اچو ته پنهنجي ايندڙ نسل کي بچائڻ لاءِ ”انڪار“ ڪرڻ سکون!

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,307
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    اچو ته پنهنجي ايندڙ نسل کي بچائڻ لاءِ ”انڪار“ ڪرڻ سکون!
    [​IMG]
    ماروي ميمڻ

    اهو منهنجو خواب آهي ته هڪ اهڙو ملڪ ۽ هڪ اهڙي سنڌ هجي، جيڪا خوشحال ۽ بنا ڪنهن طبقاتي فرق جي هجي. هڪ اهڙو خواب، جنهن ۾ ڪشمور کان ڪيٽي بندر ۽ ڪراچي کان گلگت بلتستان، پنجاب، خيبر پختونخوا کان وٺي بلوچستان تائين امن ۽ سڪون هجي. پر اهو سڀ ڪيئن ممڪن ٿيندو؟ هن فرسوده نظام کي ڪير تبديل ڪرڻ جي جرئت ڪندو؟ ڪير ان جي لاءِ پهرين وک وڌائيندو ۽ ڪير خوشحاليءَ وارن خوابن جي تعبير ڳوليندو؟ ڇو ته خوابن جي تعبير ۽ اهي به اهڙا خواب، جيڪي غلام۽ پيڙهيل قومن جي خوشحال زندگين سان سلهاڙيل هجن، ان لاءِ ته قرباني ضرور ڏيڻي پوندي. ان لاءِ پنهنجي خوشين ۽ عيش آرام جي زندگين کي ڪجهه پلن لاءِ ضرور وسارڻو پوندو، ڇو ته تاريخ قومن کي تبديلي لاءِ سدائين قربانين جي لاءِ تيار رهڻ جو سبق ڏيندي رهي ٿي. منهنجو ايمان آهي ته خدا تعاليٰ اسان سڀني انسانن کي برابر ئي پيدا ڪيو آهي، پوءِ ڇو اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي زندگي موت کان به بدتر ٿيندي پئي وڃي؟ ڇو اسان مايوسي ۽ ذلت کي پنهنجي مقدر جو حصو سمجهي ويهي رهون ٿا؟ شايد ان ڪري ته اسان ڪڏهن پنهنجي پنهنجي ڌرتي کي تبديل ڪرڻ جو سوچيو ئي ناهي. اسان انفرادي طور پنهنجي پاڻ لاءِ ته ضرور سوچيندا هونداسين، پر اجتماعي طور اسان شايد گهٽ ئي سوچيو آهي. اسان ڪڏهن ”غلط“ کي ”غلط“ ۽ ”صحيح“ کي ”صحيح“ چوڻ جي همت ئي ناهي ڪئي. آئون سمجهان ٿي ته سڀ جا سڀ هن فرسوده نظام جا حامي نه هوندا، پر اسان جي خاموشي سڀ کان وڏو مسئلو آهي، آئون قطعي نٿي چوان ته ڪنهن اقتدار جي ڊاهڻ ۽ ٺاهڻ جو اسان کي حصو ٿيڻ گهرجي. پر اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ اهڙو ديس اڏي وڃڻ گهرجي، جتي ڪير به انهن کي پنهنجي مادري ٻولي ۾ ڳالهائڻ کان نه روڪي، جتي ڪير به ڪنهن لسانيت جي نالي تي، سياست جي نالي تي، ذات برادري، اوچ ۽ نيچ جي نالي تي قتل نه ڪري. هڪ اهڙو خوشحال ديس، جنهن کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ملڪ ”ملير“ جو خوبصورت نالو ڏئي ويو. اسان کي پنهنجي انائن، ذاتي رنجشن ۽ ذات برداري کي هڪ پاسي رکي سوچڻ گهرجي ته اسين جنهن بک، بدحالي ۽ بدترين زندگي کي پنهنجو نصيب سمجهي ورهين کان برداشت ڪندا پيا اچون، ڇا واقعي اهو اسان جو مقدر آهي؟ جڏهن اسين پنهنجي پاڻ کان سوال ڪنداسين ۽ پنهنجو احتساب پاڻ ڪرڻ شروع ڪنداسين، تڏهن ٿي سگهي ٿو پنهنجي اندر جي اونداهيءَ ۾ ڪي نوان رستا ۽ ڪي نيون راهون ملي پون.

    آئون ووٽن ۽ تڪن جي پراڻي سياست، پنهنجا گهر ۽ زمينون بچائي غريبن کي ٻوڙائڻ واري سياست تي يقين نٿي رکان. اسان کي پنهنجي ضمير جي آواز کي ٻڌڻو پوندو. رب ڌڻي درياهه ۾ سالن کان پوءِ سرشاري لاءِ پاڻي ڏنو، پر اسان ان رحمت کي پنهنجي انتظامي نااهليءَ سبب زحمت بڻائي ڇڏيو. ٽوڙي بند کي ته قدرت نه ٽوڙيو؟ جيڪب آباد کي کڻي قدرت ٻوڙيو هجي، ته پوءِ آمريڪي ايئربيس کي قدرت ڇو بچايو؟ جيڪب آباد کان ٺٽي تائين هي جيڪي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماروئڙا دربدر ۽ بي گهر ٿيا، ڇا اهي سڀ جا سڀ قدرت دربدر ڪيا؟ ڇا بندن کي گهارا قدرت هنيا؟ ڇا بم ڌماڪا، انتهاپسندي، ٽارگيٽ ڪلنگ، اقليتن سان ويڌن، ڪشمور جي معصوم آنچل جو اغوا ٿيڻ، قبائلي تڪرار، جرڳا، پنجاب ۾ پئنچائت، ڪاروڪاري، بدامني، مفاهمت جي نالي تي ٿيندڙ ناانصافيون، بلوچستان ۾ باهه، خيبرپخوتخوا ۾ انارڪي، قبائلي علائقن ۾ حملا، ٻوڏ کانپوءِ ڏڪار جهڙي صورتحال کان وٺي وطن ڪارڊ لاءِ غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن کي رلائڻ ڇا سڀ جا سڀ قدرت جا فيصلا آهن؟! منهنجي خيال ۾ اسان کي هاڻي هڪ لڪير ڪڍڻ جي ضرورت آهي. هڪ اهڙي لڪير، جيڪا ”ها“ ۽ ”نه“ جي لڪير هجي. اها لڪير جيڪا ظلم ۽ ناانصافي کي برداشت نه ڪرڻ جي لڪير هجي. اسان کي پنهنجو مائينڊ سيٽ تبديل ڪري غلامي جي زنجير ٽوڙڻ کپي. مون کي خبر آهي ته هن ملڪ جي هر تحريڪ ۽ هر جدوجهد سنڌ سرزمين تان شروع ٿي. هيءَ اها ڌرتي آهي، جنهن سياسي شعور ۽ ليڊر شپ ڏني، جنهن هن ملڪ جو وجود رکيو. پر ان کانپوءِ جيڪي به عوام سان زيادتيون ٿيون، اهي قدرت جي طرفان نه، پر اسان جي خاموشي ۽ حڪمراني جي حوس رکندڙ طبقي طرفان پيدا ٿيون. هيستائين جيڪو به ٿيو، گهڻو ٿيو. شايد تمام گهڻو ٿيو. هاڻي اسان کي اک پٽڻ جي ضرورت آهي. چپن تي لڳل تالا ۽ غلامي جي زندگي سان بغاوت جي ضرورت آهي. مون ته اها ڳالهه پارليامينٽ ۾ وزير اعظم جي موجودگي ۾ چئي ڇڏي آهي ته عوام سان ناانصافيون بند ڪيو، نه ته هتي به مصر ۽ عرب دنيا جهڙو انقلاب اچي سگهي ٿو. خوشفهمي ۾ نه هجو ته انقلاب نه ايندو.

    آئون سمجهان ٿي ته هڪ زندگي جيڪا پونسٽان جي ٽِڪي نه ملڻ ۽ ڪسمپرسي جي ڪري ختم ٿي وڃي، ان کان بهتر آهي ته هر باشعور انسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ پرامن جدوجهد جي شروعات ڪرڻ گهرجي. جنهن ۾ لکين ماڻهو ڪنهن سياسي سڏ تي گڏ ٿيڻ بدران پاڻ ئي گڏ ٿين. پر ان کان اڳ هو ”انڪار“ ڪرڻ جي همت پيدا ڪن. هاڻي اهو طئه ڪرڻ گهرجي ته غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي ناهي گذارڻي. اسان کي بک، بدحالي ۽ غلامي جي زندگي کي قبول ناهي ڪرڻو. اسان کي سياسي توڙي نان سويلين فورسز جي جي بلنڊرز کي برداشت ناهي ڪرڻو. گئس، بجلي، صاف پاڻي جي کوٽ توڙي لاقانونيت کي قبول ناهي ڪرڻو. اسان کي اهڙي زندگي قبول ناهي، جنهن ۾ جانور ۽ انسان هڪ ئي هنڌ پاڻي پيئن، جتي هڪ ڳورهاري عورت اسپتال پهچڻ بدران روڊ تي ئي زندگي جي جنگ هارائي وڃي. اسان کي اسٽيٽ پيٽرن ڪرائيم کان وٺي ڀتا خوري ۽ ڏاڍ مڙسي کي قبولڻ کان انڪار ڪرڻو پوندو. اسان سڀني کي هاڻي انڪار ڪرڻ جي همت پيدا ڪرڻي پوندي.

    اسان کي ڪرپشن کان پاڪ ملڪ جي ضرورت آهي. ان لاءِ اسان کي ويانا جي طرز زندگي، آمريڪا جي معاشي پاليسين ۽ هانگ ڪانگ جي اڪنامڪ فريڊم، چائينا جي معاشي ترقي، ڀارت جي سمنڊ پار پورهيتن جي موڙي، چين جي ناڻي ذخيرن ۽ زراعت، سنگاپور جي بزنيس انڊيڪس، آمريڪا جي نوبل پرائز وننگ ۽ سئٽزرلينڊ جي ماحولياتي ڪارڪردگي انڊيڪس کان سکڻ گهرجي، ۽ انهن کي مثال بڻائي اسان پنهنجي ملڪ جي قسمت کي سنواري سگهون ٿا. پنهنجي سنڌ کي خوشحال بڻائي سگهون ٿا. اسان نوڪريون وڪڻڻ، زمينن تي قبضا ڪرڻ، ڪرپشن، تعليم جي تباهي ۽ قومي وسيلن جي ڦرلٽ، عوامي حقن تي ڌاڙن خلاف به ”نو“ چوڻ جي همت پيدا ڪرڻ لاءِ سينو ساهي ميدان تي نڪري اچڻ گهرجي.

    روزاني ڪاوش، اربع 2 فيبروري 2011ع marvi.memon@gmail.com
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو