سنڌ جا سور ۽ ڀٽ ڌڻي!

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سنڌ جا سور ۽ ڀٽ ڌڻي!
    [​IMG]

    ماروي ميمڻ

    پنهنجي ڌرتي، پنهنجو وطن، پنهنجا ماڻهو ۽ انهن سان محبت جو جيڪو احساس اسان جي اندر ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي پيدا ڪيو آهي، شايد ئي ڪو ٻيو ڪري سگهي ها. اسان سنڌي ان لحاظ کان پاڻ کي اڻهوند ۽ اڻ ڳڻين عذابن هوندي به خوشنصيب چئي سگهون ٿا ته هن سنڌ مٿان شاهه سائين جي صورت ۾ هڪ رحمت، هڪ عالم ۽ اڪابر جي ڇانو آهي. توڙي جو ڀٽ ڌڻي وٽ هزارين ماروئڙا پنهنجي ”من جون مرادون“ ماڻن لاءِ ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪهي ايندا هجن ٿا. پر اتي هو سياست جون به نيون راهون کوليندڙ آهي. جڏهن به هن ڌرتيءَ تي مصيبت اچي، ڪو مسئلو ٿئي، جڏهن به اسان کي پنهنجي ٻڌي ۽ ايڪي جو اظهار ڪرڻو هجي ٿو ته اسان سڀني جون نظرون ڀٽ جي ڀٽائيءَ ڏانهن از خود کڄي وڃن ٿيون. اهو ئي سبب آهي ته شاهه سائين سنڌ جي هاري کان ويندي قومي ڪارڪن ۽ ليڊر تائين سڀني جو رهبر آهي. اڄ جڏهن سنڌ ڌرتي خراب کان خراب تر حالتن ڏانهن ڌڪجندي پئي وڃي ۽ هر پاسي مايوسي جا ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن، تڏهن هڪ ڀيرو وري ڀٽ جي ڀٽائي وٽ گڏجڻ جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي. خبر ناهي ڇو ائين پيو لڳي ته جيڪا سچائي ۽ عقيدت جو اظهار پنهنجي ڌرتي سان هن نگري ۾ گڏجي ڪري سگهجي ٿو، اهو ڪنهن ٻئي هنڌ ڪرڻ شايد مشڪل هجي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جون سنڌياڻيون ڌرتي تي ڌاڙن خلاف روڊن تي اچي رياستي ظلمن جون شڪار ٿيون، يا جڏهن قومي ڪارڪن بيگناهه قتل ٿيڻ لڳا، تڏهن به سنڌ جي قومپرستن پنهنجي تحريڪن، جلسن، جلوسن لاءِ به ڀٽ شاهه جي نگري جي چونڊ ڪئي. ايتري قدر جو پرديس ۾ ويٺل ”ڀائي صاحب“ به هن پويتر نگري جي چونڊ ڪئي.

    جيڪڏهن ڪير اهو سوال پڇي ته ڇاڪاڻ هڪ ڀيرو وري هن نگري ۾ گڏجڻ جي ضرورت پئي آهي ته ان جو جواب اسان کي پنهنجي اندر کان پڇڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ جڏهن گذريل سال جيان هيل به هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ڌرتي ڌڻي روڊن رستن تي خدا جي سهاري ويٺل آهن، جڏهن امن، ڀائيچاري جي فضا کي خراب ڪري هندو ڀائرن کي قتل ۽ انهن کي اغوا ڪري کين ديس ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويندو هجي، جڏهن حڪمرانن مٿان سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ جو سلسلو عروج تي پهچي چڪو هجي. تڏهن انهن ۽ ان جهڙن کوڙ سارن اشوز تي اسان کي هن نگري تي گڏجي پنهنجي ڌرتي بابت ضرور سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي ۽ اسان کي هڪ ٻئي سان رابطو ڪري شاهه سائين روحاني گس وٺي سگهون ٿا. اسان جن وٽ هن ڌرتيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪا به قيمتي ۽ عظيم شيءِ ناهي. ان لاءِ اسان سڀني کي بنا ڪنهن فرق، سياسي توڙي سماجي اختلافن کان مٿانهون ٿي گڏجڻ گهرجي. ان لاءِ ئي 13 نومبر تي ڀٽ ڌڻي جي در جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڪشمور کان ڪيٽي بندر ۽ ڪمون شهيد کان وٺي ڪاروجهر تائين سڀني ديس ڌڻين کي گڏجڻ گهرجي.

    هي ڪنهن شخصيت يا ڪنهن سياسي پارٽي جو ميڙ نه، پر هر فرد جو پنهنجو ميڙ هوندو. ڀٽ شاهه جي نگري ۾ اسان کي سوچ ويچار ڪرڻ سان گڏ اهو عهد به ڪرڻ گهرجي ته اسان هن ڌرتي کي پنهنجن ۽ ڌارين دشمنن کان نه صرف محفوظ رکنداسين، پر ان جي دفاع لاءِ روڊن، رستن تي اچي جيڪڏهن ويڙهه به وڙهڻي پئي ته وڙهنداسين. اسان سڀني کي گڏجي ڀٽ ڌڻي تي وچن ڪرڻو آهي.
    روزاني ڪاوش، ڇنڇر 12 نومبر 2011ع marvi.memon@gmail.com
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو