صوفي راڳ ذريعي ئي مذهبي ڪٽرپڻي کي ختم ڪري سگهجي ٿو؛ سڄڻ سنڌي

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    صوفي راڳ ذريعي ئي مذهبي ڪٽرپڻي کي ختم ڪري سگهجي ٿو
    سڄڻ سنڌي

    ڏوڪري (ڳالهه ٻولهه : نعيم ٻگهيو) موسيقي سميت فنون لطيفه جو وجود انساني تاريخ جيترو ئي قديم آهي، جنهن کان سواءِ انساني زندگي ۽ تاريخ اڻپوري آهي، آرٽ ۽ علم سان عشق آدم کي انسان بڻائي ٿو ، اهڙن خيالن جو اظهار مشهور قومي راڳي سڄڻ سنڌي ڪالهه رات موهن جو دڙو پريس ڪلب ۾ ٿيل محفل موسيقي دوران صحافين جي هڪ ٽيم کي ڏنل خاص انٽرويو ۾ ڪيو، سڄڻ سنڌي وڌيڪ چيو ته فنڪارن ۽ راڳين سميت آرٽسٽ قومن جا سفير ۽ محبتن جا امين ٿيندا آهن پر ملڪ جي بنياد پرست اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمرانن پاڻ ته ڪڏهن پرڏيهي وفد ۾ شامل نه ڪيو آهي پر آمريڪا، ڪئنيڊا ۽ ڀارت سميت مختلف ملڪن کان ملندڙ دعوتن ۾ وڃڻ وقت به اهڙيون رنڊڪون وجهي ڇڏيندا آهن جو سنڌ جي صوفياڻي ۽ انتهاپسندي کان ڪوهين ڏور اهنسا واري پيغام کي دنيا تائين راڳ وسيلي پهچائڻ جو ڪڏهن به موقعو نه مليو آهي، جڏهن ته مذهبي ڪٽرپڻي ۽ دهشتگردي جهڙي هچا ۾ ڦاٿل ملڪ ۽ دنيا کي سنڌ جي پنج هزار ورهيه قديم تهذيب ۽ اهنسا واري صوفياڻي فڪر جي سخت ضرورت آهي، ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ جي تهذيب ۽ ڪلچر کي اجاگر ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ بلاول ڀٽو زرداري پاران “سنڌ فيسٽيول” جي ڪنهن تقريب ۾ ڪوٺ نه ڏني وئي، اهو انهي ڪري نه ٿو چوان ته مون کي مشهوري جي طلب آهي پر هو پاڪستان جي ٻين سياسي قوتن جي ڀيٽ ۾ جمهوريت جا وڌيڪ دعويدار ۽ بنياد پرستي جي خلاف سيڪيولر سوچ ۾ فڪر واري پارٽي جو سربراهه ۽ سنڌ پرست هئڻ جي ڳالهه ڪندڙ آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته راڳ جي بنيادي مقصد روحاني پيغام پهچائڻ آهي، جنهن سان روحانيت خلاف ناڪاري اثرن کي ختم يا درست ڪري معاشرن کي مذهبي ڪٽرپڻي سميت هر بنياد پرستي جو علاج ڪري سگهجي ٿو. انسان ۾ انفرادي يا اجتماعي جمالياتي ذوق کي اجاگر ڪري صالح ماڻهن جي معاشري جي تعمير ڪري سماج ۾ موجود انتهاپسندي ۽ اڻ برابري سميت ناڪاري لاڙن جو خاتمو ممڪن بڻائي سگهجي ٿو پر انهيءَ لاءِ مثبت شاعري جي مناسب چونڊ ضروري آهي جيڪا سنڌ ۾ شاهه، سچل ، سامي سميت ججهي مقدار ۾ موجود آهي، شرط اهو آهي ته سنڌي عارفاڻي، ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعري ۽ موسيقي کي هن ملڪ جي روايتي بنياد پرستي سميت رنڊڪون ختم ڪيون وڃن، هن هڪ ئي سول جي جواب ۾ چيو ته راڳ ۽ موسيقي سميت فنون لطيفه جا مخالف اهي مذهب يا نظريا ٿين ٿا جن صحرائن ۾ جنم ورتو آهي جڏهن ته سرسبز ۽ خوشحال ڌرتين ۽ ديسن ۾ پيدا ٿيل مذهب راڳ، موسيقي ۽ رقص سميت آرٽ جي آبياري ڪئي آهي، جنهن جو مثال هند، سنڌ ۽ انهيءَ جي مقابلي ۾ عربن جي ڪلچر کي پيش ڪري سگهجي ٿو، موهن جو دڙو مان مليل ناچڻي يا نرتڪي جي مورتي به اهو ثابت ڪري ٿي ته هي خطو پنج هزار ورهيه اڳ به راڳ، رقص، موسيقي ۽ آرڪيٽڪچر، انجنيئرنگ ۽ ايگريڪلچر سميت سائنسي علمن ۽ ڪلاسيڪل آرٽ جو مرڪز هئو، جڏهن ته بنياد پرست اڄ جي سڌريل دور ۾ به علم ۽ فن جا ڪٽر مخالف ۽جهنگلي آهن، جنهن جو مثال افغانستان ۾ مهاتما ٻڌ جا مجسما مسمار ڪرڻ ۽ هتي موهن جو دڙو جي عظيم انساني تهذيب کي ڪافرن جي قرار ڏئي انهي کي نظرانداز ڪرڻ مان ظاهر آهي، هن چيو ته اهو راڳ ، رقص ۽ موسيقي ڪهڙي جنهن ۾ وجداني ڪيفيت نه هجي.
    روزاني عوامي آواز اڱارو 8 جولاءِ 2014ع؛ 9 رمضان المبارڪ 1435هه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو