دِلِ کي ڏاڍو چَيُم، دِلبَرِي تُون نَه ڏي .. منصور حمزه ميراڻي

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
دِلِ کي ڏاڍو چَيُم، دِلبَرِي تُون نَه ڏي
منصور حمزه ميراڻي

دِلِ کي ڏاڍو چَيُم، دِلبَرِي تُون نَه ڏي،
گهاوَ اَڳَ ۾ گَهڻا، دِل وَرِي تُون نَه ڏي.​

آئينءَ دَرَ تي لَڙِي، خُوشبُو گَهرَ ٿِي وَيو،
خُوشبُو ڦَهِلَڻ تَه ڏي، دَرُ دَرِي تُون نَه ڏي.​

واٽَ وِيندي اَگر ڪو مِلي جي وڃئهِ،
تُون اُنَ ڏي نَه ڏِسُ، دَل چَرِي تُون نَه ڏي.​

ماڻُهو ظالمَ اَٿئي، قيدُ ويندَئِه ڪَري،
پَرَ تُون پَنهِنجا پِرِين! او پَرِي! تُون نَه ڏي.​
 
دل ۾ هميشه درد ،گهڻو ڏٺو ويندو آهي .۽ پيار به هميشه دل سان منسوب ڪيو ويندو آهي. ڇا نفرت جو خانو به دل ۾ ئي هوندو آهي ۽ نفرت به دل سان ئي ڪئي ويندي آهي ؟؟؟؟؟؟؟
محمد اسلم عباسي صاحب اوهان جي ونڊ ڪيل شاعري بهترين آهي ،
دوستن جي نظر هڪ سوال آهي مناسب سمجهن ته جواب عطا ڪن
بس اوچتو ذهن ۾ خيال آيو سوچيم متان ڪٿان ورندي ملي وڃي
 
سائين جن جو دليون پيار ۽ احساس کان خالي هونديون آهن، انهن جي دلين ۾ نفرت هوندي اهي.
 
دِلِ کي ڏاڍو چَيُم، دِلبَرِي تُون نَه ڏي
منصور حمزه ميراڻي

دِلِ کي ڏاڍو چَيُم، دِلبَرِي تُون نَه ڏي،
گهاوَ اَڳَ ۾ گَهڻا، دِل وَرِي تُون نَه ڏي.

آئينءَ دَرَ تي لَڙِي، خُوشبُو گَهرَ ٿِي وَيو،
خُوشبُو ڦَهِلَڻ تَه ڏي، دَرُ دَرِي تُون نَه ڏي.

واٽَ وِيندي اَگر ڪو مِلي جي وڃئهِ،
تُون اُنَ ڏي نَه ڏِسُ، دَل چَرِي تُون نَه ڏي.

ماڻُهو ظالمَ اَٿئي، قيدُ ويندَئِه ڪَري،
پَرَ تُون پَنهِنجا پِرِين! او پَرِي! تُون نَه ڏي.

لاجواب....
دل ٿي منهنجي چيو داد ڏيڻ لئه لکان
داد ڪافي ناهي دل چري تون نه ڏي.

.
 
Back
Top