دوستو، هي هڪ تصوير آهي، هندستان جي شهر بنگلور جي هڪ مندر ۾ ۔۔۔ ٻه انڌا ماڻهون پاڻي پيئڻ لئه ات لڳل نل جي ڀر ۾ آيا ۽ نل کي کولڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا ته جيئن پاڻي پي سگهن، پريان هڪ ڀوليءَ ڏٺو ته انڌن کي پاڻي پيئڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي ته ڀڄندي آئي ۽ اچي نل کوليائين، انڌن پاڻي پيتو، پاڻ پاڻي پيتائين ۽ پوءِ هلي وئي ۔۔۔ ڏسو جانورن ۾ به اهڙي انسانيت آهي جا اڪثر اسان انسانن ۾ موجود ناهي هوندي ۔۔۔۔
جواب: جانورن ۾ انسانيت ادا ابڙا صاحب اصل زندگي جو مقصد ئي آهي ٻين لاء جيئڻ۔ شاه صاحب فرمايو آهي ته وڻ ٿا ميوو ڪن پر کائن نه پنهنجو پاڻ ٺڪر ڀتر ڌوڻا ڌار سهن ڪيڏي لڄ لطيف چئي ويچارا سهن پوء به ڦريو ڦر ڪن اديون عبدالطيف چئي۔
جواب: جانورن ۾ انسانيت ڀائڙا اوهانجي ڳالهه سان متفق ٿيندي چئبو ته بيشڪ اسانکي انسان جي درجي تي پهچڻ لئه ڪائنات ۾ موجود هر تخليق سان انساني سلوڪ ۽ انصاف ڪندي سرخرو ٿيڻو آهي، پوءِ اهو خود انسان هجي يا جانور ... هڪ ٻيو عرض ته ادا سائين مٿيون لطيف جو بيت اوهان ڪٿان ورتو آهي، جي ڪو انجو پتو هجيوَ ته ٻڌائجو، ڇاڪاڻ ته بيت ته معنادار آهي پر لطيف جي معيار سان ڀيٽ نٿو کائي ... يا وري ممڪن پنهنجي نظر مان نه گذريو هجي. sindhsalamatsaathsal
جواب: جانورن ۾ انسانيت سائين بلڪل جانورن ۾ انسانيت تمام گهڻي موجود آهي۔۔۔خاص ڪري مان پنهنجي مينهن ۾ سياڻپ ۽ انسانيت ڏٺي آهي۔۔۔ڇوته مان ڪجھ وقت ڌنار ٿي به گذاريو آهي۔۔۔۔۔واھ واھ اُهي ڏينهن به ڇا ڏينهن هوندا هئا۔۔ها باقي ڀولڙن جهڙو چالاڪ ۽ حرڪتي جانور شايد ئي ٻيو هجي۔۔۔
جواب: جانورن ۾ انسانيت [justify]ادي رشيد جي ونڊ ڪيل تصوير ٻڌائي ٿي ته انسان به جڏهن چڱائي جا ڪم ڪندو آهي ته مٿس فرشتا به سلامي ٿيندا اٿس ۔۔۔ انسان جو درجو ته دنيا جي هر شئي کان اعلا آهي بلڪه رب العالمين کانپو جيڪڏهن ڪنهن جي عظمت آهي ته اها آهي انسان جي ۔۔۔ پر ماڻهون سڀ نه سهڻا ۔۔۔ جي ماڻهون سهڻو ٿئي ته فرشتا به سجدو ڪن ۽ جي ماڻهون ڪوجهو ٿئي ته الامان الامان ۔۔۔ شيطان به شرمائجيو وڃي ۔۔۔ حضرت علي ڪرم الله وجهه جي دعا آهي ته؛ اي منهنجا رب مون جهڙو سوچيو هو تون انکان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ سهڻو آهين، پر اي منهنجا رب مونکي اهڙو ٺاهه جهڙو تون چاهين ٿو۔“ سو اسانجي به دعا آهي ته اي رب العالمين اسانکي انسان جي عظمت تائين پهچائي ۔۔۔ آمين[/justify]
جواب: جانورن ۾ انسانيت وڻ ٿا ميوو ڪن پر کائن نه پنهنجو پاڻ،، ٺڪر ڀتر ڌوڻا ڌار سهن،، ڪيڏي لڄ لطيف چئي ويچارا سهن،،پوء به ڦريو ڦر ڪن اديون عبدالطيف چئي۔ ادا ابڙا صاحب لڳي ته مون به ائين ٿو ته اهيو شاه جو بيت نه آهي۔۔۔ ڇو جو شاه جي انداز بيان ئي پنهنجو آهي ۽ شاه کي پڙهندڙ کي خبر پئجي ويندي آهي ته اهيو شاه جو بيت، يا وائي نه آهي ۔۔۔۔ يا پوء مڪمل ائين نه آهي ۽ سندس سيٽنگ ائين نه آهي ، ۽ مون به اڄ تائين اهيو بيت شاه جي ڪنهن رسالي يا ڪتاب ۾ ناهي پڙهيو۔ نه ئي وري ڪنهن وڏي مشهور سنڌي عالم اديب کان ٻڌو آهي۔ هون به ڪافي اهڙا بيت آهن جن کي شاه ڏانهن منسوب ڪيو ويندو آهي ، جيئن سر ڪيڏاري لاء ڪجهه عالمن جا ته اهي رايه آهن ته اهيو سڄو سر ئي شاه جو نه آهي ۽ علامه ڊاڪٽر دائودپوٽه صاحب جن ته پنهنجي هڪ مضمون ۾ اهيو به ثابت ڪيو آهي ته ان سر ۾ ڪافي اهڙا بيت آهن جيڪي احسان فقير جا چيل آهن ۽ اهو احسان فقير شاه صاحب جي مريدن مان هو۔ ادا باقي توهان کي اهيو به ٻڌائيندو هلان ته هي بيت مون ٻاراڻي عمر ۾ دادو شهر ۾ پنهنجي هڪ پاڙيسري پيرسن ۔ محمد جمن ڏاهري صاحب ( جنهن کان مان ڪافي ڳالهيون سکندو رهندو هئس، ۽ اهو پيرسن چاچا مون کي پنهنجي زندگي جا تجربه پڻ ٻڌائيندو رهندو هو، جنهن جي عمر 100 سال کان به مٿي هئي، پاڻ ڪڏهن ڪڏهن هي شعر يا بيت سرائڪي ۾ ٻڌائيندو رهندو هو ۔۔۔۔ ڪالي وال ڪلور ڪتياني،، اڇي وال وڪوڙ ڳئي،، لوهه ڪنون به ڏند ڏادي سي بي هاڻي ڀڄ ڳئي،، سڀڪو آکي چاچا ماما اهيا جٺ به جوڙ ڳئي،،، دعا آهي ته الله سندس بشري مدايون ميٽي ڪري جنت الفردوس ۾ جايون ڏئي آمين ) کان ٻڌو هو ۽ ان مون کي اهيو بيت ائين ئي ٻڌايو هو جيڪو مون پاڻ وٽ لکي چڏيو هو۔ ۽ ان مون کي اهيو ٻڌايو هو ته اهيو شاه عبدالليف ڀٽائي رح جن جو بيت آهي، باقي منهنجو رب ئي بهتر ٿو ڄاڻي۔ ته حقيقت ڇا آهي۔
ادا ان بيت تي اسان وٽ مسئلو هڪڙا دوست چون ٿا شاهه جو بيت آهي ٻيا چون ٿا ته شاهه جو نه آهي مون شاهه جي رسالي ۾ اهو بيت نه پڙهيو آهي اهو تحقيق ڪري ٻڌائيندا ته اهو بيت ڪنهنجو آهي