سڀني دوستن جي مهرباني جن مان ڏنو. ٿورا مه ٿورا مون تي اوهان سڀني جا جو ايڏو مان ڏيو ٿا نه ته ڪٿي آئون ڪٿي اوهان سڀني مهان ماڻهن پاران چيل منهنجي واکاڻ ۾ لفظ.
هن فورم تي اچڻ کان پوءِ هن جو ئي ٿي رهجي وڃڻ ۾ جتي هي فورم وٺڻ ۽ ونڊڻ لاءِ ڄاڻ جو سُٺو ذريعو هو اُتي بي انتها قُرب به رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو صلاح مشورن کان ويندي عملي ڪم ۾ رتي برابر پتي ڳنڍڻ جو موقعو به نصيب ٿيندو رهيو. رُڳو چوڻ جي حد تائين نه پر عملي طرح هي گهر جيان آهي. جتي سڀ گهر ڀاتين جيان آهيون.
ڪافي دفعا انتظاميه هي ذميواري ڏيڻ چاهي پر منهنجو خيال هو ته ضروري ناهي ته ليبل لڳائي ڪم ڪجي بس جيئن هلي پيو ٺيڪ آهي.
ذيشان رشيد پاران انتظامي ذميواريون انتظاميه جي ڪنٽرول ۾ رهندڙ شين کي پسِ پرده رهندي سنڀالڻ لاءِ ڏنيون ويون جيڪي گُذريل تقريبن ٻن سالن کان پنهنجي وس آهر نڀايم. پر اڄ تائين سمجهه ۾ نه آيو ته انتظامي لسٽ ۾ آڻڻ ۽ ليبل هڻڻ تي رشيد صاحب جو الائي ڇو اصرار رهيو. بار بار نٽائڻ تي اٽڪل ڪندي ڪافي ڏينهن کان پوءِ اڳ ۾ واعدو وٺي ته نه نه ڪندين پوءِ ڳالهه ڪيائين. منهنجي وهم و گُمان ۾ به نه هو ته هو وري اها هُج ورجائيندو.
بس پوءِ واعدو پاڙيندي اهو سڀ ٿي ويو. هن وقت انتظاميه مان ڪافي (شايد سواءِ
سليمان وساڻ جي) هڪدم ڪنهن نه ڪنهن اهڙي مجبوري سبب فورم کان ٿورو پاسيرا ٿي پيا آهن جو اها ذميداري اڳي کان ڪُجهه وڌيڪ ڳري ٿي لڳي. خاص ڪري
ذيشان رشيد جو نؤڪري جي سلسلي ۾ اهڙي هنڌ هُجڻ جتي انٽرنيٽ جي مناسب سهولت نه هُجڻ فورم جي ٽيڪنيڪل ڪمن ۾ رُڪاوٽ وجهي سگهي ٿو پيو. پر اهو يقين به آهي ته هن فورم کي هلڻو آهي. بس اوهان جو ساٿ ۽ دُعا رهي ته ڪم ڪبو پيو.
مطالعو گهٽ هُجڻ ڪري لکندي مهل لفظن جي مُناسب چونڊ نه ڪري سگهڻ جي فِڪر سدائين رهي ٿي. جتي چُڪ پڪڙيو رهنمائي ڪريو جي نه ته به درگُذر ضرور ڪجو.