ٿر ۽ ڪوئلو ... عبدالقادر جوڻيجو

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏10 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ٿر ۽ ڪوئلو
    [​IMG]
    عبدالقادر جوڻيجو
    پاڻ هوندا آهيون ٽُٻين ۾. ڪڏهن پنهنجي قلم جي حوالي ته ڪڏهن پرائي لکيل ڪتاب جي حوالي. ڪڏهن ناٽڪن جي وَرِ چڙهيل ته ڪڏهن مضمونن جي حوالي. ڪڏهن پنهنجي ٻوليءَ جي حوالي ته ڪڏهن ليپ ٽاپ جي ذريعي انگريزي ٻوليءَ جي ورڊ پروسيسر جي حوالي ته اِهو رخ به جانچي سگهون ته ڪٿي ٿا وڃيو پهچون. ڪڏهن يارن جي حوالي ته ڪڏهن اغيارن جي حوالي. بقول اُردوءَ واري جي ته ”ڪڏهن هِتان نڪتاسين ته ڪڏهن هُتان ٻاهر آياسين.“ ناهي ڪا مستن تي ميار. هيتري ساري عرصي کان وٺي ڪيئي ڳالهيون دل تي ڳوڙهو ٿيو بيٺيون هيون، پر چوندا آهن ته ڏٺي مان به ڪجهه ڏسجي، ائين ٿر ۽ ڪوئلو به ڪجهه سالن کان دل تي ڳوڙهو ٿي بيٺل هو. ڏٺي مان ڪجهه ڏٺوسين ته پڪ ٿي ويئي ته تِرن ۾ ايڏو تيل ناهي، جيڏو ٻڌوسين، وچ ۾ يارن جي لانگ پيئي لڳي. ڪو پيو چوي ته اِهو ڪوئلو ايترو قيمتي آهي، جو ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين عرب ملڪن ۾ پيدا ٿيندڙ پيٽرول به پُڄي نه سگهي. اڙي بابا، جي ائين هجي ها ته هيستائين ٿر ۾ غير ملڪي ڪمپنين جو وڏو ٻڙڌڪ متل هجي ها ۽ مڙين کي سمنڊ ۾ ڌِڪو ڏيئي اڇلايو وڃي ها. مٿان وري اِهو کٽراڳ اچي دُکيو ته ٿر جي ڪوئلي مان هزارين واٽ بجلي پيدا ٿيندي. ڇا ڪريون بابا، افواهن جا پير ڪو نه ٿين ۽ ڪوڙ تي ڍل ڪا نه لڳي. باقي اصلي ڳالهه جي تانَ انهيءَ تي اچي ٽُٽي آهي ته ڏيئي وٺي انهيءَ ڪوئلي مان ڪجهه گئس پيدا ٿيندي، اُها به وڏي خرچ کان پوءِ. انهيءَ گس مان پراوا چُلها ته ٻرندا، پر ٿرين جا چُلها اُجهامي دنگ ٿيندا. اهڙي قسم جي پراجيڪٽن تي لک ڪروڙ خرچ ايندا، جيڪي ٻين جي کيسي ۾ هليا ويندا، باقي سنڌي مٿو کنهندا رهجي ويندا. مال هڻڻ وارا مال هڻندا، پر تو مون پارا ٺلهيون اوٻاسيون ڏيندا رهجي ويندا. ڇا جون بجليون، ڇا جا پئٽرول، پر بقول مرزا غالب جي اسان هُش ۾ خوش رهندا سين. ڳالهين جا ڳوٺ ٻڌڻ وارا ڳالهيون ڪندا رهجي وايندا، ٿر جو ٽِڀو اونڌو ٿيندو ۽ باقي رهيل سنڌ ٺَلهه تي کُل ڏيندي رهجي ويندي. ڇيڇڙا ٻليءَ جي خواب ۾ ئي رهجي ويندا، باقي ڇيڇڙن مان ڪباب ٺاهي ٻيا کائي ويندا. جڏهن ڏس ته ڪونه ڪو اسلام آباد مان ٽُٽو بيٺو آهي ۽ پراجيڪٽ جا مال کائڻ لاءِ ڪانڀ ٻڌيو ويٺو آهي. دعوت هجي نه هجي، پرائو ڀت کائي اوڳرائي به ڏيڻي ناهي. مُلڪ روشن ٿئي يا نه ٿئي، اسلام آباد مان آيل مهمانن جو پيٽ سائو ضرور ٿيندو. پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي.

    ٻئي پاسي اسان جي مڊل ڪلاس جو اِهو حال آهي، جو غريب غربي جي مسئلي ۽ ڪوئلي جهڙي مامري کي کنگهڻو به ناهي، باقي سياست بازيءَ تي ڳنڍ ٻڌڻي آهي ته فلاڻو خان يا الاڻو خان سياست ۾ ملهه ماريو بيٺو آهي، يا ملهه ماريندو. سياست نه ٿي، ملهه ٿي. ٻيو وري ڇا. همراهن کي مڙيئي ٿيو پنهنجي قلم جو ڪمال ۽ پنهنجو فوٽو ڏيکارڻو، باقي خلقت وڃي پوي ڊهڙ ۾.

    سو حقيقت حال جي ڪجهه هن ريت آهي ته ڪوئلي مان گئس ٺاهڻ تي جيڪو مال پاڻي خرچ ايندو، انهيءَ مان سنڌ کي ڪجهه ورڻو سرڻو ناهي، نه ئي ڪو ملڪ روشن ٿيڻو آهي. تنهن ڪري اهو خرچ پکو واريءَ ۾ اڇلائڻ جي بدران جيڪڏهن پاڻيءَ جي پراڻن وهڪرن کي بحال ڪرڻ، سنڌو درياهه جون ٻنڌيون مضبوط ڪرڻ، آبپاشيءَ جي ٻين پهلوئن کي سڌاري سِڌ ۾ آڻڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي زراعت تي خرچ ڪبو، تڏهن ئي سنڌي ماڻهن جو پيٽ سائو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهو ٺهيل ئي زراعت تي آهن ۽ اُتان ئي کيس ڪجهه ملڻو آهي. تنهن کان علاوه انڊسٽري جي سيڪٽر ۾ ايگرو انڊسٽري قائم ڪرڻ جو سلسلو به خود بخود وڌندو. خلقت کي صحيح معنيٰ ۾ اُتان ئي گهڻي روزگاري ملندي. اسان جي ته خير ڪير ٿو ٻڌي، پر ملڪ جي صدر جناب آصف علي زرداريءَ جو زور به انهيءَ ڳالهه تي آهي ته پاڻيءَ جا پراڻا وهڪرا بحال ڪجن ته جيئن ايندڙ شديد برساتن ۽ ٻوڏن جهڙين مصيبتن کي منهن ڏيئي پار پئجي. بين الاقوامي ماهرن جو به انهيءَ ڳالهه تي گهڻو زور آهي. گهٽ ۾ گهٽ صدر صاحب جي ڳالهه ته ٻُڌي وڃي ۽ انهيءَ تي عمل ڪرڻ گهرجي. هونئن به سڄي دنيا ۾ امير ملڪ اُهي ئي ڳڻيا وڃن ٿا، جتي پوک گهڻي ٿئي ٿي. ٿر جي ڪوئلي تي خرچ ڪرڻ جي بدران اِهو خرچ زراعت تي لڳايو ويندو ته انهيءَ ۾ ئي سنڌ جو وڌ ۾ وڌ ڀلو آهي.

    رهي ڳالهه ٿر جي ته هيترن سالن جي هڻ هڻان وٺ وٺان کان پوءِ به اڃا ڳالهه زيرو تي بيٺل آهي. ڪجهه هجي ته ٿئي، باقي سنڌ جي ڏوڪڙن کي پرائو مال سمجهي خرچ ڪرڻ سان ٿر ۾ اهو ئي ٿيندو ته ٿر جا ڪيترائي راڄ ڀاڳ رلي ويندا، ڳوٺ تباهه ٿي ويندا، ماحوليات جو خرابو چوٽ چڙهي ويندو. فائدي جي بدران نقصان ئي نقصان ٿيندو. سڀ ڪجهه هيٺ مٿي ٿي ويندو ۽ ورندو ڪجهه به نه. جيڪڏهن ورندو ته اهو ئي ڪجهه ورندو، جيڪو ٻين جي پيٽ ۾ هليو ويندو. ٻيو ته ٺهيو، جيڪو فائدو ٿر جي چوپائي مال مان ٿئي ٿو، اُهو به پاڻيءَ ۾ وڃي ڪرندو.

    ٿر ته پري جي ڳالهه آهي، پر دنيا جو خطرناڪ ترين وارياسو چين ۾ گوبي ڊزرٽ آهي. سورهن سئو ميل ويڪر ۽ سورهن سئو ميل جي ڊيگهه وارو اهو ٿر ايڏو ته خوفناڪ رهيو آهي، جو ماضيءَ ۾ ڪئين قافلا انهيءَ ٿر ۾ ائين گم ٿي ويا، جو ٻيهر ڏسڻ ۾ نه آيا. انهيءَ ساڳي گوبي ڊزرٽ کي هن دور ۾ پائيپن جي ذريعي پاڻي پهچائي آباد ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن اسان جي سرڪار ڪجهه پرخلوص ماهر موڪلي اتان جو جائزو وٺرائي ته هت به ٿر ۾ گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. ڪوئلي واري معاملي ۾ اجائي کس ڪرڻ جي بدران جيڪڏهن هتان جي ٿر ۾ اهڙا وڻ ٻوٽا پوکيا وڃن، جيڪي گهٽ پاڻي تي وڌي وڻ ٿين ٿا، جهڙوڪ ڪنڀٽ، مٺي ڄار، ڪنڊي، روهيڙي، ٿوهر، مُرٽ، اڪ، کِپ، سِڻ، ٻُوهه ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا وڻ ٻوٽا آهن، جن ۾ جيڪڏهن سڌارو واڌارو آڻبو، ۽ اوستائين ٿورو گهڻو پاڻي پهچائبو ته ٿر جو چوپايو مال بک مرڻ ته ڇا، پر ايترو وڌندو ۽ ويجهندو، جو کير، گوشت وغيره جي ڪا به کوٽ نه رهندي ۽ ٿر مان سڄي سنڌ فائدو حاصل ڪندي. خود اهي وڻ ٻوٽا برسات کي به پاڻ ڏانهن ڇڪيندا، نتيجي ۾ ٿر اڳئي کان ڪئي ڀيرا وڌيڪ اُپت ڏيندو.

    جيڪو خرچ پکو نام نهاد ڪوئلي تي ٿي رهيو آهي، اهو ساڳيو خرچ ٿر جي وڻن ٻوٽن ۽ مال تي خرچ ڪيو وڃي ته ڪر سنڌ جي ٻين حصن کان وڌيڪ لاڀ ڏيندو. ماحوليات ۾ خرابو اچڻ جي بدران سڌارو ايندو، راڄ ڀاڳ رُلڻ کان بچي ويندا. فطري سطح تي ٿيندڙ ڪم هونئن به سڀني ڪمن کان وڌيڪ ڪارائتو هوندو. سو ڪوئلي جا پروجيڪٽ بند ڪري اهڙا پروجيڪٽ هٿ ۾ کڻجن ته ڌارين جي وَٺُ کان به بچي پئبو ۽ ڪوئلي مان ٿيندڙ آمدنيءَ کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ ٿر ۾ ٿيندي ۽ وڌيڪ ڪارائتي ٿيندي.

    مهرباني ڪري انهيءَ ڳالهه ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن تون به خوش، ته آئون به خوش.
    روزاني ڪاوش، سومر 27 فيبروري 2012ع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو