تبديلي اچڻ کپي! ... عبدالقادر جوڻيجو

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏10 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    تبديلي اچڻ کپي!
    [​IMG]
    عبدالقادر جوڻيجو
    جڏهن سنڌ جي عام خلقت آزار ۾ هجي ۽ عام ماڻهو ڏکن، بکن، بيمارين، بي انصافين ۽ بيوسين جو شڪار هجي ته اهڙين حالتن ۾ پراڻيون ٽوپيون بچائڻ، اقتداري پارٽين جون مُرليون وڄائڻ پيٽ ڀرائيءَ جو ڪم آهي. اسان جا اهڙا يار اِهو نٿا ڏسن ته اُهي اهڙيون ڳالهيون ڪري ستايل خلقت کي اکيان پئجي رهيا آهن. پر پوءِ به جيڪا جنهن جي مرضي، پاڻ ته خلقت سان ٻڌل آهيون، جنهن جي خبر آئي وِئي کان پيا پڇندا آهيون ۽ دل جو سُور دل ۾ ئي رهجي ويندو آهي. ٻئي پاسي جڏهن تبديليءَ جي قافلن کي ٽي وي تي ڏسندا آهيون يا ماڻهن کان ٻڌندا آهيون، تڏهن دل ۾ وِساڻل ڏيئا ٻري پوندا آهن ۽ جهر مرڪندا رهندا آهن ته ها ٻيلي، ڪنهن کي ته سُرت آئي، جنهن اِهو مانڊآڻ مچائيو آهي. پر تنهن هوندي به نيرڄي دماغ ۾ اِهي سوال ضرور اُڀرندا آهن ته آخر اِها تبديلي ڪيئن ۽ ڪڏهن ايندي. انتظار ڊگهو ٿيندو آهي، پر اُميدن جو جهان اندر ۾ پيو لامارا ڏيندو آهي ته اڄ نه، ته سڀاڻي، ڀلا جي سڀاڻي نه، ته پرينهن. ڪو نه ڪو ڏينهن اچڻو آهي، جڏهين تبديليءَ جي آس پوري ٿيندي. مايوس ٿي ويهڻ جي بدران حرڪت ۾ اچڻ ضروري آهي، پوءِ جيڪو جنهن کان پڄي. وڏي ٻڙڌڪ جي ضرورت ناهي، سڀ ڪجهه آرام سان سوچي سمجهي ڪرڻو آهي ۽ پرامن طور تي ڪرڻو آهي. جهنگلن ۾ رُلندي ڦرندي پاڻ ڪاٺ ڪُٽو پکي ڏٺو آهي، جيڪو چهنب سان ٿڙ ۾ ٽُنگ ڪرڻ لاءِ پيو ٺُڪ ٺُڪ ڪندو آهي، پر نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪندو آهي ۽ پنهنجي پوکاري ٺاهي وڃي دنگ ڪندو آهي. ڀلا اسان ڪاٺ ڪُٽي کان به وياسين ڇا؟

    جيتري قدر هن بندي کي ياد ٿو اچي ته ڪافي سال اڳ انهيءَ تبديليءَ جي ضرورت کي محسوس ڪندي اسان جي مهربان علي قاضي ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ جو سوال کڙو ڪيو هو ۽ انهيءَ سوال جي موٽ ۾ روزانه ڪاوش ۾ ڪيترائي مضمون هڪ ٻئي پويان ڇپيا هئا. تڏهن اڃا ڪي ٽي اين پنڌ ۾ هئي، پر اِهو سوال کڙو ڪري بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلايو ويو هو. تبديليءَ جو ٻج اتان ئي ڇٽاڻو. باقي وڌي وڻ ٿيڻ ۾ چڱو خاص وقت لڳو. هاڻي انهيءَ وڻ ڇانوَ ڏيڻ شروع ڪري ڏني آهي. ظاهر آهي ته وڌي وڻ ٿيل کي ڪنهن نه ڪنهن موسم ۾ فروٽ ته ڏيڻو ئي آهي. تبديليءَ جي خيال کي ابتدائي مرحلي طور تي عملي شڪل ڏيندي قافلا نڪري پيا آهن، جيڪي ضرور رنگ لائيندا.

    انهيءَ سڄي ٿيوري ۽ عمل جي پويان جيڪو ڀلو آئيڊيا موجود آهي، اِهو اُهو آهي ته قافلي جي سرواڻ طرفان ٿاڦجڻ (Impose) جي بدران عام ماڻهن جي اجتماعي شعور کي فوقيت ڏني وئي آهي ته اُهو جيڪي چوندو، سو ٿيندو. ٻئي جيڪا سٺي ڳالهه آهي، اُها اِها آهي ته تبديلي جي انهن ڪوششن جي دوران ڪڏهين به ڪنهن انقلاب جو نعرو نه هنيو آهي.

    اسان جا گهڻا دوست اڃا تائين انقلاب جي هوائي توائي تصور ۾ قابو آهن. ڏٺائون ته التحرير اسڪوائر مان انقلاب جا جيڪي شعلا اُڀريا آهن، سو اڃا تائين انقلاب جي ايرا ختم نه ٿي آهي. پر حقيقت ته اها ئي آهي ته ”لٺيون کائي ڀولڙو، کٽيو کائي فقير“. مصر ۽ تيونس ۾ انقلاب جي جيڪا لهر اُڀري، انهيءَ ابتو ٽپ ڏنو. وڙهيا ۽ مئا هڪڙا، انقلاب چڙهي ويو وَرِ ٻين جي. ڀولڙا سٽجي ڍير ٿيا ۽ کٽيو کاڌو فقيرن. اهڙيون حرڪتون ٻين عرب ملڪن ۾ به جاري ساري آهن ۽ ٿيندو اُهو ئي، جيڪو مصر ۽ تيونس ۾ ٿي گذريو. سو اِهو شڪر آهي جو سنڌ ۾ تبديلي جي قافلي جا ذي شعور سرواڻ اِهڙو اُبتو ٽپ ڏيڻ کان بچي ويا ۽ Revolution جي بدران Evolution جي ڳالهه ٿا ڪن، ڇاڪاڻ جو هيءُ دور ئيEvolution جو آهي. انهيءَ مان اِهو به ثابت ٿو ٿئي ته تبديليءَ جي سلسلي ۾ سنڌ جي سرواڻن جيڪا راهه ورتي آهي، اُها ئي ڪاميابيءَ جي راهه آهي ۽ اها ئي راهه سرواڻن جي عقلمندي جي نشاني به آهي ته گهوٽ ڄڃ ۾ اڃا وائڙو نه ٿيو آهي.

    منهنجي ذاتي خيال موجب انهيءَ تبديليءَ جو پهريون مرحلو اِهو ئي هئڻ گهرجي ته اسان پهرئين پهرئين ٻين ڏانهن ڏسڻ جي بدران پنهنجي گهر ۾ ئي لڳل باهه کي ٺاريون، ڇاڪاڻ جو هڪ ته سنڌ جو معاشرو اهڙي هنڌ اچي بيٺو آهي، جو ڊپ ٿو ٿئي ته هتان سنڌ جو معاشرو بگاڙ کان وڌي ڪري اڳتي انارڪيءَ ڏانهن نه هليو وڃي. زال ذات جي ڪُهه ڪُهان، غريب جي مٿي تي موچڙن جو وسڪارو، چوري، ڌاڙو، مار ماران ۽ قبائلي جهيڙن جي نتيجي ۾ ٻارن جي هٿن ۾ به اهڙا هٿيار ٿا نظر اچن، جو لڳي ٿو ته ڪٿي اسان جو نئون نسل آفريڪا جي نئين نسل وانگيان نه بڻجي وڃي. آفريڪا جي انهيءَ نئين نسل جي باري ۾ ڪنهن کي ڄاڻ حاصل ڪرڻي آهي ته اُهو پولينڊ جي ساکائتي جرنلسٽ رشيارد ڪاپوشنسڪي جي ڪتابن ۽ آمريڪا جي ساکائتي ليکڪ پال ٿيرو جي سفرنامن کي نظر مان ڪڍي، تنهن کان پوءِ وڃي اها خبر پوندي ته ڪيترئين ويهين سئو ٿو ٿئي. سو پاڻ کي به پهرئين اها گهر جي باهه وسائڻي پوندي. ٻئي ڳالهه اِها ته جي پنهنجي ئي گهر ۾ رڻ ٻريل هوندو ته پوءِ اسان انهن ٻين کان پنهنجا وڃايل حق حاصل ڪو نه ڪري سگهنداسين، تنهن ڪري پهرئين معاشري جو علاج ڪرڻو پوندو، پوءِ سياست جي ذريعي پنهنجا ڦٻائجي ويل حق حاصل ڪري سگهنداسين.

    پر هت وري اِهو سوال ٿو اُٿي ته جيستائين اسان ماڻهن ۾ سياسي شعور نه هوندو ته معاشري کي ڪيئن ٺيڪ ڪري سگهنداسين؟ اِها ڳالهه آهي ته ڪم جي، پر جيستائين معاشرو ئي سِڌِ ۾ نه هوندو ته سياسي شعور ڪٿان ايندو. سياسي شعور به معاشري جي گهاڙيٽي تي ٻڌل هوندو. سو تبديليءَ جي قافلي ۾ هڪڙي ڪور اهڙي به هجي، جيڪا انهن ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏئي. جيڪڏهن اسان ۾ معاشرتي شعور هجي ها ته ڪر هڪ ٻئي پويان ايندڙ ٻئي وڏيون ٻوڏون نقصان پهچائي ڪو نه سگهن ها. معاشرتي شعور هڪڙي پاسي اسان کي ٻوڙيندڙن نام نهاد آبپاشي جي ماهرن کي ايڏو ڇوٽ نه ڇڏي ها، جو اُهي اسان کي انڌ ۾ رکي ٻوڙين ها ۽ پنهنجو پيٽ سائو ڪن ها. ڪرپشن کي اُهو ئي معاشرو ٻُنجو ڏيئي سگهي پيو. ٻئي پاسي اسان وٽ سنڌ ۾ تعليم کان جيڪا ڪن ٽار ڪئي پيئي وڃي ۽ ڪيترائي اسڪول يا ته خالي پيا آهن يا وري ٽُٽا پيا آهن. ماسترن جون مقرريون ميرٽ جي بدران پنهنجا نوازڻ جي ڪري حال هيڻو لڳو پيو آهي. ڪيترن ئي قبائلي جهيڙن جي ڪري ٻارن جي هٿ ۾ قلم ڪتاب هئڻ جي بدران بندوقون اچي ويون آهن. تعليم کاتي جا مُک عملدار سياسي بنيادن تي مقرر هئڻ جي ڪري، اِهي ڪامورا سياستدانن جون جتيون کڻڻ ۾ پورا آهن. انهيءَ سڄي صورتحال کي روڪڻ جو بار به معاشري جي سجاڳيءَ سان ٻڌل آهي.

    ٽئين پاسي خود جهيڙن جهٽن کي روڪڻ، ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تي تپي وڃڻ جي نفسيات کي ٻنجو ڏيڻ، هيڻن کي ستائڻ وارن ڏاڍن جا هٿ روڪڻ، ڪامورا شاهي جي ڏاڍ کي منهن ڏيڻ، وڻن ٻوٽن جي سار سنڀال رکڻ، جهنگلن کي برقرار رکڻ ۽ ڪيٽين ۾ هلندڙ وهنوار کي ٻنجو تڏهن ئي ڏيئي سگهجي ٿو، جڏهن عوام ۾ معاشرتي شعور هوندو ۽ کين ننڍي ننڍي ڳالهه جي پرک ۽ پروڙ هوندي. جن ڳالهين کي معاشرتي شعور هٿي وٺائي سگهي ٿو، انهن کي سياست زدگي ايتري هٿي وٺائي نه سگهندي. خود سياست جو قبلو به تڏهن درست ٿيندو، جڏهن ماڻهن ۾ معاشرتي شعور هوندو. منهنجي خيال ۾ انهيءَ ڏس ۾ به تبديلي پسند مهربانن ۽ دوستن جون ڪوششون چٽيون چٽيون نظر اچن ٿيون. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته ڪر تبديليءَ جا قافلا سڄيءَ سنڌ ۾ وڄندا وڳندا نظر نه اچن ها.

    جيئن جيئن اِهي قافلا زور وٺندا ٿا وڃن ۽ ماڻهو ويران وير وڌ شامل ٿيندا پيا وڃن، تيئن تيئن انهيءَ ۾ اهڙيون ڳرڪون به شامل ٿينديون، جن هر دور مان فائدو ورتو آهي ۽ ڪک پتي مان لک پتي ٿيون آهن. اهڙين ڳرڪن تي نظر به رکڻي آهي ته جيئن اُهي وهندڙ صاف پاڻيءَ کي گندو ڪري نه سگهن. پر اهڙين ڳرڪن تي نظر معاشرتي شعور ئي رکي سگهندو ۽ اهي ڳرڪون آٽوميٽڪ ڪِڪِ آئوٽ ٿي وينديون.

    معاشرتي شعور کان پوءِ ٻيو ڏاڪو سياسي شعور جو ٿو اچي. پر اها حقيقت پنهنجيءَ جاءِ تي موجود آهي ته اهڙي قسم جا رويا ۽ تحريڪون آهستي آهستي اُڀار کائينديون وينديون آهن ۽ تمام گهڻو وقت وٺنديون آهن. سو جيڪڏهن سياسي نتيجا دير سان ٿا اچن ته دل لاهڻ جي ڪا ضرورت ناهي. اسٽيٽسڪو ڪُميءَ جي مٿئين کل وانگر ڏاڍو هوندو آهي، سو انهيءَ کي ٽُڪي ٽُڪي ختم ڪرڻ ۾ دير ته ضرور ٿيندي، پر ٽُڪجي ضرور ويندو. انهيءَ ڪري صبر ۽ سمجهه کان ڪم وٺبو. ٺلهي نعري بازيءَ کان پاسو ڪرڻو پوندو. ڳالهه ڪجي ته اڻ سڌيءَ طرح ڪجي، ڊائريڪٽ پروپيگنڊا کان پاسو ڪجي. منهنجي خيال ۾ تبديليءَ جي ڏس ۾ علي قاضي جيڪي ڪجهه ڳالهايو آهي ۽ جيڪي ڪجهه لکيو آهي، انهيءَ ۾ هن اِها ڳالهه نظر ۾ رکي آهي ۽ ڊائريڪٽ پروپيگنڊا کان پاسو ڪري عشق جي ڳالهه ڪئي آهي. سو اهو عشق، اهي ڪوششون ۽ اهي پنڌ سجايا ويندا. باقي دير اوير جي پرواهه ڪرڻي ناهي. عشق جو پنڌ ڊگهو هوندو آهي ۽ نڀائڻ جو هنڌ پري هوندو آهي. انساني احساسات، جذبات ۽ رويا هڪ نه هڪ ڏينهن رنگ لائيندا آهن. هونئن به ته ڀلا تبديليءَ جي ڳالهه ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ به ته وقت ورتو آهي ۽ ڪافي وقت ورتو آهي. تيئن هاڻي انهيءَ جو عملي پهلو به ته وقت وٺندو. ڀوتارن مان ضرور جند ڇٽندي، دنيا سدائين هڪ جهڙي رهڻي ناهي ۽ تبديلي ئي زندگيءَ جو ٻيو نالو آهي. سو تبديلي ته اوس اچڻي آهي.

    روزاني ڪاوش، خميس 19 جنوري 2012ع
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 جولائي 2014

هن صفحي کي مشهور ڪريو