سنڌ سلامت فورم تي ڪجهه انتظامي تبديليون

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏10 جولائي 2014۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت کي تازو ئي زين فورو جي جديد ورجن تي اپگريڊ ڪيو ويو آهي.. جنهن کان پوءِ سنڌ سلامت تي عام رڪنن ۽ انتظامي رڪنن لاءِ ڪجهه سهولتون وڌيون آهن...
    نين تبديلين سان گڏو گڏ هتي ڪجهه انتظامي تبديلين جو ذڪر پڻ ڪجي ٿو... سنڌ سلامت پنهنجي رڪنن جي محنت ۽ فعاليت کي نظر ۾ رکندي کين انتظامي ذميداريون حوالي ڪرڻ جي درخواست موڪليندي رهندي آهي.. ته جيئن سندن محنت مان درست فائدا حاصل ڪري سگهجن.. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن اهي رڪن غير فعال ٿيندا آهن ته سندن واپس فعالي جو انتظار پڻ ڪيو ويندو آهي... ۽ آخر جڏهن سندن مصروفيتون گهڻيون وڌڻ ڪري سنڌ سلامت تي سندن غير حاضري طويل ٿيڻ لڳندي آهي ته ساڻن رابطو ڪيو ويندو آهي...
    سنڌ سلامت تي ماضيءَ ۾ محترم عباس مگسي ، جناب عبدالوهاب قمبراڻي صاحب جن جو محنتون وسارڻ جهڙيون نه آهن اهي فورم تي ڪافي سرگرم رهيا هيا.. پر بعد ۾ پنهنجي نوڪرين جي سلسلي ۾ وڌيڪ مصروف ٿيڻ لڳا تان جو جڏهن انتظاميه طرفان ساڻن رابطو ڪيو ويو ته پاڻ پنهنجيون مجبوريون پيش ڪندي پنهنجي ذميدارين تان سبڪدوش ٿيڻ جي درخواست ڪئي... ڪافي غور کان پوءِ انتظاميه سندن درخواست منظور ڪئي...
    ڪجهه عرصي کان سنڌ سلامت جا ٽي انتظامي ساٿي پنهنجي پروفيشنل مجبورين ڪري پنهنجي ذميدارين تان سبڪدوش ٿيڻ جون درخواستون ڏئي چڪا آهن.. جن ۾ محترم نثارناز ، محترم مست ۽ محترم ڦلپوٽو فقير شامل آهن.. سندن سنڌ سلامت فورم لاءِ خدمتن مان اسان سڀ واقف آهيون.. انهن جي مصروفيت سان يقينن اسان کي ڪافي ڌچڪو رسيو آهي... ۽ فورم جي نظامت اسان لاءِ چيلينج بڻجڻ لڳي آهي.. مان هن موقعي تي سندن تعاون جو انتهائي مشڪور آهيان.. ۽ اها اميد پڻ رکان ٿو ته کين جڏهن به وقت ملندو پنهنجي هن ساٿ سان عام رڪن جي حيثيت سان ئي ڦيرو ڀريندا رهندا ۽ پنهنجي حالات بابت آگاهي ڏيندا رهندا...

    مٿيئن ساٿين جي مصروفيت ڪري جيڪو خلا پيدا ٿيو آهي ان کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ سلامت انتظاميه طرفان محترم عبدالحفيظ لغاري جن کي فورم جي ادارت ۽ انتظامي ڪمن کي ادا ڪرڻ لاءِ بطور منتظم ذميداريون نڀائڻ جي درخواست ڪئي وئي.. جيئن ته پاڻ هن وقت ملڪ ترڪي ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موجود آهن.. ان ڪري انٽرنيٽ جي بهتر انتظام هيٺ آهن.. سندن هر وقت فعال هجڻ جو درست فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليل سنڌ سلامت جي درخواست پاڻ قبول ڪيائون ۽ سنڌ سلامت جي تازه ترين اپڊيٽ تي پاڻ خوب ساٿ نڀايائون...
    اميد ته ڪجي ٿي ته پاڻ پنهنجي ذميدارين کي خوب سمجهي چڪا هوندا ۽ انهن کي پوري طرح ادا ڪرڻ ۾ پوري ڪوشش ڪندا رهندا...
     
    20 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو