ڪتاب بهترين دوست آهن

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڪتاب بهترين دوست آهن
    [​IMG]
    عبدالحي پليجو
    مون رسيپشن تي ڪافيءَ جو آرڊر ڏنو. مون نسرين کي چيو ته، توهان هتي لنڊن ۾ ڪڏهن کان رهندا آهيو؟ پاڻ چيائين ته، آئون ڄائي لنڊن ۾ آهيان ۽ پڙهي نپني به هتي آهيان ۽ منهنجو ڪڏهن به هندستان وڃڻ جو اتفاق نه ٿيو آهي. منهنجو پِيءَ بمبئي مان هتي لنڊن ۾ اچي آباد ٿيو هو، باقي منهنجو مڙس هندستان مان هتي پڙهڻ لاءِ آيو هو، پر ان کي به مون سان شاديءَ کانپوءِ هندستان ويندي ڪي سال ٿي ويا آهن. مون کيس چيو ته، ٻاهر گهمڻ هلون، پاڻ چيائين ته، منهنجي ڌيءَ جي طبعيت ٺيڪ ڪانهي، سو آئون اڄ هوٽل تان به جلد گهر پئي وڃان، پوءِ ٻئي ڪنهن وقت ضرور گهمڻ هلنداسين. مون هن کان سندس گهر جو فون نمبر گهريو، ته پاڻ ٻڌائڻ ۾ دير ئي ڪانه ڪيائين ۽ ائين موڪلائي هلي ويئي. واپس ڪرسيءَ تي ويهي رهيس ۽ ڪافي دير ڪمري ۾ ويٺو رهيس، ڪافي دير کانپوءِ ڪمري کان نڪري ڀر ۾ هڪ پارڪ ۾ وڃي ويٺس، جتي مون وانگر سَوَن جي تعداد ۾ ماڻهو گُهمي ڦِري ۽ پاڻ ۾ ڪچهريون ڪري رهيا هئا، ڪي وري هتي رکيل بئنچن تي يا سبز ڇٻر تي ويهي ڪچهريون ڪري رهيا هئا، پر ان وقت آئون به لنڊن ۾ اڪيلائيءَ کي محسوس نه ڪري رهيو هئس، سهڻا ٻار، ڪي اڪيلا، ته ڪي ٻين ٻارن سان گڏ يا مائٽن سان گڏ راند ڪري رهيا هئا، ڪي وري پري پري تائين ڊوڙي رهيا هئا.

    ٿورو پري ننڍي ڍنڍ ۾ ماڻهو ٻيڙين ۾ گُهمي ڦِري رهيا هُئا ۽ آئون اڪيلو اڪيلو اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هئس پر بور پوءِ به نه ٿيس مزو پئي آيو، ڪافي دير کانپوءِ هتان اُٿي پنهنجي دوست ڀوراڻي کي فون ڪري چيم ته ، آئون توهان ڏانهن اچي رهيو آهيان ۽ رات جو گڏ ڪچهري ڪبي ۽ ٻاهر ڪٿي گهمڻ لاءِ هلبو، پاڻ چيائين ته، هوٽل ڇڏي سامان کڻي هتي اچي رهو، مون کيس چيو ته، اهي احوال روبرو ڪبا ۽ ائين آئون ٽيوب ۾ چڙهي ڀوراڻي ڏانهن ويس، جيڪو بالم جي علائقي ۾ رهندو آهي ۽ آئون جنهن علائقي ۾ رهيل هئس، انهيءَ کان ڪافي پري آهي، ٽيوب ۾ اڪثريت انگريزن جي هئي پر هندستاني ۽ شيدي به ڪافي تعداد ۾ نظر اچي رهيا هئا، پر ٽيوب اندر بلڪل خاموشي لڳي پئي هجي، سڀ ڪو ڪجهه نه ڪجهه پڙهڻ کي لڳو پيو آهي. ڪتاب مئگزين، مطلب ڪو به واندو ناهي. آئون سوچيندو آهيان ته، دنيا جي جن به شهرن ۾ ٽيوب جي سهولت آهي، ڪيڏا نه خوشنصيب آهن انهيءَ شهر جا رهواسي، جو کين هيڏي وڏي سهولت دستياب آهي، دنيا جي جن به شهرن ۾ اها سهولت آهي، انهن شهرن جي شهرين کي پنهنجي سواريءَ جي ڪابه ضرورت ڪانهي، سڄو ڏينهن پنهنجي صحيح وقت تي سڄي شهر ۾ ٽيوب پيا هلن، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ شهري پيا چڙهن ۽ لهن، انهن ماڻهن جو انهيءَ ٽيوب سروس جي ڪري ڪيڏو نه وقت بچندو هوندو ۽ ڪيڏو نه کين ذهني سڪون هوندو، ٽيوب جيئن ئي اسٽيشن تي پهتو، ته آئون ٽيوب مان لهي، ٻاهر روڊ تي اچي پهتس، بالم منهنجو ڪيئي ڀيرا ڏٺل علائقو هو، جتي آئون ڪيئي ڀيرا اچي رهيس، پل جي هڪ طرف ٽيوب هيٺان اخبارن واري جو دڪان هو، جتي لنڊن مان نڪرندڙ ڪيئي ڏيهي ۽ پرڏيهي اخبارون ملنديون آهن، جڏهن ڀوراڻي جي گهر رهان ته، صبح سوير ٻيا سڀ ستا پيا هجن، پر آئون سوير اُٿي اچي اخبار وٺان ۽ پوءِ چانهه ٺاهي پارڪ ۾ اخبار پڙهان ۽ چانهه پيان، ٻيا سڀ ستا پيا هجن ۽ آئون اڪيلو اڪيلو ناشتو ٺاهي پاڻ کايان.

    خير ٽيوب مان نڪرڻ بعد ڀوراڻي لاءِ گفٽ وٺي پوءِ ڀوراڻي واري گهر جي گهٽيءَ ۾ گهڙيس، گهر ٻاهران گهنٽي وڄايم ته ڀوراڻي گهر جو در کولڻ ۾ دير ئي نه ڪئي، ڏاڍي حُب ۽ اڪير سان مليو ۽ ملڻ شرط ڏوراپو ڏنائين ته، ”واهه سائين واهه“ پنهنجو گهر هوندي به هوٽل ۾ ٿو رهين! مون کيس جوابي سلام ڪيو ۽ پاڻ مون کي وٺي اچي سندس ڪمري ۾ ويهاريائين، پاڻ سندس دوستن کي فون ڪري گهرايائين، ٿوري دير ۾ سڀ دوست پهچي ويا، جن پاڪستان جا ۽ اسان جا حال احوال ورتا ۽ کين ڀوراڻي ٻڌايو ته، آئون هتي نه پر هوٽل ۾ وڃي ترسيو آهيان ته، سڀ مون کي ڏوراپا ڏيڻ شروع ٿي ويا. انهن مان جسٽي گهڻو ڪري سڄو ڏينهن ڀوراڻي جي گهر هوندي هئي ۽ رات جو به ڪچهري ڪري کائي پي تمام دير سان رات جو گهر ويندي هئي ۽ ائين حالن احوالن سان ڪچهريءَ جي شروعات ٿي ۽ وڃي رات جو ٻين ٽين بجي سڀني اٿڻ واري ڪئي، جيئن ته رات جو ٻارهين بجي کان پوءِ لنڊن ۾ ٽيوب بند ٿي وڃي، سو ٽيڪسي ڪري وڃي هوٽل ڀيڙو ٿيس ۽ صبح جو دير سان اُٿڻ ٿيو، اخبار پڙهي ناشتو ڪري وري سُمهي پيس ته شام جو فون جي گهنٽي وڄڻ تي اک کلي، فون نسرين جي هئي، پاڻ چيائين ته، لنڊن گهمڻ آيا آهيو يا سُمهڻ...!
    روزاني ڪاوش، ڇنڇر 29 مارچ 2014ع palijo_hai@hotmail.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو