مدهوش رڳو مدهوش نه آ، هي عالم ئي ديوانو آ

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,307
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    مدهوش رڳو مدهوش نه آ، هي عالم ئي ديوانو آ
    سعيد سنڌي

    مون کي اهو ته ياد ناهي ته مون شاعري ڪرڻ جو ڇو سوچيو هوندو، ڪيئن خيال آيو هوندو، پر شاعري ڪرڻ دوران ڪنهن باقاعده مشاعري ۾ پهريون ڀيرو مون لاڙڪاڻي ۾ شرڪت ڪئي. هِن مشاعري ۾ مون کي سائين احمد خان مدهوش وٺي ويو هو، هي لڳ ڀڳ 1985ع جو زمانو هو. جڏهن جوهي جي شاعراڻي لڏي ۾ عزيز ڪنگراڻيءَ کانپوءِ منهنجي ملاقات خليل عارف سومري سان ٿي. خليل عارف سائين احمد مدهوش جو وڏو پُٽ آهي. جنهن ڪجهه ڏهاڙن کان پوءِ هڪ دڪان تي منهنجو تعارف پنهنجي والد يعني سائين مدهوش سان ڪرايو. ان زماني ۾ شاعراڻيون بزمون ڏاڍيون سرگرم هُيون. لاڙڪاڻي ۾ بزم فيض بخشاپوريءَ پاران هي مشاعرو ٿيو. جنهن ۾ مون پڻ هڪ غزل پڙهيو- حافظ علي بخش جمالي، سرڪش سنڌي، قاضي مقصود گل، نواز رڪڻائي، آثم ناٿن شاهي، اسحاق راهي ۽ ڪجهه ٻيا نالا ان مشاعري جي حوالي سان ياد پيا اچن. بعد ۾ اسين بزمن جي چڪر مان نڪري سنڌي ادبي سنگت جو رستو ورتو ۽ سنڌي ادبي سنگت جوهيءَ جي گڏجاڻين ۾ نوجوان شاعرن سان گڏ سائين احمد خان مدهوش پڻ شريڪ ٿيندو هو. جوهي ۾ اڄ تائين نوجوانن ۽ شهرين جي وڏي اڪثريت کيس ”سائين احمد خان“ ئي سڏيندي آهي. هُو جوهي جو پراڻو سينئر ترين پرائمري استاد هو. نوجوانن جو وڏو حصو وٽس تعليم پرائڻ سبب کيس ”سائين“ سڏيندو هو- پر سندس شاعراڻو نالو مدهوش هو. ان ڪري کيس سائين احمد خان يا سائين مدهوش سڏيندا هُئاسين. مذهبي شاعري پڻ وڏي مقدار ۾ ڪيائين، انقلابي شاعري پڻ. پر سندس رومانوي شاعري ڪمال جي شاعري هُئي. اُن ۾ وري ”تجنيس حرفي“- هڪ جهڙا لفظ الڳ الڳ معنائن سان شاعري ۾ ڪتب آڻڻ ۾ سائين مدهوش جو وڏو ڪمال هو.

    جڏهن کان اک لڳي توسان
    تڏهن کان اک لڳي ناهي

    جڏهن کان چاڪ ڪئي دل تو
    تڏهن کان چاق ٿي ناهي.​


    سندس اهڙا رومانوي غزل بعد ۾ فنڪارن وڏي شان سان ڳايا ۽ اُهي ڪلام مقبول بڻيا، پر اسين اهي سڀ ڪلام ننڍي هوندي کان سندس واتان ٻڌا ۽ ياد ڪيا. اڄ ڏينهن تائين ياد آهن. جيتوڻيڪ مون کي شاعري ياد نه هوندي آهي، پر سائين مدهوش جي شاعريءَ جي شايد اِها سگهه آهي جو سندس چيل سِٽون اڄ ان وقت ذهن تي تري اچي رهيون آهن، جو کيس لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڪجهه به ناهي. سندس آخري ملاقات ڪجهه مهينا اڳ ڪراچيءَ ۾ ثقافت کاتي جي پروگرام ۾ ٿي- جڏهن بيماريءَ کان چاق ٿي آيو هو. مون کي سائين مدهوش ڏاڍو ڀڙ لڳو- پر ڪجهه عرصو اڳ کيس ٻيهر گردن جي علاج واري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ڪيترائي ڀيرا آخري ڏهاڙن ۾ ملاقات جي ڪوشش ڪرڻ باوجود ساڻس حياتيءَ ۾ آخري ملاقات ڪانه ٿي سگهي. موت برحق آهي، هر ڪنهن کي مرڻو آهي، پر هڪ صحافي دوست کان جڏهن خبر ملي ته احمد خان مدهوش لاڏاڻو ڪري ويو. سچ ته ڪجهه وقت لاءِ سوچن ۾ ٻڏي ويس. جوهيءَ جا سمورا منظر، سائين مدهوش جي شاعري، ادبي محفلن ۾ ڦڏا، جهيڙا جڳهڙا، سياسي بحث مباحثا، مشاعرا، ادبي سنگت جون گڏجاڻيون سڀ ڪجهه ذهن جي اسڪرين تي فلم وانگر منظر بدلائيندا رهن ٿا.

    ”سائين مدهوش موڪلائي ويو“

    جوهي شهر ۾ واقعي به سائين مدهوش لاءِ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي. زندگيءَ جا سڀ ڦڏا، سڀ خوشيون غم، جهيڙا جهڳڙا زندگي پاڻ سان گڏ کڻي ويو- بس باقي وڃي رهيون يادگيريون. سائين احمد خان مدهوش هميشه جيئندو رهندو. جوهي جي ادبي کيتر ۾ جوهي واسي اڪبر جسڪاڻيءَ کي اڃا تائين ڀلائي نه سگهيا. سندس نالي سان واڳيل لائبريريءَ ۾ هر سال سندس ورسي ملهائي ويندي آهي ۽ سائين احمد خان مدهوش ته اڪبر جسڪاڻيءَ کان به جوهي جي وڏي سُڃاڻپ آهي. سائين مدهوش سنڌ ۾ وڏي پائي جي شاعرن ۾ ڳڻيو ويندو هو. مخدوم طالب الموليٰ ۽ استاد بخاري، کان پوءِ سندس سنڌي توڻي سرائيڪيءَ جي رومانوي شاعريءَ ۾ ڪمال جي منظر نگاري ۽ عوامي ٻولي نظر اچي ٿي. عوامي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪرڻ سبب کيس عوامي شاعر طور ياد ڪيو وڃي ٿو.

    سر لڳي سهڻي سڄڻ سان سر لڳي
    دل جي دلبر من جي من سان سر لڳي

    سائين احمد خان مدهوش کي موجوده سرڪار ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر پڻ بڻايو ويو هو. بورڊ جو نئون ڍانچو جڏهن جڙي رهيو هو ته تعليم واري وزير پير مظهرالحق سندس نالو بورڊ لاءِ تجويز ڪيو هو. سندس سياسي وابستگي جيتوڻيڪ پيپلز پارٽيءَ سان رهي، پر پاڻ قومي شاعري ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيائون.

    ماڻهوءَ کي ٿو کائي ماڻهو
    آهي ڪو سمجهائي ماڻهو
    رڍ ٻڪريءَ جي چوري ناهي
    ماڻهوءَ کي چورائي ماڻهو

    آهي ڪو سمجهائي ماڻهو.
    سائين احمد خان مدهوش جوهي شهر جو هڪ سٺو استاد هو، جنهن جوهي پرائمري اسڪول ۾ زندگيءَ جي وڏي عرصي تائين ٻارڙن کي پڙهايو، علم جي خدمت ڪئي. سندس شاعري ۾ ڪاڇي يا جوهيءَ جي هميشه واکاڻ ملندي هُئي.

    جاني آ تون جوهي
    جوهي هي مکڻ موهي
    تيڪون رب دي ڊوهي
    جاني آ تون جوهي.
    هڪ هنڌ هيئن به چيو اٿائين ته:

    جيوين وسي پير فريد دي روهي
    تيوين وسدي رهي مدهوش غريب دي جوهي.
    شاعريءَ جون هي سٽون بلڪل ياداشت جي بنياد تي لکجي رهيون آهن. ان ڳالهه جو گهڻو امڪان آهي ته سٽن ۾ ڪٿي گهٽ وڌائي لهجي يا گهاڙيٽي ۾ ڪٿي ڪو فرق هُجي، پر هي سٽون لکڻ وقت ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ يادن اندر سنڀاريل اُهي سٽون لکي رهيو آهيان، جن جو مفهوم ويهارو سال گذري وڃڻ باوجود اڄ به جيئن جو تيئن آهي. اردو شاعرن ۾ احمد فراز هميشه منهنجي پسند جو شاعر رهيو، پر مون کي سندس گهڻا شعر ياد نه رهيا. سنڌي شاعرن ۾ استاد بخاريءَ جو مان هميشه مداح رهيس، پر بخاري جي ايڏي شاعري مون کي ياد ناهي پر سائين مدهوش جا اهي سمورا شعر ياد رهيا جيڪي مون کي پسند رهيا، اُهي سٽون ڪڏهن به مان وساري ڪونه سگهيس.

    دل ۾ ڏکن جو ديرو سٿري ته ڳالهه ڪانهي،
    اُن ۾ ڪرڻ بسيرو سٿري ته ڳالهه ڪانهي.
    آخر علاج ڪهڙن ڪهڙن ڦٽن جو ٿيندو،
    اندر آ ٻيرو ٻيرو سٿري ته ڳالهه ڪانهي.
    هڪڙو زخم هُجي ها شايد ڇٽي وڃي ها،
    رڳ رڳ ۾ آهي ڇيرو سٿري ته ڳالهه ڪانهي.
    مدهوش سنگدل جي ايڏين عنايتن جو،
    ويهي ڪجي نبيرو سٿري ته ڳالهه ڪانهي.
    سندس مٿيون ڪلام منظور سخيراڻي ان زماني ۾ ڳايو جڏهن منظور سخيراڻيءَ جو به عروج هو- ۽ اهو گهڻو ڪري تڏهن استاد بخاريءَ کي ڳائيندو هُئو. جوهي ۾ محفل جي هڪ شام دوران موسيقي جي محفل شروع ٿيڻ کان اڳ منظور سخيراڻي کي هڪ ڪلام سائين مدهوش لکي ڏنو ۽ منظور سخيراڻي ياد ڪيو. ان کان اڳ سندس مشهور ڪلام ”مدهوش رڳو مدهوش نه آ، هي عالم ئي ديوانو آ“ عام طور تي ڳايو ويندو هو. سنڌي ٻوليءَ جي ٻن وڏن شاعرن استاد بخاري ۽ سائين مدهوش جي پاڻ ۾ نه لڳندي هُئي، پر ٻنهي شاعرن کي کوڙ ڀيرا اسان ساڳي محفل ۾ هڪ ٻئي جو احترام ڪندي پڻ ڏٺو. ٻئي شاعر استاد هُئا، ٻئي شاعر هُئا، ٻئي دادو جا هُئا، ٻئي ڪمال جي رومانٽڪ شاعري ڪندا هئا، عوامي ٻولي استعمال ڪندا هُئا. اهو ضرور هو ته ذهني طور ٻنهي ۾ تضاد هُئا. سائين مدهوش ان فڪر جو هو جيڪو فڪر ”آزاد نظم“ يا نثري نظم کي شاعري مڃڻ لاءِ تيار نه هو. سائين بخاري چوندو هو هر اُها شاعري شاعري آهي، جيڪا ڳائي ويندي آهي. استاد بخاري پاڻ جيئن ته موسيقار پڻ هو، ان ڪري آزاد نظم لکي ان کي جهونگاريندو پڻ هو. پر سائين مدهوش پابند شاعري ۾ وري الڳ مقام رکندو هُئو. مدهوش جي شاعري ۾ محبتن جو عڪس ملندو هو. ان ڪري کيس محبتن جو شاعر چئجي ته به غلط ٿيندو.

    جي سامهون اچين ٿو ته تابش ٿي ماري،
    لڪين ٿو ته ڳولا جي خواهش ٿي ماري.
    جي ڪاوڙ ڪرين ٿو ته ڪاوڙ ڪهي ٿي،
    جي پرچي پوين ٿو ته نوازش ٿي ماري.
    اکين تي نه الزام مدهوش ڌرجانءِ.
    اکين کي به دل جي سفارش ٿي ماري.
    سائين مدهوش عظيم انقلابي اڳواڻن تي به شاعري ڪئي آهي، محترما بينظير ڀٽو تي سندس ڳچ شاعري ٿيل آهي. سندس شاعريءَ جو انتهائي ٿورو حصو شايع ٿيل آهي، پر شاعري جو وڏو حصو اڃا تائين سندس پٽن ۽ نياڻين وٽ امانت جي صورت ۾ ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ پيل آهي. سائين مدهوش اسان وٽ جسماني طرح نه رهيو. پر روحاني طرح ۽ يادن ۾ هُو اسان وٽ هميشه رهندو. 26هين جون ڇنڇر ڏينهن دنيا ۾ اذيتون برداشت ڪندڙن سان ايڪتا جو ڏينهن طور ملهايو ويو. اسلامي طور 13هين رجب حضرت علي السلام جي ولادت جو ڏهاڙو هو، پر سنڌي شاعري علم، ادب ۽ جوهيءَ سان چاهه رکندڙن لاءِ سائين مدهوش جو وڇوڙو هڪ اڻ وسرندڙ ڏينهن جي طور ياد رهندو. ها سائين مدهوش اسان کي هميشه ياد رهندو، هر روپ ۾.

    THURSDAY, 1 AUGUST 2013 Posted by SAEED SINDHI
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو