رقصِ قلندر

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,307
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    رقصِ قلندر
    [​IMG]

    منظور ميراڻي
    ذڪر جڏهن ڀٽائيءَ جو اچي ٿو، تڏهن تصور تنبوري جي تارن ۾ اٽڪڻ لڳي ٿو، راڳ جا الاپ آسمان ڏانهن اڏام جو احساس ڏيارين ٿا ۽ جڏهن ذڪر لعل شهباز قلندر جو اچي ٿو، تڏهن لنئون لنئون رقص ۾ رنڱجي ٿو وڃي. سنڌ جا ٻه صوفياڻه درگاهه، ڀٽائي ۽ قلندر، جن مان هڪ درگاهه جي سڃاڻپ راڳ آهي ۽ ٻئي درگاهه جي سڃاڻپ رقص آهي...ساز، راڳ، رقص ڇا آهن؟ هڪ ئي منزل جا ٽي رستا....رستا ته الڳ الڳ آهن پر منزل هڪڙي...پرينءَ کي پرچائڻ جي منزل...صوفين لاءِ ته رقص ۽ زندگي هڪڙي شيءِ جا ٻه نالا آهن. هو زندگيءَ ۾ رقص، ۽ رقص ۾ زندگيءَ کي تلاش ڪن ٿا ۽ ٻنهي ۾ ان کي تلاش ڪن ٿا، جيڪو انسان جي اندر ۾ ويٺو آهي ۽ اهو فقط تڏهن ئي ماڻي سگهجي ٿو، جڏهن من جي ميراڻ مان نجات ملي ٿي. رقص ان ميراڻ مان نجات جو عڪس ئي ته آهي. لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي لڳندڙ ڌمال ۾ من جي ميراڻ ڪيئن ٿي ڌوپجي، سو ته ڪير ان کان پڇي، جيڪو اتي آس پاس جي ماحول کان بي پرواهه ٿي نچڻ لڳي ٿو. قلندر جي درگاهه تي ماڻهن جا هجوم هجن ٿا، پر جيڪو محوِ رقص هجي ٿو، سو اڪيلائي جي هڪڙي اهڙي هجوم ۾ هجي ٿو، جتي هو پاڻ سان پاڻ ملاقات ڪري رهيو هوندو آهي. پاڻ سان پنهنجي ملاقات ئي ته وڏي حاصلات هجي ٿي، جنهن حاصلات لاءِ قلندر جي درگاهه تي نچڻ جا انتظام ٿين ٿا. قلندر لعل شهباز به ائين ئي ته پاڻ سان پاڻ ملاقات ڪئي هئي، هن به ايئن ئي ته نچي نچي پرين پر چايو هو. هن به ايئن ئي ته هجومن کان بي پرواهه ٿي، ڀري بازار ۾ رقص ڪيو هو. جنهن جي شاهدي ان جي هنن فارسي سٽن مان پسجي سگهجي ٿي ته:

    ز عشق دوست هر ساعت، درونِ نار مي رقصم
    گهي درخاڪ مي غلطم، گهي برخار ميرقصم
    شدم بدنام در عشقش، بيا اي پارسا اڪنون
    نمي ترسم ز رسوائي، به هر بازار ميرقصم

    (يار جي عشق ۾، هر گهڙيءَ، باهه جي مچ تي نچان ٿو. ڪڏهن مٽيءَ ۾ ٿو ليٿڙجان ته ڪڏهن ڪنڊن تي نچان ٿو. زاهد اچي ڏس ته ڪيئن سندس عشق ۾ بدنام ٿيو آهيان، ڪنهن به خواريءَ کان نٿو ڊڄان، ڀري بازار ۾ نچان ٿو.)

    هي ڌمالون، هي رقص ۽ هيءَ بي خودي ان ئي قلندريءَ جو تسلسل آهي، جيڪا قلندري مرند مان نڪتي، ملتان ۾ ميلا مچايائين ۽ پوءِ لڪيءَ جا لُڪ لتاڙي سيوهڻ شريف پهتي ۽ اتي هڪ اهڙو ميلو متو، جنهن کي اڄ 760 سال ٿي چڪا آهن. هن درگاهه جي زيارت لاءِ پانڌيئڙن جا پنڌ ته سڄو سال رهن ٿا، پر ميلي جي موقعي تي پانڌئيڙن جا هجوم ڪجهه سوايا هجن ٿا، جيڪي قلندر لعل شهباز جي ولادت جو جشن ملهائڻ لاءِ قافلن جي صورت ۾ درگاهه تي حاضري ٿا ڀرين. ڪي پنل مرادن جا پڙ ٿا چاڙهين، ته ڪي وري مرادون پوريون ٿيڻ لاءِ پڙ باسڻ اچن ٿا. قلندر جي درگاهه تي ڪيترن عقيدتمندن جون حاضريون رڳو هڪ ڏينهن يا چند ساعتن جون نٿيون هجن، پر راتين جون راتيون قلندر لعل شهباز جي حاضريءَ ۾ اهي درگاهه تي ترسيل هجن ٿا. وٽن رهڻ لاءِ درگاهه جو اڱڻ ۽ کائڻ لاءِ اهو لنگر هجي ٿو، جنهن جي برڪتن ۾ ڪڏهن ڪا ڪمي ناهي آئي. عورتون، مرد، ٻڍا، ٻار...ڪير آهي، جنهن جي اندر ۾ قلندر جي عقيدت جا چشما نٿا وهن؟ ۽ ڪير آهي، جنهن کي انهيءَ عقيدت جي موٽ محبت ۾ نٿي ملي؟ ڪير آهي، جنهن جون خالي جهوليون نٿيون ڀرجن؟ ڪجهه ته آهي، جو حاڪم به ان در جون حاضريون ڀريندا رهيا آهن....ڪن جي ڀاڳ جا دروازا ته کليا هوندا، جو درگاهه تي دروازا به سونا لڳا آهن. ڪجهه ته آهي، جو اتي ڏينهن به نٿو سمهي ۽ راتيون به جاڳنديون رهن ٿيون. ڪجهه ته آهي جو بازارون بند نٿيون ٿين، ڪجهه ته آهي، جو روشني مڌم نٿي ٿئي.

    لعل قلندر ۽ سيوهاڻي بزرگ:
    اهي سڀ نگريون، جتي بزرگ اچي آباد ٿيا، سي نگريون وسنديون ئي رهيون. هتي جيڪي مرادون پنڻ اچن ٿا، انهن کي ڪڏهن به رهائش ۽ مانيءَ جو فڪر نٿو هجي....سڀني کي خبر هجي ٿي ته سيوهڻ سخين جي سرزمين آهي، اهي سخي، جيڪي قلندر سائين جا پيارا رهيا ۽ جن لعل قلندر کان سخاوت سکي. ڪير قلندر جي نگري وڃي ۽ سخي سڪندر بودلي بهار کي ياد نه ڪري، سو ڪيئن ممڪن آهي؟ هونءَ به روايت آهي ته قلندر لعل شهباز جا زيارتي پهرين حاضري بودلي بهار جي درگاهه جي ڀرين ٿا. روايتن موجب جيڪا تلقين خود لعل شهاز قلندر جي ڪيل آهي ته، منهنجي درگاهه تي اچڻ کان اڳ بودلي جي درگاهه تي وڃو....لعل سائين جي هن پياري پوئلڳ بودلي جو سرمدي سلسلي سان ڪيترو تعلق رهيو، سا خبر ته ڪونهي، پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته مخدوم سڪندر بودلو وڏي علم وارو هو، شروعات ۾ ديني درس ڏيندو رهيو، ان کان پوءِ جذبي ۾ اچي بودلو ٿي پيو ۽ سدائين بي لباس رهندو هو. جيئن لعل سائين جي درگاهه تي سدائين ڌمال لڳي ٿي، ايئن ئي بودلي بهار جي درگاهه تي سماع سدائين ٿيندو ئي رهي ٿو. درگاهه جي اڱڻ ۾ ڪو نه ڪو ڳائڻو، ڪو نه ڪو سازندو، سدائين بودلي جي حاضريءَ ۾ رهي ٿو. جڏهن قلندر لعل شهباز سنڌ پهتا، تڏهن هتان جي ان دور جي بزرگن سان سندن ملاقاتن جو روايتون به تاريخ ۾ درج ٿيل آهن. سيوهڻ پهچندي رستي ۾ جبلن جون قطارون اچن ٿيون، انهن قطارن سان گڏ ڪيتريون ئي انساني وسنديون آباد آهن، انهن ئي وسندين مان هڪ وسندي اهڙي به آهي، جتي سائين صدر الدين شاهه لڪياريءَ جو ماڳ آهي. جبلن جي هنج ۾ قائم هي ننڍڙو ڳوٺ سائين صدرالدين شاهه لڪياريءَ جي نسبت سان لڪي سڏجي ٿو. جيئن تبت جي پهاڙن ۾ مانڪس رهندا آهن، هن ڳوٺ کي ڏسي ايئن ئي لڳندو آهي، ڄڻ هيءَ وسندي اتان کان ٽٽي سنڌ پهتي هجي، جتي لڪياري سائينءَ جا عقيدتمند صدين کان آباد آهن. سيدن جي لڪياري سلسلي جو شجرو هن بزرگ سان ئي ڳنڍيل آهي. سائين صدرالدين شاهه لڪياري اهو بزرگ آهي، جنهن جي صحبت حاصل ڪرڻ کي قلندر لعل شهباز به ترجيح ڏني هئي. ان حوالي سان ڪي روايتون به جڙيون، انهن مان هڪ روايت اها به آهي ته، جڏهن لعل شهباز قلندر لڪيءَ ۾ سائين صدر الدين شاهه لڪياريءَ جي محفل ۾ وڃي ويٺا ته اتي ڳالهيون هلندي، سائين صدر الدين شاهه محفل ۾ ويٺل ڪنهن فقير کي پاڻيءَ جو دلو ڀري اچڻ لاءِ چيو، اهو فقير پاڻيءَ جو دلو ڀرڻ لاءِ اٿي، ان کان پهرين ئي لعل سائين وچ ۾ چيو ته ”مان دلو ڀري اچان“، جنهن جي جواب ۾ سائين صدر الدين شاهه وراڻيس ته، ”نه تنهنجو پاڻي ڀريل آهي.“ پيرن، فقيرن ۽ بزرگن جي هر ڳالهه علامتي هجي ٿي، جنهن ڪري ان جملي جو مقصد به اهو ئي هو ته، ”قلندر، تون بزرگن کان پرائي چڪو آهين، تنهنجو پاڻي اڳواٽ ئي ڀريل آهي.” پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاريءَ ۾ پهچڻ کان پهرين واقعي به قلندر سائين ننڍي عمر ۾ ئي گهڻو ڪجهه پرائي چڪا هئا. سن بلوغت کي پهتا ته بابا ابرهيم جي خدمت ۾ حاضر ٿي ان جا مريد ٿيا. حضرت لعل شهباز روحاني علم جي جستجو ۾ عراق، مصر، ايران ۽ عرستان ويا، جنهن کان پوءِ ساڳيون روحاني رمزون ونڊڻ لاءِ افغانستان، هندستان، ملتان ۽ سنڌ جو سفر ڪيائون. هندستان ۾ سندن همعصر بزرگن ۾ شاهه جلال سرخ پوش، بابا فريدالدين شڪر گنج، بهاءُالدين ذڪريا ملتاني ۽ شير شاهه جلال رهيا آهن. علي سرمست، قلندر سائين جو پيارو، جيڪو لعل سائين جي مزار جي اندرئين دروازي وٽ ساڄي پاسي کان مدفون ٿيل آهي. هو هتي اڄ به ايئن ستل آهي، ڄڻ سندن دربان هجي. علي سرمست کي لعل سائين جو وزير به ڪوٺين ٿا، ڇاڪاڻ جو هو سنڌ اچڻ واري وقت کان وٺي لعل سائين سان گڏ آيا هئا. چيو وڃي ٿو ته علي سرمست قلندر لعل شهباز جي ويجهي دوست سيد جلال بخاريءَ جا فرزند هئا، جيڪي بغداد مان لعل سائين سان گڏجي هتي آيا هئا، ۽ آخري دم تائين قلندر سائين جن سان گڏ رهيا. لعل سائين جن جي پهرين عرس مبارڪ جو اهتمام به علي سرمست پاران 674 هجريءَ ۾ ڪيو ويو هو، جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. سرڪاري رڪارڊ ۾ هن شهر جو نالو ڀلي سيوهڻ ئي لکيل هجي، پر دنيا لاءِ هيءُ شهر قلندر جي نگري آهي. اهو شهر، جنهن لاءِ مشهور آهي ته هتي سوا لک بزرگ مدفون آهن. دوريشن ۽ بزرگن جي آرامگاهه واري هن شهر ۾ بابا ابرهيم جتي ستي به آهي، سخي بودلو بهار به آهي، ڇٽو آمراڻي به آهي، سائين جمن جتي به آهي ته سائين عبدالقادر جيلاني رحمت الله عليه جي فرزندن ۽ پوٽن جون مزارون به هن ئي شهر ۾ آهن. هتي ئي لعل باغ جي ڀرسان سائين ڪشتيءَ وارو به آرامي آهي، ته بابا سائين احمد علي قريشيءَ جي آخري آرامگاهه به هتي ئي آهي. مخدوم قاضي برهان الدين، شيخ نخرج، سيد محب، شيخ حاجي سوڍو، شيخ دودو، قاضي ڏتو، سيد سالار غازي به هتي مدفون ٿيل اهي بزرگ آهن، جن جي بزرگيءَ جا ڪيترائي قصا هتان جي ماڻهن کي برزبان ياد آهن.

    صوفين وٽ غرور تان دستبردار ٿيڻ جو فلسفو:
    قلندر لعل شهباز هڪ عالم هو، پر ان سان گڏ هڪ درويش ۽ قلندرِ بي نياز هو. سندن شهرت به اها ئي ڦهلبي رهي، يعني عالم ته ماڻهن کان وسري ويو، پر قلندر ماڻهن جي دل ۾ رهجي ويو. قلندر لعل شهباز غرور کي سدائين پٺي ڏني، شايد ان ڪري ئي جن وٽ غرور آهي، سي به جڏهن قلندر لعل شهباز جي درگاهه تي اچن ٿا ته مٿو جهڪائڻ ۾ ئي تسڪين ٿا ماڻين. قلندر لعل شهباز جي مزار تي موجود اهو پٿر، جنهن کي ”گلوبند“ چون ٿا، سو غرور کان انڪار جي ئي علامت آهي. تاريخ موجب اهو پٿر اصل ۾ امام زين العابدين جو تبرڪ هو، جيڪو ان وٽان شاهه جمال مجرد کي مليو، جنهن پنهنجي مريد بابا ابراهيم کي ڏنو، جنهن وري اڳتي هلي اهو پٿر پنهنجي مريد لعل شهباز کي عطا ڪيو. درگاهه تي ايندڙ عقيدتمند دردن جي دوريءَ لاءِ انهيءَ گلوبند ۾ پاڻي وجهي گلاس ۽ بوتلون ڀرين ٿا ۽ تبرڪ طور لعل سائين کي پنهنجي مرشد کان مليل ان پٿر کي چمندا ٿا رهن، جو انهن جو ايمان آهي ته، جنهن گلوبند ۾ حصرت زين العابدين عه ۽ لعل سائين جي هٿن جي خوشبوءِ آهي، سو سندن ڏک ضرور دور ڪندو. گلوبند سدائين لعل سائين جي ڳچيءَ ۾ لڙڪيل هوندو هو، جنهن جو سبب اهو هيو ته جيئن ان جي وزن جي ڪري ڪنڌ سدائين هيٺ جهڪيل رهي، ۽ ماڻهو غرور نه ڪري سگهي. صوفين سدائين غرور جي نندا ڪئي، ان ڪري قلندر لعل شهباز جهڙي صوفيءَ جي درگاهه تي جيڪي عقيدتمند وڃن ٿا، سي درگاهه جي چائنٺ تي ئي غرور تان، انا تان ۽ ايگو تان دستبردار ٿين ٿا، اها ئي ڪيفيت هجي ٿي، جڏهن انسان پنهنجي پاڻ سان ملي ٿو، جڏهن انسان کي پنهنجي تڪميل جو احساس ٿئي ٿو.

    سيوهڻ جون تاريخي جهلڪيون:
    سيوهڻ جو قديم قلعو، جنهن کي تاريخي اهميت حاصل آهي، ان جا کنڊرات اڄ به شهر جي اتر ۾ موجود آهن. اهو قلعو سڪندر اعظم کان اڳ، هندو راجائن تعمير ڪرايو هو. هن قلعي جي ساخت مان معلوم ٿئي ٿو ته هن قلعي جون ڀتيون ٻه ٽي دفعا تعمير ٿيون آهن. سڪندر اعظم هن قلعي کي ٻيهر تعمير ڪرايو ۽ ڪافي عرصو هتي رهي آرام ڪيائين. تاريخ ۾ هيءَ قلعو ڪافر قلعي جي نالي سان به مشهور آهي. ڪي تاريخدان چون ٿا ته سيوهڻ شهر پٿر جي دور کان وٺي آباد لڳي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن شهر جي آس پاس اهڙا غار موجود آهن، جيڪي جبلن کي ڪٽي ٺاهيا ويا آهن. چيو وڃي ٿو ته مشهور سياح ابن بطوطه جي به هن شهر ۾ آمد ٿي هئي. هن به هن شهر جي قدرتي نظارن ۽ ماڻهن جي خلق جي تعريف ڪئي آهي، پنهنجي ڪتاب ۾ هن شهر کي شوِآستان ۽ سيوستان جي نالن سان سڏيو اٿس. چچنامي مان معلوم ٿئي ٿو ته هن شهر تي تمام گهڻو وقت هندو راجائن جي حڪومت رهي آهي، تنهنڪري اڄ به مندرن ۽ شِوالن جا نشان هن شهر ۾ موجود آهن. تاريخ سنڌ مان معلوم ٿئي ٿو ته هن شهر تي يونانين ۽ عربن جي به حڪومت رهي آهي، مغلن ۽ افغانن جي دور ۾ سندن طرفان سندن مقرر ڪيل گورنر هن شهر ۾ رهندا هئا. انهن گورنرن ڪيتريون ئي مزارون ۽ مسجدون تعمير ڪرايون آهن، ميرن ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت جا نشان به هن شهر ۾ موجود آهن.

    عالمن جو متفق فيصلو آهي ته جن ماڻهن پهريائين پهريائين سنڌ ۽ هند کي وسايو، اهي هاڻوڪن ڪولهين، سنٿالن، ڀيلن ۽ مند لوڪن جا ابا ڏاڏا هئا. انهن ماڻهن جون پهريائين پهريائين کوپڙيون سيوهڻ جي پريان شاهه بلاول واريءَ واٽ تان لڌيون ويون. انهن ساڳين ماڻهن جون کوپڙيون موهن جي دڙي مان به لڌيون ويون. معلوم ٿئي ٿو ته سيوهڻ تمام قديم زماني ۾ آباد هو. جيئن ته سيوهڻ مان توڙي موهن جي دڙي مان ساڳين ماڻهن جون کوپڙيون لڌيون ويون آهن، تنهن مان ثابت ٿئي ٿو جنهن زماني ۾ موهن جو دڙو آباد هو، ان زماني ۾ سيوهڻ به اهڙو ئي آباد هو. آثار قديمه جي ماهرن جو رايو آهي ته سنڌ جي سڀ کان پراچين تهذيب جو مرڪز سيوهڻ وارو پاسو هو. تاريخدان چون ٿا ته جيڪڏهن ڪنهن کي سنڌين جا قديم ۾ قديم ماڳ ڳولهڻا هجن ته سنڌ جي الهندي طرف وارن جبلن جي قطار ۽ سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻي طرف جا اهي هنڌ جيڪي سنڌو نديءَ ۽ الهندي ڪناري کي ويجها آهن، سي ۽ خاص ڪري سيوهڻ ۽ لڪيءَ وارو پاسو ڏسن، جو سنڌ جي قديم سڀيتا جو پتو اتان ئي پوڻو آهي. ان کان سواءِ سيوهڻ جي تمام قديم زماني ۾ آباد هجڻ جو ٻيو به هڪ ثبوت ملي ٿو. سيوهڻ اسٽيشن جي پريان هڪ قديم غار آهي، جنهن کي ”يڪ ٿنڀي“ ڪري چوندا آهن. اهڙيون غارون لڪيءَ جي لڳ، ڪوسي پاڻي جي چشمن جي ڀرسان به لڌيون ويون آهن. انهن جو ذڪر ڊاڪٽر ولسن ڪزنس، ڪاڪي ڀيرو مل ۽ دوارڪا پرساد شرما به ڪيو آهي. سڀني جو رايو آهي ته اڳي انهن ۾ ماڻهو رهندا هئا. شرما صاحب جو اندازو آهي ته: پنجويهه هزار سال اڳ جڏهن انسان اڃا ”پٿر جي زماني“ ۾ هو، تڏهن ماڻهو انهن غارن ۾ رهندا هئا.

    لعل قلندر جي مزار جو ڪم:
    سن 757 هجريءَ ۾ جڏهن فيروز تغلق هندستان جو شهنشاهه ٿيو، تڏهن هن پنهنجي طرفان ملڪ اختيار الدين کي سيوهڻ جو گورنر مقرر ڪيو. موجوده مزار مقدس انهيءَ گورنر جي تعمير ڪرايل آهي. مرزا جاني بيگ جڏهن اڪبر بادشاهه جي طرفان سيوهڻ جو گورنر مقرر ٿيو ۽ مرزا غازي بيگ جهانگير جي دور ۾ سيوهڻ جو گورنر مقرر ٿيو، انهن ٻنهي ڄڻن مزار جي تعمير ۽ توسيع ڪرائي. نواب ديندار خان شاهه جهان جي دور ۾ سيوهڻ جو گورنر هو. انهي مزار جي صحن ۾ فرش بندي ڪرائي ۽ درگاهه جي سامهون ٻه مسجدون تعمير ڪرايون، جيڪي اڄ تائين مغلن جي دور جي فن تعميرات جو شاهڪار آهن. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي مزار جو پهريون وڏو دروازو تعمير ڪرايو ۽ مزار جي مهاڙيءَ تي ڪاشيءَ جو ڪم ڪرايو. مزار جي اندرئين ۽ ٻاهرئين دروازي تي چاندي چڙهائي. 1973ع ۾ شهنشاهه ايران روضي لاءِ سونو دروازو هديه طور ڏنو، جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور حڪومت ۾ ڏکڻ طرف کان هنيو ويو.

    روزاني ڪاوش، اڱارو 10 جولاءِ 2012ع manzoor_mirani70@hotmail.com
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو