن اتي ”شاهه جو گنج“ سهيڙي لکيو، جنهن جي کوجنا ۾ هتان (سنڌ مان) فقير امداد سرائي ٻه ڀيرا پاڻ سان گڏ فقير رمضان جتَ، حاجي خميسي چانڊئي ۽ فقير جمن مڱڻهار کي ساڻ وٺي هندوستان ويو....“

    ڀٽائيءَ جي درگاهه تي رکيل گنج شريف، جنهن تي تحقيق ۽ مطالعي جو شرف مرحوم تاج محمد نظاماڻيءَ کانپوءِ ٽن جلدن ۾ گنج سهيڙيندڙ ٻانهي خان شيخ، ڊاڪٽر دائود پوٽي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ممتاز مرزا مرحوم کي نصيب ٿيو. جنهن کي 1990ع واري ڏهاڪي دوران ان دور جي سيڪريٽري ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه عبدالحميد آخوند جي وڙول سان اصل گنج جو (فوٽو اسٽيٽ) نقل، تحقيق، مطالعي ۽ اُتاري ڪرڻ لاءِ مليو. جنهن بعد ان گنج جو (ابوالحسن واري صورتخطيءَ سان (ڊيمي سائيز عڪسي ڇاپو) ۽ ان سان گڏوگڏ هاڻوڪي سنڌي ڪمپوزنگ سان ممتاز مرزا مرحوم جي ڪيل اتاري جو ”جاڙو جلد“ هڪ سانڍيڪار دٻي ۾ سنڌ جي وڏن ڪتبخانن تي ملي سگهي ٿو. جڏهن ته ان ئي سڄي ڪم جو (قديم لپي ۾ سنڌي لکت ۽ جديد سنڌي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ سان هڪ شاهوڙ جلد (نفيس سُنهري چٽساليءَ ۽ رنگين گُلڪاري سان ڇپايو ويو آهي، نه ته ان کان اڳ تمر فقير جي اوطاق، ڀٽ شاهه تي سانڍيل ان قديم قلمي نسخي جو هر سال ميلي جي موقعي تي يا ڪن خاص ڏيهي پرڏيهي مهمانن، وزيرن سفيرن ۽ سربراهن کي تبرڪ طور فقط ديدار ڪرايو ويندو هو. پر هاڻي ثقافت کاتي طرفان ڇپايل ان گنج شريف کي درگاهه ڀٽائيءَ جي کٻڙ واري پاسي (ساڄي هٿ تي) ورانڊي ۾ هڪ شو ڪيس ۾ سجائي هر عام ۽ خاص جي ديدار لاءِ رکيو ويو آهي.

    هندوستان جي ڪڇ ڀڄ ڳوٺ ڀِٽاري ۾ حاجي ولي محمد جت فقير جي اوطاق تي مهمان ٿياسون، جنهن پنهنجي ذاتي ڪتبخاني مان پنهنجي والد مرحوم حاجي عبدالمطلب (مندواڻي جت) جو هٿ اکرن سان لکيل، شاهه جي رسالي جو مسودو آڻي اسان جي آڏو رکيو، ان گنج جي لکت ۽ سُرن جي سٽاءَ بابت فقير امداد سرائيءَ ڄاڻ ڏني ته: ”اهو نسخو شاهواڻيءَ واري رسالي کان ٿولهه ۾ ٻيڻو، ويڪر ۾ ڏيڍ وڻو، ڊيگهه ٻارهن انچ، لکت واري لپي ”عربي سنڌي رسم الخط ۽ سرن جي سٽاءُ مطابق سر ڪلياڻ کان سر بسنت تائين ڇٽيهه سُرَ هو پر ڪلياڻ وارا شروعاتي صفحا گِهمَ سبب ڳري ويا هيس. باقي 35 سُرَ سلامت هئا. گنج جي حاشئي تي ڪاتبَ نوان بيت پڻ لکي ڇڏيا هئا ۽ آخري صفحي تي گنج لکي پوري ڪرڻ جي تاريخ ”15، بروز جمع، 1336 هجري“، درج هئا. رسالي جي ڪاتب هن پورهئي لاءِ حياتيءَ جا ٻارهن سال ارپيا ۽ پوءِ 79 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيائين.

    هڪڙو ”شاهه جو گنج“ سُگهڙ الهداد جهنجهيءَ هٿ ڪيو، جيڪو ميهار فقير جو سهيڙيل (1371هه کان اڳ جو هو، جنهن جي مهاڳ ۾ سُگهڙ الهداد لکي ٿو ته: اسان پنهنجي طرفان ڪا به هير ڦير يا هٿَ چراند نه ڪئي آهي، جنهن صورت ۾ جا امانت، جيئن ملي تئين ئي ڇپائي وئي.شمس العماءِ مرزا قليچ بيگ جو سهيڙيل ”گنج 1913ع ۾ شايع ٿيل 37 سُر جيڪو بمبئي ڇاپي سان، سرن جي سٽاءُ مطابق هڪ جهڙائي رکي ٿو، رسالي جي مهاڳ ۾ مرزا قليچ بيگ لکي ٿو: ”شاهه جي رسالي جا ٻه جهونا ڇاپا آهن. هڪڙو بمبئي ڇاپو 1866ع ۾ شايع ٿيو، پڻ ساڳي سال ڊاڪٽر ٽرمپ وارو ڇپايل رسالو، انهن ٻنهي ڇاپن ۾ صورتخطي آڳاٽي آهي، جا پڙهڻ ۾ مونجهاري جهڙي آهي. تنهن کانپوءَ ”ڀٽ جي رسالي تان نئون بمبئي ڇاپو 1900ع ۾ ڇپرايو ويو (جنهن کي سرڪاري ڇاپو چئجي ٿو) جنهن جي ڇپائي ته هاڻوڪي آهي، پر ان ۾ چُڪون آهن“ (انهن غلطين کي سڌارڻ لاءِ مرزا مرحوم شاهه جي ان گنج کي ليٽر پريس تان جديد سنڌيءَ ۾ شايع ڪرايو). جنهن جو چوٿون ڇاپو سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران 1994ع ۾ شايع ٿيو.

    ”گنج“ جي دائري ۾ ڌاريي ڪلام سميت ”شاهه جو رسالو:“ 1967ع واري ان بمبئي ڇاپي جو پهريون عڪسي ڇاپو، ڊاڪٽر بلوچ جي نگرانيءَ ۾ اوقاف کاتي ۽ علامه قاضي تحقيقي رٿا هيٺ 1995ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ 36 سُرَ آهن.

    ڊاڪٽر بلوچ طرفان سنڌالاجي لائبريريءَ کي سوکڙي طور ڏنل آخوند فضل علي جو لکيل قلمي نسخو 35 سرن تي آڌاريل آهي، جيڪو 1269 هجري ۾ لکيو ويو.

    سن 1300هه ۾ ميين محمد ۽ ميين حسين، گڏجي هڪ گنج لکي مرتب ڪيو، 42 سرن جي ترتيب کانپوءِ سخن ۽ شاهه عبدالڪريم رحه جا بيت پڻ الڳ سٽاءَ سان ڏنا ويا آهن پر ان کان هڪ سُر وڌيڪ گنج جو ڏس مليو، جيڪو باگوجي ڏانوجي نالي کاهوڙيءَ ترتيب ڏنو، جنهن ۾ 43 سُر سهيڙيل آهن. (هڪ اهڙو گنج ثقافت کاتي جي ڊي جي، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ وٽ به سُجهي ٿو)

    ڀٽائيءَ جي ڀرپاسي آرامي ڏور بيت جو سگهڙ ۽ لطيف شناس مرحوم تاج محمد نظاماڻيءَ (سئو سال اڳ) درگاهه ڀٽائيءَ تي رکيل گنج تان پنهنجي هٿ اکرن سان گنج لکي پورو ڪيو، جيڪو ڪراچيءَ جي هڪ پبلشر 2007ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. هن ڇاپي ۾ 36 سر آهن.

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مرحوم جو پنجاهه قلمي ۽ سورهن ڇاپي رسالن سان ڀيٽيل شاهه جو رسالو، سندس حياتيءَ ۾ 2009ع ۾ سياحت ۽ ثقافت کاتي طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن ۾ سُر ڪلياڻ ۽ فارسي ڪلام پڻ شامل آهي. هن رسالي ۾ سُر ڪيڏاري جو هڪ اضافي داستان ستون پڻ شامل ڪيو ويو آهي.درگاهه ڀٽائيءَ واري گنج کان ٻه سال آڳاٽي هڪ ٻئي رسالي جو ڏس پڻ ملي ٿو، هي دستخط انهن ٻارهن جهونن ”گنج مبارڪن“ مان هڪ آهي. جنهن تي فقير محمد قاسم راهمون جو گنج آڌاريل آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2011ع ۾ ڇپرايو. هي قلمي رسالو ميني فقير سن 1205هه ۾ لکيو. هن گنج جي صفحي 18 تي راهمون فقير ”هڪ آڳاٽي رسالي جو حوالو ڏنو، جنهن ۾ سُر ڪيڏاري جو داستان ستون شامل هو. پر پوءِ ڄاڻ ملي ته راهمون فقير کي هڪ راجستاني ڇاپي، ڊاڪٽر بلوچ واري ڇاپي ۽ بمبئي ڇاپي کان علاوه ڪنهن قلمي يا ڇاپي رسالي ۾ ڪيڏاري جو داستان ستون نه مليو، ان ڪري سُر ڪيڏاري جا ڇهه داستان رکيا ويا. جڏهن ته گنج جي اندرئين صفحي تي ڄاڻايل آهي ته: ”شاهه سائينءَ جي اڳ ڇپيل رسالن کان رهجي ويل بيتن سميت، اٺ هزار بيتن جو تحقيقي ۽ جامع“ شاهه جو گنج....

    روزاني ڪاوش، سومر 31 ڊسمبر 2012ع ayazalamabro@yahoo.com
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو