دادا جشن واسواڻيءَ جو درشن ... موهن مدهوش

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    دادا جشن واسواڻيءَ جو درشن
    [​IMG]
    موهن مدهوش
    اسان چارئي يعني ريٽا، لليتا، ڪمار ۽ آئون هلياسين لليتا جي ڊنر تي. لليتا کي ريٽا چوڻ لڳي، ”اڄ ڊاڪٽر چيو پئي ته منهنجي شگر low آهي، انهيءَ ڪري چاڪليٽ کائيندينءَ ته فرق پئجي ويندو.“

    اسان ڏسون ته اڌ ڪلاڪ کان لليتا گاڏي گهمائي رهي هئي، پر ڪوبه جنرل اسٽور کليل نه هو. ڪڏهن هيڏانهن ته ڪڏهن هوڏانهن. هتي شام جو 5 بجي کان پوءِ بازار بند ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي، صرف اسپتالون، ريسٽورينٽ، ڪجهه جنرل اسٽور ۽ ڪي ضروري ٻيا دوڪان کليل هجن ٿا، باقي سڀ بند. هتي پوني ۾ ماڻهو به جلدي سمهي رهن ۽ صبح سويل ئي اٿي پوَن. مَس مَس وڃي هڪڙو جنرل اسٽور کليل نظر آيو ۽ لليتا اُتان چاڪليٽ جو سڄو پيڪيٽ وٺي آئي ۽ ريٽا کي چوڻ لڳي، ”هينئر هينئر هڪڙو چاڪليٽ کاءُ.“ ۽ ريٽا ائين ئي ڪيو.

    هاڻ لليتا اچي پنهنجي ڪار Kiva Restaurant جي سامهون بيهاري. ريسٽورينٽ جي اندر وڃون ته وڏي آواز ۾ انگلش ميوزڪ هلي پيو، اڌ ڊِم لائيٽ ۾ ڀانت ڀانت جا ماڻهو نظر پئي آيا. اڪثر انگريزن جهڙا ۽ ڪُجهه لوڪل. ڊگهي نالي نما فانوس ڏاڍي خوبصورت اسٽائيل سان رکيل هئا، جن جي روشنيءَ جو رُخ ريسٽورينٽ جي ڇت ڏانهن هو، انهيءَ ڪري هر ٽيبل تي ويٺل ماڻهو غور سان ڏسبو ته نظر ايندو نه ته ٽيبل ۽ ماڻهن جو رنگ پاڻ ۾ ملي هڪجهڙو ئي نظر پئي آيو. سڀ ماڻهو پنهنجي مستي ۽ ڳالهين ۾ مصروف نظر پئي. اسان به وڃي ڪنڊ تي خالي پيل ٽيبل جو پاسو ورتو ۽ چارئي وڃي انهيءَ ٽيبل جي آمهون سامهون صوفا ٽائيپ سيٽ تي ويٺاسين. بيرو ڊريس ۾ ملبوس Menu کڻي آيو ۽ چوڻ لڳو، ”وائين، رم يا ٻيو؟“

    لليتا بيري کي انگريزيءَ ۾ چيو، ”نه، ٿوري دير کان پوءِ اچ.“

    لليتا مينيو کڻي منهنجي سامهون رکيو ۽ چوڻ لڳي، ”توهان پسند ڪريو، جيڪو توهان کي وڻي.“

    مون چيومانس، ”نه بس، سادي مانيءَ جهڙو ڪجهه گهرايو.“

    چوڻ لڳي، ”فلپائني، چائنيز، جاپاني يا ٻيو ڪجهه؟!“

    مون کيس چيو، ” بس توهان کي جيڪو وڻي، مونکي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي سواءِ دال جي.“

    ڪمار چوڻ لڳو، ”اڇا، مٽن هجي مٽن؟“

    چيم، ”ٺيڪ آهي توهان جي دل مٽن تي چوي ٿي ته ڀلي It’s ok.“

    ڪمار مينيو لليتا جي هٿ مان کڻي پاڻ ڏانهن ڪيو۽ مسڪرائيندي مينيو لسٽ تي هٿ رکي مون کي چوڻ لڳو، ”هيءَ آهي نه اهو ڏاڍو سٺو آهي.“

    مون چيومانس، ”ٺيڪ آهي، هڪڙي توهان جي پسند، هڪڙي لليتا جي پسند ۽ دال هجي ته ڏاڍو سٺو.“

    ريٽا اهو سڀ خاموشيءَ سان ڏسي رهي هئي. لليتا ريٽا ڏانهن اشاري ۾ پڇيو، ”اهو ٺيڪ آهي؟“

    ريٽا چيو، ”ها، ٺيڪ آهي، اهو ڪافي آهي.“ ۽ بيرو آرڊر وٺي هليو ويو.

    ٿوري دير کان پوءِ اهو سڀ ڪجهه کڻي آيو ۽ اسان ڀوڄن شروع ڪري ڏنو. ڀرسان ديوار ۾ هڪڙي آفريڪن آرٽ جي تصوير لڳل هئي، جنهن جو مون موبائيل تان فوٽو ڪڍي ورتو. ڀرسان ويٺل ريٽا کي چيم، ”هتي آرٽ جو شايد وڌيڪ قدر ڪيو وڃي ٿو، جو هر ماڻهو پنهنجي گهر يا اهڙي قسم جي هوٽل کي آرٽسٽِڪ انداز سان ڊيڪوريٽ ڪن ٿا. بلب به ڊگهي نالي نما فانوس ۾ لڳل هئا ۽ اکين کي نه پيا چُڀن. ماحول ئي ڪجهه اهڙو هو جو ٿوري دير ويهجي پر بوريت نه ٿيندي. بيرو بل کي ويلويٽ ۾ کڻي اچي لليتا جي سامهون رکيو. شايد هُن کي پهرين سڃاڻندو هجي. ها، هڪڙي ڳالهه ته لليتا جو به ان ريسٽورينٽ جي ڀرسان ئي فليٽ آهي، سو هُن جو شايد هتي اچڻ وڃڻ ٿيندو هوندو. لليتا پنهنجو ڪريڊٽ ڪارڊ ڪڍي انهي ويلويٽ ۾ رکيو ۽ بيرو اهو کڻي انهيءَ جي رسيد کڻي آيو. هاڻ ڪم نڪتو ڪاڳر ڦاٽو وارو ڪم هو. اسين هتان اٿياسين ته رات جا 11 ٿي رهيا هئا. لليتا پهرين مون کي اچي بوٽ ڪلب ۾ ڇڏيو. آئون سڄو ڏينهن جو ٿڪل هئس، ننڊ به اچي رهي هئي، سو ڪمري ۾ اچي سمهي رهيس.

    دادا جشن واسواڻيءَ جو درشن:

    ريٽا ڪالهه ئي چئي ڇڏيو هو ته آچر ڏينهن صبح جو ساڍي اٺين وڳي دادا جشن سان ملاقات آهي. ڊرائيور صبح جو دير سان اچڻ سبب ريٽا هڪڙي ٽئڪسي نما وئگن کي فون ڪري ڇڏيو هو ۽ هو سڌو اچي بوٽ ڪلب ۾ مون کي کڻڻ لاءِ پهتو. ريٽا جو به فون اچي ويو ته، ”هيٺ ٽئڪسي بيٺي آهي تون هتي فلوريانا اچ ته دادا وٽ هلون.“ ٽئڪسي ۾ چڙهي ريٽا وٽ پهتس ته هوءَ به تيار هئي. اسان سڌو وڃي ساڌو واسواڻي مشن جي نُوري گيٽ وٽ پهچي پهتاسين. ريٽا ٽئڪسي واري کي چيو ته هاڻ هو ڀلي هليو وڃي ۽ واپسي تي اسان Auto رڪشا تي هليا وينداسين. ساڌو واسواڻي مشن جي وڏي هال ٻاهران جوتن لاهڻ جي جاءِ آهي. ريٽا چيو ته جوتا اتي ئي رکبا ۽ پوءِ هال ۾ هلبو. مون به سڀني جيان ائين ئي ڪيو. هال ۾ داخل ٿياسين ته سامهون ئي سائين ٽي.ايل. واسواڻيءَ جي تصوير لڳل نظر آئي ۽ ڪيترائي ماڻهو صبح جو ڪيرتن ۽ ڀڄن ٻڌي رهيا هئا. هتي ويهڻ لاءِ هيٺ پٽ تي ئي قالين وڇايل هو ۽ ان جي مٿان ڪرسيءَ نما بيٺڪ قطار سان رکيل هيون، جنهن تي سڀئي ٽيڪ ڏيئي ويٺا هئا ۽ آئون به وڃي هڪڙي بيٺڪ تي ويهي رهيس. ريٽا اتي اڳيان ويٺل ايشوري جوتواڻيءَ جي ڀيڻ نِرملا جوتواڻيءَ کي مون ڏانهن اشارو ڪيو ته هوءَ مون ڏانهن هلي آهي ۽ مون کي چوڻ لڳي:

    ”توهان اڳيان اچي ويهو.“ سو آئون به وڃي اڳين قطار ۾ ويهي رهيس. دادا جشن لاءِ ٿرپارڪر مان خاص هٿ جي اڻيل اڇي لوئي جيڪا دليپ ڪوٺاريءَ ذريعي حيدرآباد پهتي هئي، دادا لاءِ سنڌ جي اجرڪ ۽ ٽوپي به وٺي آيو هئس. اهي به پنهنجي ڀر ۾ رکي ڇڏيم. هاڻ دادا جشن جي اچڻ جو سڀئي انتظار ڪري رهيا هئا. سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي بادشاهه الطاف شيخ پنهنجي سفرنامي ۾ دادا جشن لاءِ لکيو آهي ته، ”هتي جو پير پاڳارو دادا جشن آهي.“ واقعي ڏسان ته دادا جشن کي ٻُڌڻ لاءِ ڪيترائي شرڌالو خبر ناهي ڪٿان ڪٿان کان اچي گڏ ٿيا هئا. جيستائين دادا جشن اچي، تيستائين دادا جي هڪ پوئلڳ عورت جيڪا معذور هئي، پاڻ کي پيرن سان گسڪائيندي اچي ساڌو ٽي.ايل. واسواڻيءَ جي مورتيءَ اڳيان پنهنجو مٿو ٽيڪيو. آئون اهو حيرانيءَ مان ڏسندو رهيس. ٿوري دير ٿي، ڏسان ته دادا جشن به وهيل چيئر تي پٺيان ڪرشنا ڪماري ۽ دادي رتنا واسواڻي اچن پيا ته سڀني هٿ ٻڌي مون سميت هن کي پرڻام ڪيو. جواب ۾ دادا به هٿ ٻڌي سڀني کي پرڻام جو جواب ڏنو. دادا اچي پنهنجي لاءِ رکيل مخصوص ڪرسي تي ويٺو ۽ مائيڪ هن جي سامون هو. هاڻ دادا جشن پنهنجا چپ چورڻ شروع ڪيا. اٿندي ئي چوڻ لڳو:

    ”هتي اسان جو پيارو، سنڌ کان آيل مهمان، موهن مدهوش موجود آهي، هُن سنڌي ادب جا ڪيترائي ڪتاب ڇپايا آهن. هن جي نالي ۾ ٻه ڳالهيون آهن: هڪڙو ته آهي موهن. سندس نالو ئي آهي موهن، ڪيڏو نه پيارو نالو آهي ۽ ٻيو آهي مدهوش. ايشور کي پائڻ لاءِ مدهوشي ضروري آهي. اهي ٻئي ڳالهيون هن پياري موهن وٽ آهن. آئون ساڌو واسواڻي مشن جي چيئرپرسن رتنا واسواڻي کي گذارش ڪندس ته سندن سواگت ڪيو وڃي.“

    آئون اُٿي دادا جي ڀرسان بيٺل مانواري رتنا واسواڻي طرف وڌيس. هو هڪ ٿالهيءَ ۾ ناريل، شال ۽ ڪجهه ڪتاب کڻيو بيٺي هئي. دادي رتنا واسواڻي مون کي ناريل ڏنو، ڪلهي تي شال اوڍائي ۽ ڪجهه ڪتاب تحفي طور ڏنا. مون وڃي دادا جشن جي پيرن تي هٿ رکيا ۽ ساڻس هٿ ملايو ته هڪڙي سحر انگيز مسڪراهٽ سندس چهري مان نظر اچي رهي هئي. مون سنڌ مان آندل لوئي سندن ڪلهي تي رکي، اجرڪ به اوڍائي ۽ سنڌي ٽوپي به پارائي. ڏسان ته دادا ٽوپي ۾ ڏاڍو سٺو لڳي رهيو هو. مون پنهنجي ڪئميرا، ڀر ۾ بيٺل ڪرشنا ڪماريءَ کي ڏني ۽ هُن اُن مان ڪجهه فوٽو ڪڍي ورتا. هاڻ دادا مون کي ٻه شبد چوڻ لاءِ چيو:

    ڀرسان رکيل مائيڪ وٽ وڃي بيٺس. دادا ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو، ”هيءَ دادا جو پيار آهي، جيڪو دادا سنڌ ۾ ڏيئي آيا هئا ۽ اها پيار جي خوشبو ئي مون کي هتي وٺي آئي آهي. اصل ۾ دادا جو پيغام پيار جو پيغام آهي، شاهه لطيف جو به ساڳيو پيار جو پيغام آهي. اسان جي صوفين ۽ سنتن جو به پيار جو پيغام آهي، ڀائيچاري جو پيغام آهي. اسان هڪٻئي ۾ پيار ئي ورهايون ٿا ۽ انهيءَ سبب هميشه پيار وارو روَيو ئي جُڙي ٿو. آئون دادا جو شڪرگذار آهيان جو پاڻ مون لاءِ پيار ڀريا شبد چيا. دادا هميشه اهڙي پيار ۽ صوفين جي فڪري جهنڊي کي کنيو آهي. دادا نه صرف سنڌي ماڻهن پر پرڏيهه ۾ رهندڙ ٻين لاءِ به هميشه مشعل راهه رهيو آهي. دادا سنڌيت جو اهڃاڻ آهي. توهان سڀني جي وڏي مهرباني.“

    آئون ٻه لفظ مختصر ڳالهائي اچي پنهنجي سيٽ تي ويهي رهيس. هاڻ دادا پنهنجي روز جي معمول واري واڻي شروع ڪئي. دادا چئي رهيو هو:

    منهنجا پيارا ڀائرو! منهنجون ڀينرو!

    گرديو جي ڪمل چرنن ۾ سِر جهڪايان ٿو، توهان سڀني پيارن واسطي، سڄي وِشوَ واسطي آسيس پِنان ٿو. توهان مان هر هڪ واسطي سِر نوايان ٿو، توهان مان هڪ هڪ واسطي دعا پِنان ٿو.

    هڪ راڻي هئي، سندس نالو هو راڻي چُراڳ. هُو آتمڪ زندگيءَ ۾ پنهنجي گهوٽ کان، پنهنجي پتيءَ کان گهڻو مٿي چڙهي وئي هئي. She attained self realization وڃي پروڙ پاتائين ته انسان ڇا آهي؟

    منهنجا ڀائرو ۽ منهنجون ڀينرو!

    اسان جي وڏي ۾ وڏي ڀُل اها آهي جو اسين پنهنجي پاڻ کي هن سرير سان نه identify ڪريون ٿا پر اسين سرير نه آهيون. هي سرير جيئن شريمد ڀاڳوت گيتا ۾ شري ڪرشن سکيا ڏئي ٿو. هي سرير جيڪو رَسُ آهي، جو اسين پنهنجي پير ۽ پرٿوي تي آيا آهيون، اسين ٻي چيز آهيون، اسين ڇا آهيون؟ ڪي ٿورا آهن جي هن کوج ۾ نڪرن ٿا ۽ نيٺ وڃي اُنهي منزل ۽ مقصد کي پراپت ڪن ٿا، جنهن منزل مقصد واسطي اسان کي مانڪ جنم مليو آهي. هن راڻيءَ جو پتي هو راجا سکي گهرج. راجا سکي گهرج پنهنجن ڪمن ۾ پورو هوندو هو. وري وري کيس ويچار ايندو هو ته جنهن purpose واسطي مونکي ئي مانڪ جنم مليو آهي، اهو purpose کي fulfill ڪرڻ لاءِ مان ڪجهه ڪوشش ڪريان، وري وري کيس ويچار ايندو هو پر اهو ويچار ويچار ئي رهجي ويندو هو.

    منهنجا پيارا ڀائرو ۽ منهنجون ڀينرون،

    راڻي چُراڳ پنهنجي پتيءَ لاءِ روز روز پرارٿنا ڪندي هئي. پرڀو جا شڪرانا مڃيندي هئي، پرڀو تو مونکي هن منزل تي آندو آهي. پر مان چاهيان ٿي ساڳي منزل تي منهنجو پيارو پتي جيڪر اچي. هڪ ڏينهن راجا سکي ڌُرج جي دل جي اندر اها پرارٿنا پختي ٿي وڃي ٿي ته هينئر مان هي راڄنيتي زندگيءَ مان پاڻ کي آزاد ڪري جيڪر آتمڪ زندگيءَ ۾ پير پايان، جيئن مون کي به پروڙ پوي ته انسان ۾ ڇا آهي؟ هي مانڪ جنم اسان کي مليو آهي، ان واسطي ته، پروڙ پايون ته اسين ڇا آهيون؟

    This is the essential purpose of the human body to know that each one of us is an immortal spirit

    اسين امر آهيون، اسين موت کان مٿي آهيون، اسين هميشه زنده هونداسين. اها پروڙ پائڻ واسطي اسان مان هڪ هڪ کي ئي سرير مليو آهي. اها پرُوڙ جانور نٿا پائي سگهن. اها پروڙ ڪُتا ۽ ٻليون، گائيون ۽ مينهون نٿيون پائي سگهن، اها پروڙ صرف انسان ئي پائي سگهي ٿو.

    منهنجا ڀائرو ۽ منهنجون ڀينرون!

    راجا سکي ڌُرج، وڃي ٿو تـَپو بـَن ۾. پنهنجي زندگي گذارڻ، اتي وڃي ڪانن جي جهوپڙي ٺاهي ٿو. جنهن جهوپڙي ۾ رهي ٿو، تپسيا جي زندگي رهي ٿو. سمرڻ جي زندگي رهي ٿو. نام سمرڻ پيو ڪري. ڪيترا ڏينهن گذري وڃن ٿا، کيس اڃا ڪجهه پراپت ئي ڪين ٿي آهي.

    منهنجا پيارا ڀائرو، منهنجيون ڀينرون!

    راڻي چُراڳ کي ويچار ٿئي ٿو ته وڃي ڏسان ته بن ۾ منهنجو پيارو پتي پنهنجي تپسيا جي زندگيءَ کي ڪيئن گذاري رهيو آهي؟ مان جيڪر وڃي ڏسان ته منهنجو پتي ڪهڙي منزل تي پهتو آهي. هڪ يوگيءَ جو ويس ڪري راڻي چُراڳ اچي ٿي تپو بن ۾ ۽ ان جهوپڙي وٽان لنگهي ٿي جنهن جهوپڙي ۾ راجا سکي ڌُرج پنهنجي ساڌنا جي زندگيءَ جي رهيو آهي. راجا ڏسي ٿو ته هڪ يوگي سندس جهوپڙي وٽان اچي لنگهي ٿو، يڪدم پنهنجي جهوپڙي کان ٻاهر اچي ٿو، يوگي کي چوي ٿو، ”يوگيراج! توهين هتان لنگهو پيا، توهين جيڪڏهن ڪرپا ڪريو ته چند منٽ مون سان گفتگوءَ ۾ گذاريو.“ اها ئي ڳالهه راڻي چُراڳ کي کپندي هئي. چوي ٿي ته خوشيءَ سان مان توهان سان گفتگو ڪندس. تڏهن راجا، راڻي چراڳ کي چوي ٿو، يوگي جي ويس ۾ هُن کي چوي ٿو، ”اي يوگي راج! مون کي ٻڌايو، مون راج راهي ڇڏي، مون راجائي جا سُک ڇڏيا، مون سهوليتون ڇڏيو، مون پنهنجي راڻي ڇڏي، مون محلات ڇڏيا، نوڪر چاڪر سڀ مون ڇڏيا، ان ويچار سان سڀ ڇڏي آيس ته شل مون کي ڪجهه پراپتي ٿئي. ڪيترا ڏينهن گذري ويا آهن پر مونکي ڪا پراپتي ڪين ٿي آهي. سبب ڪهڙو؟ تڏهن يوگي کيس چوي ٿو ته تو ڪٿي ڇڏيو آهي، تون سمجهين ٿو ته تو ڇڏيو آهي، پر تو اڃان ڪجهه ڪين ڇڏيو آهي.“ راجا سکي ڌرج هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿو. چوي ٿو، ”ڇا ڇڏيان؟ مون محلات ڇڏيو، مون ايڏيون سهوليتون ڇڏيون، مان وڌيڪ ڇا ڇڏيان.“ چوي ٿو، ”مون شايد اهيءَ جهوپڙي ٺاهي آهي، اها مون کي ڇڏڻ گهرجي. يوگي راج! مان اها ڇڏيان ٿو. مان جهوپڙي کي باهه ٿو ڏيان.“ جهوپڙي کي باهه ڏئي ٿو. چوي ٿو ته، ”هينئر به ڪجهه ڇڏيو آهي يا نه.“ تڏهن يوگي راج کيس چوي ٿو، ”تو اڃان ڪٿي ڇڏيو آهي؟“ چيائين ته، ”اڃان ڇا ڇڏيان؟ منهنجي هٿ ۾ لٺ آهي.“ اڪثر ڪري تَپو بَن ۾ جيڪي به يوگي هوندا آهن، پاڻ سان گڏ لٺ رکندا آهن. جيڪڏهن ڪو به جانور جڏهن کين اچي اٽيڪ ڪري، سيلف ڊفينس لاءِ لٺ رکندا آهن. راجا سکي ڌرج چوي ٿو ته، ”اها لٺ مون ڪونه ڇڏي آهي، اها لٺ به باهه ۾ ٿو ڇڏيان.“ وري به يوگي راج کيس چوي ٿو، ”تو اڃا ڇا ڇڏيو آهي، تو ڪجهه ڪين ڇڏيو آهي؟“ نهاري ٿو، چوي ٿو، ”منهنجي سرير تي وستر پيا آهن، مون اهي ڪونه ڇڏيا آهن، آئون اهي وستر ڇڏيان ٿو.“

    اهڙيءَ طرح هڪ هڪ ڪري جيڪي کيس آهي، وڃي پيو ڇڏيندو، وڃي پيو ڇڏيندو. نيٺ ان ڳالهه تي پهچي ٿو ۽ چوي ٿو ته، ”مان هڪ سرير ڪونه ڇڏيو آهي، سرير کي اگني جي اُوڻين ۾ وجهان ٿو. He is about to jump into fire ٽِپ ڏيڻ تي آهي. تڏهن يوگيراج پٺيان ڪرپا ڪري ٿو ۽ کيس چوي ٿو، ”راجن توکي ٻيو ڪجهه به ڪين ڇڏڻو آهي، توکي فقط ڇڏڻ جو ويچار ڇڏڻو آهي، توکي فقط مان مان جو ويچار ڇڏڻو آهي، توکي مان ۽ منهنجو، ان کان مٿي چڙهڻو آهي. اها مان مان ئي آهي، جا هن سنسار سان ڳنڍي ٿي. هي تنهنجو، هي منهنجو. هي مان هي تون. جيستائين اها duality اسان جي من ۾ آهي تيستائين اسين ڪجهه پراپت نٿا ڪري سگهون. ان مان مان کان، اسان کي مٿي چڙهڻو آهي. انهي مان مان کي چئبو آهي ايگو. اسين ايگو جا غلام آهيون، اسين مان مان جا غلام آهيون. ان ڪري ڏسون ته ننڍي وڏي ڳالهه تي اسان کي ڪيڏو جوش اچي ٿو، ننڍي وڏي ڳالهه تي اسان کي دل اندر لوڀ اچي ٿئي ٿو. ننڍي وڏي ڳالهه تي اسان جي اندر ڪي ڪامنائون هجن ٿيون، انهن سڀني جي پاڙ آهي مان مان. جڏهن مان مان، اسان مان نڪري وڃي ته پوءِ بچي ٿو اڪ تون هي اڪ تون هي تون، اڪ تون هي تون. اڄ مان سمجهان ٿو ته توهان جيڪو گيت ڳايو پئي، ان جو ريفرنس اهو ئي هو، هڪ تون هي تون. هڪ تون هي تون.

    منهنجا پيارا ڀائرو ۽ منهنجون ڀينرون!

    ٻه رستا آهن. يا ته اسان جي ’مان‘ ايڏي وڏي ٿي وڃي جو جت ڏسو ته مان ئي مان، يا ته مان اهڙي ننڍڙي ٿي وڃي ته فقط ’تون هي تون‘. جت نهاريان، جت پَسان، اُت تون هي تون. توهان اڪثر اهو گيت ڳائينديون آهيو:

    جي مان مان منهنجي، وڃي کِلندي هلي،
    ته باقي رهي، هڪ تون هي تون، هڪ تون هي تون.

    جڏهن اها اوَسٿا اسان جي ٿئي ٿي ته پهرين اسان جو مانڪ جنم سڦل ٿئي ٿو، نه ته تيستائين اسان هن جنم مرڻ جي چڪر ۾ پيا ڦرون. اڄ جيڪر پنهنجي دل اندر اهو ويچار کڻي وڃون، اهو هڪ ويچار، تون هي تون، تن جي تنبوري تي، اهو هڪ سُر پيو هلي سڄو وقت. تون هي تون. ڪير آهي جو مون کي رستي تي ملي ٿو، فقير ويچارو هن جي سرير تي پورا وستر پيل ڪين آهن، فقير جو ٻن ٽن ڏينهن کان ويچارو بکايل، ضعيف، پنڌ پوريءَ طرح سان ڪري نٿو سگهي. ڪير آهي؟ تون هي تون، تون هي تون. جت نهاريان، اُت تون هي تون. ۽ اها اوَسٿا شل پيارو پرڀو، اها اوسٿا اچي ٿي پرڀو جي ڪرپا سان، اها اوسٿا اچي ٿي گرو جي ڪرپا سان. اها اوسٿا اچي ٿي سنتن جي ڪرپا سان ۽ جيستائين اسين ان اوَسٿا کي نه پهتا آهيون، تيستائين اسان جو هي جنم سڦل نه ٿو ٿئي.

    منهنجا ڀائرو منهنجون ڀينرون!

    وڌيڪ توهان کي ترسائيندس ڪين، وقت منهنجو پورو ٿي ويو آهي، پر شل اسان مان ڪن جي دلين اندر ان اوَسٿا پهچائڻ لاءِ اسان جي دلين جي اندر aspiration اُٿي. اسين به ان اوَسٿا کي اڄ پهچنداسين، جنهن اوَسٿا کي سنت، پرڀو جا پيارا پهتا آهن. اهي جِت نهارين ٿا اُتي تون هي تون. وقت ڪين اٿم، نه ته جيڪر جدا جدا سنتن جي جيون مان توهان جي اڳيان ڪجهه مثال رکان. ته ڪيئن هُنن criminals، پاپي انسان، مها پاپي انسان، پاپاچار انسان، انهن ۾ پنهنجي پريتم ذريعي پرڀو جو درشن ٿيو آهي، ۽ اُنهن جي جيون ۾ ڦيرو آڻڻ. ڪهڙي شڪتي آهي جا زندگيءَ کي ڦيري سگهي ٿي!؟ نه اسان جي ڪرٽسزم، نه اسان جي پچار، نه اسان جي نڪته چيني، پر پيار جي شڪتي، اسان جي جيون ۾ تبديلي آڻي سگهي ٿي.

    ان ڪري گروديو جي اها سکيا هئي ته هڪ هڪ کي وڃو پيار ڏيندا. ڪنهن تي نڪته چيني نه ڪريو. ٻه ٽي ڏينهن اڳ اسان اُپديش ٻُڌو،گرديو ساڌو واسواڻيءَ جو:

    صاحب کي سنگ، موکو ڪونج جو هوت.

    اها ئي سکيا هئي ته وڃو هڪ هڪ کي پيار ڏيندا وڃو، در درشٽي رکو، اوگڻ نه ڏسو، دوش درشٽي نه رکو، پر در درشٽي رکو، جيڪي توهين ٻين ۾ ڏسو ٿا، جيڪڏهن مان توهان ۾ اوگڻ ڏسان ٿو، اهي توهان جا اوگڻ مان پاڻ ۾ کڻي وٺان ٿو. توهان کي لانڊرنگ مُفت ۾ ملي وڃي ٿي. گر گرهستي رکو. ۽ هڪ هڪ کي ڏيندا وڃو پيار. پيار ۾ هڪ هڪ جي چرنن ۾ سِر جهڪايو، هڪ هڪ جي آسيس پنو، هڪ هڪ جي آسيس پايو. هڪ سڀاڳي ڏينهن تي پنهنجي مانڪ ياترا سڦل ڪريو. سڦل ڪريو.

    اوم برهم ڪرِپا جي ڪيوَلم،
    اوم گرو ڪرِپا جي ڪيوَلم،
    اوم شانتي شانتي شانتي.

    هاڻ دادا جو خطاب پورو ٿيو ۽ حاضرينن مان ڪي کانئس سوال ڪرڻ لڳا. هڪڙي سوال پڇيو:

    ”مايا اچڻي وڃڻي آهي، اها ڪهڙي باهه آهي؟”

    دادا چيو، ”مايا کي اڳيان وار هوندا آهن، مايا کي ڇا ڪنداسين؟ مايا کي ڇڏي ئي هتي آيا آهيون.“

    لکنؤ مان آيل هڪڙو سنڌي اٿي چوڻ لڳو:

    ”دادا، هتي اسان جو هڪڙو به سنڌي MP نه آهي سواءِ آڏواڻيءَ جي؟“

    دادا چوڻ لڳو، ”هتي هڪ هڪ سنڌي پنهنجو پاڻ MP آهي، سنڌي جو گڻ اهو آهي ته سنڌي تمام هوشيار آهن، دان وير آهن پر سنڌين ۾ ٻڌي نه آهي. سنڌي جوئر جو اٽو آهن. ڍوڍي کي سنڌي پچڻ نه ڏيندا آهن. سنڌين ۾ قرب ڏاڍو آهي، پيار ڏاڍو آهي.“ دادا وڌيڪ چوڻ لڳو:

    ”سنڌي چئن الفابيٽ ۾ چيل آهي: س. ن.ڌ. ي. س معنيٰ سادگي، ن معنيٰ نه آهيان، ڌ معني ڌيان، ي معنيٰ ياتري. هڪ هڪ سنڌي پروڙ پائي ته مان نه آهيان.سنڌي اُنهن ڏينهن ۾ لکا پتي هوندا هئا پر هن وقت ڪروڙ پتي آهن، ڏيکاءُ آهي. سنڌيءَ ۾ نڪتو آهي. ن آهي يعني نماڻائي آهي. نمرتا آهي، سنڌي پنهنجي ڌيان ۾ رچي ٿو، من ڀٽڪن پيا. اڳي پڙهائيندا هئا: تکي ۾ تکي ڊوڙ آهي. من اُن کان به تِکو آهي. اسان هتي آهيون ٿوري وقت واسطي. ڪيس ڪورٽ ۾ هوندو آهي پر ماڻهو هليو وڃي ٿو، گذاري وڃي ٿو. هاڻ هتي سنڌي انگريز ٿي پيا آهن. اصل ۾ سچو سنڌي ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اصلوڪو ڌام اُتي آهي، اُتان آيا آهيون، اُتي ئي هلڻو آهي.“

    هڪ عورت اٿي بيهي دادا کي چوڻ لڳي:

    ”پٺاڻ چوندا آهن شير پيو اچي ۽ سنڌي ان کي چوندا آهن ته ٻلي اچي ٿي. اسان پنهنجي ذهن کي ڪيئن ڪنٽرول ڪريون؟“

    دادا چوڻ لڳو، ”جيڪڏهن توهان کي وقت آهي ته توهان ڇهن مهينن ۾ پنهنجي ڪم کي پيار، دل سان ۽ هوشياري سان ڪيو ته توهان جو ذهن ڪنٽرول ۾ رهندو.“

    هاڻ دادا جو خطاب پورو ٿو. مون دادا کي ريٽا جو سنڌ ۾ ڇپيل نئون ڪتاب ”روبرو“ پيش ڪيو ۽ آئون اُتان نڪري آيس ته ٻاهر هڪڙو نوجوان شري نريش سنگهاڻي جيڪو ساڌو واسواڻي مشن جو PRO آهي، ملي ويو. هُن اسان کي ٻئي ڏينهن Darshan Programme ڏسڻ جي نينڍ ڏني. ڀرسان ايشوري جوتواڻي به ريٽا سان گڏ بيٺل هئي. ريٽا چوڻ لڳي، ”موهن! هل ته ايشوري وٽ هلون ٿا.“ ۽ اسان گڏجي ايشوري جوتواڻيءَ وٽ وياسين، جيڪا بلڪل ڀرسان ئي هئي.

    روزاني عوامي آواز، اڱارو 8 جولاءِ 2014ع؛ 9 رمضان المبارڪ 1435هه
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو