گلن ۽ وڻن سان پيار ڪندڙ لنڊن جا ماڻهو

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,307
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    گلن ۽ وڻن سان پيار ڪندڙ لنڊن جا ماڻهو
    [​IMG]
    عبدالحي پليجو

    جهاز ۾ هاڻ تمام گهٽ روشني ۽ گوڙ آهي، ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ننڍڙي ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو يا ڪنهن وقت ايئر هوسٽس جي سئنڊل جي کُڙين جو آواز، جيڪو اڳ ۾ گوڙ جي ڪري بلڪل ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿي آيو، سو به ٻڌجي پيو. آئون به اوريانا فلاسيءَ جو ڪتاب زوريءَ پڙهڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان پر ڪتاب پڙهڻ تي دل ئي ڪانه ٿي ٿئي، رکي رکي ننڍ جا جهوٽا اچڻ لڳا آهن، خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته ماڻهو سُتو پيو آهي يا جاڳي پيو. هيڏو سارو نون ڪلاڪن جو سفر مس پورو ڪيوسين. ايئر هوسٽس پنهنجي مٺڙي آواز ۾ اها خوشخبري ٻڌائي ته، ”پاڻ ٿوري وقت ۾ لنڊن جي جڳ مشهور هيٿرو ايئرپورٽ تي نه پر گيٽ وڪ Gate wick تي پهچڻ وارا آهيون“، ته جهاز ۾ چرپر جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته مسافر به پنهنجا ڪاغذ پٽ ڏسڻ ۽ سامان ٺيڪ ڪرڻ ۾ لڳي ويا ۽ مون به پنهنجو سامان ٺيڪ ڪري ڇڏيو، ٻاهر نظر ڊوڙايم ته صبح جا ڪرڻا سمنڊ جي وشال ڇاتيءَ تي هوريان هوريان پنهنجا پر پکيڙي رهيا هئا ۽ آئون انهيءَ حسين منظر کي ڏسندو رهيس ته هوائي جهاز جي ڦيٿن جي گهلجڻ جو آواز چٽيءَ طرح سان ٻڌڻ ۾ آيو ۽ جهاز ڦيرو کاڌو ته لنڊن جي مٿان سفيد ڪڪرن جي وچ ۾ جهاز کي اڏامندو ڏسي روح کي ڄڻ راحت اچي وئي ۽ جيئن جيئن جهاز وڃي ٿو هيٺ پرواز ڪندو، تيئن تيئن لنڊن جي ساوڪ ۽ سهڻيون ترتيب سان ٺهيل جڳهيون هاڻ بلڪل چٽيون نظر اچي رهيون آهن.

    اسان جو جهاز هاڻ بلڪل هيٺ زمين ڇهي رن وي تي ڊوڙي رهيو آهي ۽ ان جي لهڻ ۽ ڊوڙڻ جو آواز (گوڙ) وڌي رهيو آهي ۽ ان جي رفتار به ڪافي آهي، جيڪا ٿڪل هرڻ جيان آهستي آهستي ڍري ٿيندي وڃي. ايئرپورٽ اندر ٻيا به ڪئين جهاز هيٺ مٿي پرواز ڪري، لهي چڙهي رهيا آهن، اسانجو هوائي جهاز ايئرپورٽ بلڊنگ سان پنهنجي گيٽ تي لڳو آهي، پر جهاز جي ڪئپٽن مسافرن کي اڃان جهاز مان لهڻ جو ڪونه چيو آهي، شايد ڪنٽرول ٽاور تان کيس اهڙي اجازت ڪانه ملي آهي. مسافر گهڻو ڪري سڀ جهاز ۾ اٿي بيهي رهيا آهن، ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سيٽ تي ويٺل ٿو نظر اچي، جهاز مان ٻاهر نڪرڻ واري دروازي تي ڪافي رش نظر اچي رهي آهي.

    امير ملڪن جا ماڻهو جن کي هر شئي مُيسر آهي، مثلاً گهر، کاڌو، گاڏي، خوراڪ، تعليم، گهمڻ ڦرڻ لاءِ جام ڏوڪڙ ۽ فالتو وقت، جيڪي جيٽ سيٽ Jet set زندگي گذارين، تن جي ساهه مان به ڄڻ خوشبو پئي نڪري. باقي سونهن، صحت، رنگ، مُنهن مهانڊا، وري قيمتي ڪپڙن ۽ سونهن سينگار ڪري يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو ڏاڍا حسين لڳندا آهن، انهن ۾ به وري فرينچ ڇوڪري ڏاڍي حسين لڳندي آهي..... ٻاهر نڪرڻ جي انائونسمينٽ ٿي ته آهستي آهستي مسافر جهاز کان ٻاهر نڪرڻ لڳا ۽ آئون به جڏهن جهاز جي گيٽ مان ٻاهر روانو ٿيس ته گيٽ تي بيٺل جهاز جي عملي اسان کي مرڪي خدا حافظ چيو ۽ آئون جهاز مان نڪري ايئرپورٽ بلڊنگ اندر داخل ٿيس ته صبح جو سوير هوندي به ماڻهن جي بي پناهه رش ڏسڻ ۾ آئي. اسان جي مختصر اميگريشن ۽ ڪسٽم چيڪنگ ٿي ۽ اسان لنڊن جي هن گيٽ وڪ ايئرپورٽ کي خدا حافظ چئي (جيڪو لنڊن شهر کان ڪافي پري ٺاهيو اٿن) اچي هڪ ريل ۾ ويٺاسين، جنهن اچي اسان کي ٻاهر هڪ ٽرمينل تي لاٿو. اسان پنهنجو سامان کڻي اچي ٽيڪسيءَ ۾ چڙهياسين. مون لاس اينجلس مان پنهنجي رهائش جي هوٽل واري مالڪ نسرين کي چيو هو ته مون کي لنڊن ۾ ايئرپورٽ تي پنهنجي هوٽل جي سواري موڪلج پر هينئر صبح سوير هئي، تنهن ڪري مون هوٽل تي فون ڪرڻ مناسب ڪونه سمجهيو. ٻيو اها هوٽل ڪا ايڏي وڏي هوٽلن جيان نه پر هڪ گيسٽ هائوس نما هوٽل هئي، جتي خبر ناهي ته اهڙو بندوبست هو به يا نه. سو ٽيڪسي ڪري، جيڪا ڏاڍي مهانگي به پئي، هوٽل لاءِ روانو ٿي ويس. صبح جو سوير ٽيڪسي لنڊن جي سري Surry جي علائقي مان گذري رهي آهي، جيڪو ڏاڍو خوبصورت ۽ سرسبز آهي. هي روڊ عام روڊ نه پر انگلينڊ جو موٽر وي آهي، جيڪو ٻٽو رستو آهي ۽ هڪ طرف واري رستي ۾ به ڪئين روڊ آهن، جن تي سَوَن جي تعداد ۾ تمام تيز رفتاريءَ سان ڪارون ۽ ٻي ٽريفڪ اچي وڃي رهي آهي ۽ آئون چپ چاپ گاڏيءَ جي پٺئين سيٽ تي هن سرسبز ۽ حسين روڊ تان لنگهي رهيو آهيان. ساوا، وڏا، قدآور وڻ گاڏيءَ جي تيز هلڻ ڪري ڄڻ مون سان گڏ ڊوڙي رهيا آهن. هتي جا وڻ به غريب ملڪن جي وڻن کان وڌيڪ سهڻا، ساوا، صحتمند ۽ مختلف آهن. مونکي سنڌ جي وڻن جهڙو هڪڙو به وڻ يورپ ۽ آمريڪا ۾ نظر ڪونه آيو، البت گل ٻوٽا ڪي قدر ملندڙ جلندڙ نظر آيا. پاڻ وٽ ته ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو گلن ۽ ڪتابن جو شوق رکن، نه ته ٻيو مڙئي ٿيو خير، پر آمريڪا کان به يورپ جا ماڻهو وڌيڪ ڪتاب پڙهن ۽ گلن ٻوٽن سان پيار ڪن ۽ وڌيڪ نفيس ۽ باذوق آهن. ڪتاب به ماڻهو خريد ڪري پڙهي پوءِ کڻي ڪٻٽ ڀيڙو ڪندا آهن، پر گلن کي ته هر روز ۽ هر وقت سار سنڀال جي ضرورت آهي، جيڪا گهر اندر ڪا سگهڙ عورت ڪري سگهي ٿي يا هڪ سٺو مالهي، جنهن جو هر وقت گلن جي سار سنڀال تي ڌيان هجي، انهيءَ کانسواءِ گلن جي افزائش ناممڪن آهي. پارڪ ۾ گلن جي چونڊ، انهن جي ڪٽنگس ترتيب سان گڏو گڏ انهن جي پوک ۽ گلن کي ڪيترو پاڻي ملي، جيئن نه سڙن ۽ نه ئي سُڪن، ديسي ڀاڻ به اهڙو ڏجي جنهن ۾ گند ڪچرو نه هجي، نه ته سڄو باغيچو جهنگ ٿي ويندو. موسمي گل هميشه ڪونه ٿين پر اهي صرف مختلف موسمن ۾ ٿين، جن جي سونهن تي ئي باغيچي جي سونهن جو دارو مدار آهي.

    اسان هاڻ لنڊن جي سري جي سرسبز وادين کي خدا حافظ چئي لنڊن شهر جي حدن ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. لنڊن شهر يا لنڊن سٽي دراصل ٻه جاڙا شهر آهن، هڪ لنڊن ته ٻيو ويسٽ منسٽر، پر پاڻ وٽ ته صرف پارليامينٽ هائوس، قبرستان ۽ چرچ تائين محدود علائقو ئي ويسٽ منسٽر جي نالي سان مشهور ۽ سُڃاتو وڃي ٿو. جيئن جيئن اسان جي گاڏي شهر اندر داخل ٿي رهي آهي، تيئن تيئن ٽريفڪ وڃي وڌندي ۽ اسان جي گاڏيءَ جي اسپيڊ وڃي گهٽجندي. مون ٽيڪسيءَ ۾ چڙهڻ کان اڳ ڊرائيور کي پنهنجي رهائش واري هوٽل جي باري ۾ چڱي طرح سمجهائي ڇڏيو هو، تنهنڪري وري وري انهيءَ کي سمجهائڻ صحيح ڪونه ٿي لڳو. هونئن به انگلينڊ جي ٽيڪسين ۽ ٻي سڄي دنيا جي ٽيڪسين ۾ تفاوت ٿئي. دنيا ۾ ٽيڪسيون پنهنجي شهرن ڪراچي، اسلام آباد وانگر ٿين پر لنڊن شهر ۾ ٽيڪسي ڊرائيور اڪيلو اڳئين سيٽ تي بالم ٿيو ويٺو آهي، پٺيان سيٽن تي چار مسافر ويهن انهن جي وچ ۾ هڪ دري ٿئي، جيڪا هونئن ته بند هوندي آهي پر ضرورت وقت کلندي رهندي آهي، پر انهيءَ جي کولڻ ۽ بند ٿيڻ جو اختيار صرف ڊرائيور وٽ هوندو آهي، نه ڪي مسافر وٽ. مسافر صرف دريءَ تي ٺڪ ٺڪ ڪري ڊرائيور کي دري کولڻ لاءِ چئي سگهي ٿو ۽ ڊرائيور ٺڪ ٺڪ جي آواز تي يڪدم دري کوليندو آهي. مون ڏٺو آهي ته ڪي قدر انهيءَ ٽيڪسيءَ ۾ ڊرائيور مسافر وچ ۾ ”پرائيويسي“ به رهي ٿي ۽ دري بند هئڻ ڪري هڪٻئي جو آواز به ڪونه ٿو ٻڌجي ۽ ٻنهي مان ڪوبه جيڪو موبائيل فون تي ڳالهه ٻولهه ڪندو ته هڪٻئي جي فون به ڪانه ٻڌي سگهبي ۽ ٻنهي مان ڪو به هڪ جيڪو سگريٽ پيئندو ته به هڪڙي جي سگريٽ پيئڻ ڪري ٻيو بيزار به ڪونه ٿيندو. انهن انگريز ٽيڪسين جو رنگ به ٻي سڄي جهان جي ٽيڪسين کان مختلف يعني صرف ڪارو رکيو، نه ڪي ٻي سڄي جهان ۾ ٽيڪسين وانگر هلڪو هيڊو يا وري هيڊو ۽ ڪارو يعني ٻن رنگن واري ڪار. پاڻ وٽ پاڪستان ۾ ٻنهي رنگن واريون ٽيڪسيون روڊن تي هلن ٿيون.

    روزاني ڪاوش، خميس 13 فيبروري 2014ع palijo_hai@hotmail.com


     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو