• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ!

منصور سرور

سينيئر رڪن
انجنيئر محمد موسيٰ کوسو
دنيا جون مهذب قومون تاريخ جي تلخ حقيقت کان سبق سکنديون آهن ۽ تاريخ جي المين کي نظر ۾ رکندي قومن جي فلاح ۽ بهبود، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ منزل مقصود لاءِ منظم حڪمت عملي مرتب ڪري اڳتي وِک وڌائينديون آهن. دنيا جي تاريخ مان ليئو پائي جڏهن اسان جون اکيون اچي سنڌ جي تاريخ تي کپجن ٿيون ته ان ۾ اسان کي اڻ ڳڻيا دراڙ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ هن ملڪ خداد جي تاريخ به المين سان ڀريل آهي. هِن ملڪ جو وجود به صوبائي خودمختياري جي بنياد تي پيو، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ شامل مڙني صوبن کي حق حڪمراني، پنهنجي وسيلن تي مالڪي ۽ پنهنجي صوبي جي ماڻهن لاءِ آزاد ۽ شفاف پاليسي جو ترتيب ڏيڻ هو، پر افسوس جو هن ملڪ جي حڪمرانن ۽ سندن همنوائن پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ قومن جي حق خود اراديت کان پهرين ڏينهن ئي ڄڻ انڪار ڪري ڇڏيو. مخصوص ٽولي جي حوالي هن ملڪ جي آئيندي جو مسودو ڏنو ويو، جنهن ڪاغذي توڙي جاگرافيائي ڀڃ ڊاهه جو روڊ ميپ تيار ڪيو، ان روڊ ميپ خاص مخصوص ٽولي کي ته فائدو پهچايو پر ان سان سلهاڙيل صوبا ڄڻ ٻٽي عذاب ۾ پئجي ويا، نتيجو اهو نڪتو جو ملڪ سان چاهه رکندڙ ماڻهو سماجي اڻبرابري، ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ ۽ وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ سبب پاڻ کي پاڪستان جي گهاڻائي ۾ غير محفوظ سمجهڻ لڳا. سامراجي اٽڪل سان سنڌ کي نشاني تي رکيو ويو.

هڪ وڏي گريٽ گيم سان ورهاڱي جو سڄو بار سنڌ تي اڇلايو ويو، 13 لک هندن کي ان ڪري لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ويو ته جيئن انهن جي ملڪيتن، ڪاروبار ۽ معيشت تي قبضو ڪري سگهجي. 28 لک مهاجر سنڌ جي شهرن بلخصوص ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آباد ڪيا ويا، انهن کي ڪوڙي پرمٽن ذريعي زمينون ۽ جائيدادون ڏنيون ويون، شهرن ۾ انهن کي فرسٽ ڪلاس سٽيزن شپ جون تمام تر آسائشون ڏنيون ويون، جيڪي هتان جي ماڻهن کي به ميسر نه هيون. 85 سيڪڙو نوڪريون به پناهگيرن لاءِ مختص ڪيون ويون. سنڌ جي ثقافت، تهذيب ۽ ثقافتي ريتن رسمن جي انڪارين کي وڏو پروٽوڪول ڏئي ڌرتي واسين کي عذاب واري زندگي ڏانهن ڌڪيو ويو. واضح ڪندو هلان ته پاڪستان ٺهڻ جي ڪنهن به تحرير دستاويز ۾ ڪٿي به لڏپلاڻ جو ذڪر نه ٿيل آهي. 1940ع واري ڪردار 3 جون پلان، ڪيبنيٽ مشن جي ڪنهن به شق ۾ ڌارين جي يلغار جو ڪو به تذڪرو ناهي. هي ته مختصر ذڪر آهي، انهن جو جن سنڌ کي مستقبل غلامي ڏانهن ڌڪڻ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي، ساڳئي وقت شريف ماڻهن جي ذهنن ۾ سوال پيدا ٿين ٿا ته ان وقت سنڌ، سنڌ ڪندڙ يا سنڌ جي حڪمراني جي دعويٰ ڪندڙ حڪمران ڪٿي هئا؟ ان جو جواب ڳولڻ لاءِ تاريخ جي ڪنهن ڳري باب کي ڇيڙڻ جي ضرورت ناهي، تنهن وقت به پاڪستان خاص طور سنڌ تي وڏيرن جو غلبو هو، جن پنهنجي آقائن ۽ بي ساختا خدائن کي خوش رکڻ لاءِ ڌارين کي هار پارايا ۽ اسٽيشن تي ديڳون لهرائي انهن جي آجيان ڪئي، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته خوشي هميشه ڪاميابين تي ڪئي ويندي آهي، سنڌي وڏيرن جي غداري ۽ بيوقوفي ڏسي ڌاريا حيرت منجهان پنهنجي نجي ڪچهرين ۾ اهو چئي رهيا هئا ته هي سنڌي قوم جا ڪهڙا نمائندا آهن، جيڪي پنهنجي قوم جي بربادي جو جشن ملهائي رهيا آهن. وقت گذرڻ سان تاريخ پاڻ ثابت ڪيو ته جن ماڻهن کي اسان رهڻ جي لاءِ جڳهه، کائڻ لاءِ ماني ۽ اوڍڻ لاءِ ڪپڙو ڏنوسين تن اسان جي پير تي ڪهاڙو وهائي ڪڍيو. سنڌ کي عالمي يتيم خانو سمجهي مهاجر، برمي، بنگالي ۽ افغانين جا ڪٽڪ ڪيرايا ويا، جن اسان جي معيشت ۽ وڏن شهرن ۾ دهشتگردي ڦهلائي سنڌ جي ماڻهن جو قتلام ڪيو. سنڌ ڌرتي جنهن انهن کي پناهه ڏني، تنهن کي ٻه اڌ ڪرڻ جا نعرا بلند ڪيا ويا. سنڌ جي وحدانيت تي انيڪ حملا ڪري سنڌ کي بي آبرو ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي. معاشي طرح پناهگير جاگيرن جا مالڪ بڻجي ويا ته وري ڌرتي جا وارث نوڪرن کان به بدتر زندگي گذارڻ لڳا. ڌرتي، وطن ۽ جنم ڀومي جي محبت کان ناآشنا ماڻهو ڌرتي ڌڻين جا ويري بڻجي ويا. ورهاڱي کانپوءِ پناهگيرن ۽ ڌارين جي لوڌ سنڌ جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو، سنڌ جي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن تي ڌارين جي آبادڪاري منفي اثر ڇڏيا. ايڏي وڏي تاريخي الميي کانپوءِ به اسان جا حڪمران خبر ناهي ان حقيقت کي ڇو سمجهڻ کان قاصر آهن ته ڌارين جي آبادڪاري سنڌ لاءِ زهر قاتل آهي؟

قبائلي علائقن ۾ هلندڙ آپريشن ”ضرب عضب“ دهشتگردي خلاف هلندڙ آهي، جنهن علائقن ۾ هي آپريشن هلندڙ آهي، اتان جي پسگردائي وارا ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، انهن جي لڏپلاڻ جو مرڪز هميشه سنڌ آهي، سنڌ جي راڄڌاني طرف ڌارين جا انبوهه اچي رهيا آهن. ڌارين جي صورت ۾ سنڌ ڏانهن خطرناڪ سونامي اچي رهي آهي، جنهن کي روڪڻ حڪمرانن جي وس ۾ نه رهندي. سنڌ پنجاب جي دنگ ڪمون شهيد، ڊيرا موڙ ۽ جيڪب آباد جي سرحدي پٽي ذريعي ڌارين جا ڪٽڪ سنڌ طرف اچي رهيا آهن. ڇا پاڪستان ۾ ايندڙ هر عذاب جو ٺيڪو سنڌ کنيو آهي؟ هي ڪٿان جو اصول آهي ته هڪ مرض کي ختم ڪرڻ لاءِ هزار بيمارين کي دعوت ڏني وڃي؟ سنڌي ماڻهو اهو پڇڻ جو حق رکن ٿا ته جڏهن سنڌ کي مها ٻوڏن لوڙهي ڇڏيو، سنڌ جي ماڻهن کي لاش دفنائڻ لاءِ جڳهه نه هئي، سنڌين جا لاش پاڻي ۾ لڙهي رهيا هئا، تڏهن سنڌين کي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ پناهه لاءِ آخر ڇو نه موڪليو ويو؟

سنڌين کي ڪنهن به صوبي مان مالي مدد جون هامون ٻڌڻ ۾ ڪو نه آيون. اسلام ۽ پاڪستان جي هٿرادو وصف ٻڌائي سنڌي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڌارين کي ويلڪم ڪرڻ لاءِ موجوده پ پ سرڪار هر روز بيان جاري ڪري رهي آهي. قبائلي علائقن جي ماڻهن کي بنا ڪنهن رجسٽريشن جي سنڌ ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي؟ ان جي ضمانت آخر ڪير ڏيندو ته هي ڌاريا واپس ورندا؟ سنڌ جي ماڻهن کي اهو پڻ ٻڌايو وڃي ته اڳ ۾ جيڪي ڌاريا سنڌ آيا، انهن مان گهڻا واپس پنهنجي علائقن ۾ موٽي ويا؟ سنڌي ماڻهن کي دائمي غلامي ۽ ڌارين جي تسلط ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. ڌرتي جو قرض ۽ ڌرتي جو فرض حڪمرانن کان وسري چڪو آهي. هو ڌرتي کي ڌارين حوالي ڪري رهيا آهن. سنڌ جا ساڃاهه وند ماڻهو اها قياس آرائي ڪري رهيا آهن ته جنهن تيزي سان سنڌ جي معيشت تي ڌاريا قابض ٿي رهيا آهن، تنهن کي ڏسي اهو اندازو ڪري سگهي ٿو ته ائين نه ٿئي جو هو سنڌ کي فتح ڪيل علائقو سمجهي ڌرتي واسين کي تڙي نه ڪڍن. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ڌرتي ماءُ بابت مان هڪ اٻوجهه سنڌي کان جواب طلب ڪرڻ لاءِ سوال ڪيم.

اسان جي علائقي ۾ انتهائي اٻوجهه سمجهيو ويندڙ ”پتلي“ جيڪو هر هلائي زميني جي سيني مان ان اپائي ٿو.

مون ان کان پڇيو ته تنهنجي نظر ۾ ڌرتي ڇا آهي جي جواب مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، ان وراڻيو ته ”هڪ ماءُ اها آهي جيڪا اسان کي جنم ڏئي ٿي ۽ ٻي ماءُ ڌرتي آهي، جيڪا اسان کي هميشه لاءِ گود ۾ وٺي ٿي ۽ رزق به ڏئي ٿي“ سو اگر سنڌ جو اٻوجهه ماڻهو اگر اهڙي سوچ جو مالڪ آهي ته پوءِ حڪمراني ڪندڙ حڪمرانن کي به ڪجهه محسوس ڪرڻ کپي ته ڌرتي ڇا آهي ۽ ان تي رهڻ جا ڪهڙا پيرا ميٽرس آهن. هن وقت جڏهن سنڌ جي وحدانيت مڪمل طرح گهيري ۾ آيل آهي ۽ ڪارا ڪڪر سنڌ مٿان لامارا ڏئي رهيا آهن. هن وقت اسان وٽ سنڌ جو ابو جهاد بشير قريشي به ناهي، جنهن جي گجگوڙ ڪندڙ آواز ڪنهن ڌاريي لاءِ دڙڪي کان گهٽ ڪا نه هئي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڌارين جي لوڌ کي روڪي سنڌ کي دائمي غلامي کان بچايو وڃي. ماضي جي تلخ حقيقت کي سمجهڻ ۽ ان مان سبق پرائڻ جي سخت ضرورت آهي. ڌرتي کي خطرناڪ قسم جا خطرا لاحق آهن. ڌرتي ڌڻين کي گڏيل فهم جو مظاهرو ڪري پنهنجي بقا جي جنگ وڙهڻ گهرجي. مڪمل صف بندي ڪري منتشر احتجاجن کي اجتماعيت ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ائين ڪرڻ سان سنڌ جي ثقافت، تمدن ۽ تاريخي ورثي کي خطرن مان محفوظ ڪري سگهجي ٿو.
 
سنڌين کي 1947 کان مُسلسل اقليت ۾ تبديل ڪرڻ وارين سازشن ۾ گهر جي مانهن جو گهڻو هٿ هو جن سنڌ ۾ ڌارين جي آمد کي پاڻ ويل ڪم ڪيو هو ۽ اعليٰ اختيار وارن کان حصيدار بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا ڪن کي ملي ته ڪن کي نه. جيڪوگهڻو سياڻو هو سو ڦٻي ويو ۽ جيڪو نه ڦٻي سڳيو سو هاڻ اجايون دانهون ۽ واويلا پيو ڪري. سنڌ جي ڪنهن وڏيري، ڀوتار، ڪانڀو خان، پير، مير، جاگيردار، شاهه رئيس جي مدد کان سواءِ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ وارو عمل بلڪل ناممڪن هو. جن صرف پنهنجي ذاتي بقاءَ لاءِ اختيارين سان ملي سازشون ڪيون ۽ ڪري به رهيا آهن ۽ سنڌ ۾ مُسلسل اندروني پاڪستان ۽ دُنيا مان لاڏ پئي ٿئي جنهن ڪري هاڻ سنڌي مُڪمل اقليت ۾ اچي چُڪو اهي. ان لاڌ جو ذميوار نه صرف سنڌي ڪامورو يا وڏيرو آهي جيڪو اختياري وارن سان لاڳاپا ڪري پاڻ نمائي حاصل ڪري ٿو پر ان کان وڌ ته وڏو ظالم ۽ ذميوار ته خود اهو غريب ، مُفلس، ڪم چور، سفارشي ۽ ڪاپي ڪلچر جو بينيفشري سنڌي پاڻ آهي ، جيڪو ذهني علم کان اپاهج ٿي پو اهو غريب يا وچولو وائيٽ ڪالر سنڌي خود پاڻ ڇو نه آهي، جن پاڻ کي سڀ ڄاڻي ٻُجهي انهن طبقن جي غلاميءَ ۾ قيد ڪري رکيو آهي ۽ آشيروادن سان اڳتي وڌي آيو آهي۽ انهن جي پرورش لاءِ ئي استعمال ٿئي پيو ۽ ٻيون انهن طبقن جي غلاميءَ جي چنبي هيٺ رهندڙ سنڌ جون اهي سماجي، سياسي يا قوم پرست تنظيمون هڪ ٿي ٻڌي ڪرڻ بجاءِ هڪ منشور ۽ سنڌيت جو مقصد رکڻ ۽ هُئڻ جي باوجود ڇڙ وڇڙ ٿيل آهي ۽ طبقن ۾ ورهايل سنڌ جي بقاءَ لاءِ گڏ به صرف ڏينهن ملهائڻ تي ٿين ٿيون. هن وقت ڳالهين، نعرن، احتجاجن ۽ جُلوسن کان وڌ يڪتا، ايڪو ۽ عملي قدم جي ضرورت آهي ۽ عملي قدم تڏنهن کڻي سگهبو آهي جڏنهن ڪو پنجاب وانگُر پاورفُل اسٽيٽس هوندو جنهنجي اڪثريت اسٽيبلشمينٽ ۽ بيوروڪريسي يا جيوڊيشري ۽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ يا سوشل ميڊيا ۾ آهي يا هو ڪا حيثيت وٺي اسيمبلين ۾ اچي. جي هڪ نقاطي سوچ رکي قانوني مُنهن ڏبو ۽ سنڌ جي اشوز ۽ اقليت ڪرڻ جي سازشن ۾ رڪاوٽ بڻبي ۽ اهو ڇڙ وڇڙ ٿي رهبو ته سنڌ بچا ممڪن ئي ناهي جو سنڌ جو ووٽ تقسيم ٿيندو ۽ سنڌي ماڻهن جي بيڪ هُئڻ جي باوجود اسيمبليءَ جي سيٽ به حاصل نه ڪري سگهبي. جي عقل وارا پنهنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجا ذاتي ۽ خودنمائيءَ جا ڦڏا ڇڏي جيسين ايمرجنسي طور فلحال پنهنجون تنظيمون ختم ڪري هڪ واحد ۽ هر وقت اسيمبلين ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ واري سياسي پارٽيءَ ۾ مرج ٿي اسيمبلين جو حصو نه بڻبا سنڌ جا مسئلا جنهن لا روئون پيا هرگز حل ڪونه ٿيندا. جيستائن سنڌ جي بقاءَ جون هڪ نقاطي منشورن تحت پاليسيون ڪونه ٺهنديون کڙ ڪونه نڪرندو. هن وقت سوچڻ جي ضرورت آهي ۽ فلحال پاڻ مارڻو اهي ۽ سڀ ڪُجهه پوئتي ڇڏي اسيمبلين تائين ۽ اقتدار ۾ ڪنهن به صورت ۾ رسائي حاصل ڪرڻي اهي ۽ اُتي يڪ زبان ٿي قانون سازي ڪرڻي آهي ۽ ملي عملي قدم کڻڻا آهن ان لا پوءَ اقتدار واري ڪنهن پارٽي ۾ ڀلي ڪنهنجو به سياسي ڪنڌ ملي. جي عقل آهي ۽ سنڌ جي بقاءَ جو هَيقي درد آهي ته سنڌ اها قرباني ضرور گهُرندي. ان طرف سوچيو ڇو جو دُنيا ۽ دين به عقل وارن لاءِ آهي. (اوهانج فيصلو ۽ سمجهه ڪامينٽس ۾ ڏئي قوم جي رهنمائي ڪريو ۽ سنڌ بچايو)
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:

اسان وٽ شعور جي کوٽ سبب ئي اهڙا مسئلا جنم وٺندا آهن ٻيو ته سنڌين جي بدبختي اها به آهي ته کين اڃان تائين ڪا سچي يا چڱي سرڪار نه ملي سگهي آهي ٽيون سبب سنڌي ماڻهون پاڻ ۾ 4 ۽ انهن کي پنهنجي طرف ڇڪڻ وارا هزارين بڻجي پيا آهن جنهن ڪري هو درست ۽ غلط جو فيصلو نه ڪري سگهندا آهن ۽ نتيجن نااهل ماڻهن کي گورنمنٽ ۾ آڻيندا آهن جيڪي ايترا ته ڪريل آهن جو ڪجهه پڙڏيهي پناهگير فنڊ کائڻ لاءِ سڄي دنيا کي سنڌ ۾ آڻي سگهن ٿا
 
انجنيئر محمد موسيٰ کوسو
دنيا جون مهذب قومون تاريخ جي تلخ حقيقت کان سبق سکنديون آهن ۽ تاريخ جي المين کي نظر ۾ رکندي قومن جي فلاح ۽ بهبود، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ منزل مقصود لاءِ منظم حڪمت عملي مرتب ڪري اڳتي وِک وڌائينديون آهن. دنيا جي تاريخ مان ليئو پائي جڏهن اسان جون اکيون اچي سنڌ جي تاريخ تي کپجن ٿيون ته ان ۾ اسان کي اڻ ڳڻيا دراڙ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ هن ملڪ خداد جي تاريخ به المين سان ڀريل آهي. هِن ملڪ جو وجود به صوبائي خودمختياري جي بنياد تي پيو، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ شامل مڙني صوبن کي حق حڪمراني، پنهنجي وسيلن تي مالڪي ۽ پنهنجي صوبي جي ماڻهن لاءِ آزاد ۽ شفاف پاليسي جو ترتيب ڏيڻ هو، پر افسوس جو هن ملڪ جي حڪمرانن ۽ سندن همنوائن پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ قومن جي حق خود اراديت کان پهرين ڏينهن ئي ڄڻ انڪار ڪري ڇڏيو. مخصوص ٽولي جي حوالي هن ملڪ جي آئيندي جو مسودو ڏنو ويو، جنهن ڪاغذي توڙي جاگرافيائي ڀڃ ڊاهه جو روڊ ميپ تيار ڪيو، ان روڊ ميپ خاص مخصوص ٽولي کي ته فائدو پهچايو پر ان سان سلهاڙيل صوبا ڄڻ ٻٽي عذاب ۾ پئجي ويا، نتيجو اهو نڪتو جو ملڪ سان چاهه رکندڙ ماڻهو سماجي اڻبرابري، ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ ۽ وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ سبب پاڻ کي پاڪستان جي گهاڻائي ۾ غير محفوظ سمجهڻ لڳا. سامراجي اٽڪل سان سنڌ کي نشاني تي رکيو ويو.

هڪ وڏي گريٽ گيم سان ورهاڱي جو سڄو بار سنڌ تي اڇلايو ويو، 13 لک هندن کي ان ڪري لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ويو ته جيئن انهن جي ملڪيتن، ڪاروبار ۽ معيشت تي قبضو ڪري سگهجي. 28 لک مهاجر سنڌ جي شهرن بلخصوص ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آباد ڪيا ويا، انهن کي ڪوڙي پرمٽن ذريعي زمينون ۽ جائيدادون ڏنيون ويون، شهرن ۾ انهن کي فرسٽ ڪلاس سٽيزن شپ جون تمام تر آسائشون ڏنيون ويون، جيڪي هتان جي ماڻهن کي به ميسر نه هيون. 85 سيڪڙو نوڪريون به پناهگيرن لاءِ مختص ڪيون ويون. سنڌ جي ثقافت، تهذيب ۽ ثقافتي ريتن رسمن جي انڪارين کي وڏو پروٽوڪول ڏئي ڌرتي واسين کي عذاب واري زندگي ڏانهن ڌڪيو ويو. واضح ڪندو هلان ته پاڪستان ٺهڻ جي ڪنهن به تحرير دستاويز ۾ ڪٿي به لڏپلاڻ جو ذڪر نه ٿيل آهي. 1940ع واري ڪردار 3 جون پلان، ڪيبنيٽ مشن جي ڪنهن به شق ۾ ڌارين جي يلغار جو ڪو به تذڪرو ناهي. هي ته مختصر ذڪر آهي، انهن جو جن سنڌ کي مستقبل غلامي ڏانهن ڌڪڻ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي، ساڳئي وقت شريف ماڻهن جي ذهنن ۾ سوال پيدا ٿين ٿا ته ان وقت سنڌ، سنڌ ڪندڙ يا سنڌ جي حڪمراني جي دعويٰ ڪندڙ حڪمران ڪٿي هئا؟ ان جو جواب ڳولڻ لاءِ تاريخ جي ڪنهن ڳري باب کي ڇيڙڻ جي ضرورت ناهي، تنهن وقت به پاڪستان خاص طور سنڌ تي وڏيرن جو غلبو هو، جن پنهنجي آقائن ۽ بي ساختا خدائن کي خوش رکڻ لاءِ ڌارين کي هار پارايا ۽ اسٽيشن تي ديڳون لهرائي انهن جي آجيان ڪئي، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته خوشي هميشه ڪاميابين تي ڪئي ويندي آهي، سنڌي وڏيرن جي غداري ۽ بيوقوفي ڏسي ڌاريا حيرت منجهان پنهنجي نجي ڪچهرين ۾ اهو چئي رهيا هئا ته هي سنڌي قوم جا ڪهڙا نمائندا آهن، جيڪي پنهنجي قوم جي بربادي جو جشن ملهائي رهيا آهن. وقت گذرڻ سان تاريخ پاڻ ثابت ڪيو ته جن ماڻهن کي اسان رهڻ جي لاءِ جڳهه، کائڻ لاءِ ماني ۽ اوڍڻ لاءِ ڪپڙو ڏنوسين تن اسان جي پير تي ڪهاڙو وهائي ڪڍيو. سنڌ کي عالمي يتيم خانو سمجهي مهاجر، برمي، بنگالي ۽ افغانين جا ڪٽڪ ڪيرايا ويا، جن اسان جي معيشت ۽ وڏن شهرن ۾ دهشتگردي ڦهلائي سنڌ جي ماڻهن جو قتلام ڪيو. سنڌ ڌرتي جنهن انهن کي پناهه ڏني، تنهن کي ٻه اڌ ڪرڻ جا نعرا بلند ڪيا ويا. سنڌ جي وحدانيت تي انيڪ حملا ڪري سنڌ کي بي آبرو ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي. معاشي طرح پناهگير جاگيرن جا مالڪ بڻجي ويا ته وري ڌرتي جا وارث نوڪرن کان به بدتر زندگي گذارڻ لڳا. ڌرتي، وطن ۽ جنم ڀومي جي محبت کان ناآشنا ماڻهو ڌرتي ڌڻين جا ويري بڻجي ويا. ورهاڱي کانپوءِ پناهگيرن ۽ ڌارين جي لوڌ سنڌ جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو، سنڌ جي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن تي ڌارين جي آبادڪاري منفي اثر ڇڏيا. ايڏي وڏي تاريخي الميي کانپوءِ به اسان جا حڪمران خبر ناهي ان حقيقت کي ڇو سمجهڻ کان قاصر آهن ته ڌارين جي آبادڪاري سنڌ لاءِ زهر قاتل آهي؟

قبائلي علائقن ۾ هلندڙ آپريشن ”ضرب عضب“ دهشتگردي خلاف هلندڙ آهي، جنهن علائقن ۾ هي آپريشن هلندڙ آهي، اتان جي پسگردائي وارا ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، انهن جي لڏپلاڻ جو مرڪز هميشه سنڌ آهي، سنڌ جي راڄڌاني طرف ڌارين جا انبوهه اچي رهيا آهن. ڌارين جي صورت ۾ سنڌ ڏانهن خطرناڪ سونامي اچي رهي آهي، جنهن کي روڪڻ حڪمرانن جي وس ۾ نه رهندي. سنڌ پنجاب جي دنگ ڪمون شهيد، ڊيرا موڙ ۽ جيڪب آباد جي سرحدي پٽي ذريعي ڌارين جا ڪٽڪ سنڌ طرف اچي رهيا آهن. ڇا پاڪستان ۾ ايندڙ هر عذاب جو ٺيڪو سنڌ کنيو آهي؟ هي ڪٿان جو اصول آهي ته هڪ مرض کي ختم ڪرڻ لاءِ هزار بيمارين کي دعوت ڏني وڃي؟ سنڌي ماڻهو اهو پڇڻ جو حق رکن ٿا ته جڏهن سنڌ کي مها ٻوڏن لوڙهي ڇڏيو، سنڌ جي ماڻهن کي لاش دفنائڻ لاءِ جڳهه نه هئي، سنڌين جا لاش پاڻي ۾ لڙهي رهيا هئا، تڏهن سنڌين کي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ پناهه لاءِ آخر ڇو نه موڪليو ويو؟

سنڌين کي ڪنهن به صوبي مان مالي مدد جون هامون ٻڌڻ ۾ ڪو نه آيون. اسلام ۽ پاڪستان جي هٿرادو وصف ٻڌائي سنڌي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڌارين کي ويلڪم ڪرڻ لاءِ موجوده پ پ سرڪار هر روز بيان جاري ڪري رهي آهي. قبائلي علائقن جي ماڻهن کي بنا ڪنهن رجسٽريشن جي سنڌ ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي؟ ان جي ضمانت آخر ڪير ڏيندو ته هي ڌاريا واپس ورندا؟ سنڌ جي ماڻهن کي اهو پڻ ٻڌايو وڃي ته اڳ ۾ جيڪي ڌاريا سنڌ آيا، انهن مان گهڻا واپس پنهنجي علائقن ۾ موٽي ويا؟ سنڌي ماڻهن کي دائمي غلامي ۽ ڌارين جي تسلط ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. ڌرتي جو قرض ۽ ڌرتي جو فرض حڪمرانن کان وسري چڪو آهي. هو ڌرتي کي ڌارين حوالي ڪري رهيا آهن. سنڌ جا ساڃاهه وند ماڻهو اها قياس آرائي ڪري رهيا آهن ته جنهن تيزي سان سنڌ جي معيشت تي ڌاريا قابض ٿي رهيا آهن، تنهن کي ڏسي اهو اندازو ڪري سگهي ٿو ته ائين نه ٿئي جو هو سنڌ کي فتح ڪيل علائقو سمجهي ڌرتي واسين کي تڙي نه ڪڍن. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ڌرتي ماءُ بابت مان هڪ اٻوجهه سنڌي کان جواب طلب ڪرڻ لاءِ سوال ڪيم.

اسان جي علائقي ۾ انتهائي اٻوجهه سمجهيو ويندڙ ”پتلي“ جيڪو هر هلائي زميني جي سيني مان ان اپائي ٿو.

مون ان کان پڇيو ته تنهنجي نظر ۾ ڌرتي ڇا آهي جي جواب مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، ان وراڻيو ته ”هڪ ماءُ اها آهي جيڪا اسان کي جنم ڏئي ٿي ۽ ٻي ماءُ ڌرتي آهي، جيڪا اسان کي هميشه لاءِ گود ۾ وٺي ٿي ۽ رزق به ڏئي ٿي“ سو اگر سنڌ جو اٻوجهه ماڻهو اگر اهڙي سوچ جو مالڪ آهي ته پوءِ حڪمراني ڪندڙ حڪمرانن کي به ڪجهه محسوس ڪرڻ کپي ته ڌرتي ڇا آهي ۽ ان تي رهڻ جا ڪهڙا پيرا ميٽرس آهن. هن وقت جڏهن سنڌ جي وحدانيت مڪمل طرح گهيري ۾ آيل آهي ۽ ڪارا ڪڪر سنڌ مٿان لامارا ڏئي رهيا آهن. هن وقت اسان وٽ سنڌ جو ابو جهاد بشير قريشي به ناهي، جنهن جي گجگوڙ ڪندڙ آواز ڪنهن ڌاريي لاءِ دڙڪي کان گهٽ ڪا نه هئي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڌارين جي لوڌ کي روڪي سنڌ کي دائمي غلامي کان بچايو وڃي. ماضي جي تلخ حقيقت کي سمجهڻ ۽ ان مان سبق پرائڻ جي سخت ضرورت آهي. ڌرتي کي خطرناڪ قسم جا خطرا لاحق آهن. ڌرتي ڌڻين کي گڏيل فهم جو مظاهرو ڪري پنهنجي بقا جي جنگ وڙهڻ گهرجي. مڪمل صف بندي ڪري منتشر احتجاجن کي اجتماعيت ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ائين ڪرڻ سان سنڌ جي ثقافت، تمدن ۽ تاريخي ورثي کي خطرن مان محفوظ ڪري سگهجي ٿو.
سُتا اُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري....!!!

سنڌيو سجاڳ ٿيو، پنهنجي دنگن جي حفاظ پـــاڻ ڪريو....!

الله ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي ســـــنـــڌ ۽ ســـــنـــڌ وارن جي ٻولي......!!!

جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، پوء منهنجي توکان دوري آ.......

منهنجي محبت يا نفرت جو مَحَوَر صرف ۽ صرف ســــنــڌ آهي(سائين جي ايم سيد)
 
سنڌي ڊرامان توهانجي معاشري، سوچ ۽ سماج جو مُڪمل آئنو آهن. اي سنڌ جا ڊرامان ليکڪو! اديبئو! شاعرئو! جيئن ته هن سنڌي سماج جي تباهيءَ ۾ گهڻي ڀاڱي سنڌي رائيٽرس جو ئي حصو آهي ۽ جن پنهنجي لکت کي سماج سُڌار لکتن بجاءِ سماج تباهه لکتن سان مُڪمل ڊانا ڊول ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪو گس به نٿو ملي. گهربو اهو هو ته اسان سٺن نقطن ۽ پاسن کي کڻي هلون آ ۽ انهن ئي ڪريڪٽرن کي نروار ڪري پنهنجي هيءَ تباهه و برباد ٿيل سنڌي سوسائٽي بچايون ها، اسان جاهل، توهم پرست بي علمو ماحول پيش ڪيو ۽ خراب ڪريڪٽرن ۽ ناسورن کي پنهنجو هيرو ڪري پيش ڪيو ۽ جيڪي به سماجي بُرايون هُيون ،خراب عادتن ۽ ماحول کي اڳيان آندو ۽ ان جو اثر وٺي ۽ ان جي ڪاپي ڪري اسانجي اڄ جي جنريشن انهن بدڪرادرن ۽ انوائرنمينٽ جو اثر وٺي پاڻ کي ان ماحول ۾ مڪمل زم ڪري ڇڏيو ۽ ان ڪري اڄ جي سموري سنڌ ۽ ان غلط ماحول. جنهن ۾ چوري، ڪارو ڪاري، ونگار، ڌاڙيل گيري، مُنشي گيري، ڪمداري، رُشوت، جهالت، نا انصافي، ظلم، جبر، ڏاٺ مُڙسي ۽ زور زبردستيءَ کي بهترين ڄاڻي اپنايو ۽ صحيح علم کان پري پري رهي. جن علم حاصل ڪيو اُنهن به زبردستي ۽ ڪاپي ۽ سفارشي ڪلچر اپنائي ڪيو ۽ اهي بهتريون ڇڏي بُراين جي فروغ لاءِ اڳتي وڌيا ۽ هاڻ جيئن ته اسان سڀئي ڊرامان ليکڪ، اديب، شاعر ئي گهڻي ڀاڱي سنڌي معاشري جي تباهيءَ جا مڪمل ذميوار آهيون ان ڪري اسان تي لازم آهي ته پاڻ چينج ڪريون ۽ پازيٽو سوچ کڻي اڳتي وڌون ۽ جهل ۽ بُراين وارا ڪريڪٽر، اسٽوريز، ڪهاڻيون ۽ شاعري ڇڏي بهترين لکتن کي فروغ ڪري سنڌي معاشري کي تباهيءَ ۽ جهالت جي انتها تائين پُهچڻ کان بچايون. ته اچو ته ٻيا بهترين مضمون کڻي اُنهن کي ڊراماٽائيز ڪريون ڇو جو اڄ جي ميڊيا دئور ۾ اڄ جي جنريشن هاڻ ٽي وي ڏسي پنهنجو معاشرو ٺاهي ٿي ۽ جيڪو انهن کي ڏيکاريو يا پڙهايو ويندو اُهو ئي گس وٺندا ته هاڻ قوم کان پنهنجي ماضيءَ جي خراب لکت تي کُلي معافي وٺي نه صرف معاشرو بچائڻ لاءِ قدم قدم سان ملائي اڳتي وڌون پر ٻولي به بچايون. ڇو جو اڻ پڙهيل يا معمولي پڙهيل رائيٽر، اديب، شاعر شوق پوري ڪرڻ ۾ پنهنجي خراب لکتن سان ئي معاشري جي تباهي جو ڪارڻ بڻيا آهن. مثال سمجهائڻ لاِءِ اسان به پهل ڪريون ٿا ۽ توهان به. اچو ته پنهنجون پئدا ڪيل خرابيون پاڻ دور ڪريون ۽ ۽ ٻوليءَ ، تهذيب، ماحول ۽ ثقافت جي حفاظت ڪريون ۽ هڪ پڙهيل لکيل اسڪرپٽ ايڊيٽر لڳائي لکت تي ايمرجنسي سينسر هڻي بهترين لکتون پاس ڪريون ۽ سنڌ، سنڌي معاشرو، سماج، تهذيب، ٻولي، تمدن،بچايون .! سنڌ بچايون ! پنهنجو ضمير بچايون! پنهنجو نسل بچايون!
 
Back
Top