ذوالفقار آباد جو کٽراڳ ... عبدالقادر جوڻيجو

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏10 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ذوالفقار آباد جو کٽراڳ
    [​IMG]
    عبدالقادر جوڻيجو
    سياسي ڳالهين، آسرن اميدن ۽ واعدن ۾ وڏا وٽ پيل هوندا آهن ۽ دٻليءَ اندر دٻلي موجود هوندي آهي. يا ائين کڻي چئون ته سياست بصر جي پتيءَ وانگر هوندي آهي. هڪڙي کل لاهيو ته ٻي کل اچي ويندي. ويندي توڙ تائين رڳو کلون ئي کلون نظر اينديون. جيڪي سياست جي رُڃ (سراب) جي پويان لڳا، تن جا سِرَ رُلي ويا. سو سياست جي ڪاڪ محل جي پنهنجي چڪر بازي هوندي آهي. ڪجهه وقت اڳ دانشورن سڳورن کي پرچائڻ لاءِ انتهائي شريف النفس، عزت ڪرڻ ۽ ڪرائڻ واري شاعر ۽ ادب نواز سائين مخدوم امين فهيم، ٿڌي، ماٺي، ذهين ۽ هاڪاري سوچ رکندڙ سياستدان نويد قمر ۽ خلقت خدا جيءَ کي ويجهو رهندڙ، يار باش، قوت برداشت رکندڙ سياسي ورڪر موليٰ بخش چانڊيو وارن اچي حيدرآباد جا وڻ وسايا ته اجهو ٿا منٿ ميڙ ڪري دانشورن سڳورن کي پرچائي ٿا وٺون. پر دانشور سڳورا حڪومت تي ايڏا ته ڪاوڙيل هئا، جو ساڻن ملڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيائون ۽ اميد اها بيٺي هئي ته اُهي پنهنجي سرڪار مخالف اصولن تي قائم رهندا ۽ پيپلز پارٽيءَ کي پُٺ ڏيئي بيهي رهندا ۽ توڙ ڪندا. اهو به شڪر ٿيو ته ملاقات ڪانه ٿي، جي ٿئي ها ته دانشور سڳورا حڪومت کي اُڌئي ڇڏين ها.

    اُنهيءَ واقعي کان پوءِ جڏهن ذوالفقار آباد تي اعتراض واريندي سسئي پليجو پنهنجي وزارت جي ڪرسيءَ تان هٿ ڌوئي ويٺي ته سڄيءَ سنڌ ۾ دُهل وڄي ويا ۽ واهه واهه جو وسڪارو شروع ٿي ويو. نتيجي ۾ سسئي پليجو شهرت ۽ اصول پسنديءَ جي چوٽ تي چڙهي ويئي ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ سندس سيٽ پڪي ٿي ويئي. اهو ته ڇُٽو، پر جي ڪنهن ٻئي هنڌان ته اليڪشن ۾ بيهي ته کٽي ئي کٽي. هڪڙي پاسي خلقت ۾ اهي واڪا هجن ته ٻئي پاسي حڪومت کي رد ڪندڙ دانشورن وٺي هاءِ گهوڙا ڪئي ته سسئي پليجو کي سندس وزير پڻو واپس ڪيو وڃي. ڳالهه، نه ڳالهه جي مهاڙ، اڙي بابا جي حڪومت اوهان کي اکين ڏٺي نٿي وڻي ته پوءِ سرڪار کي ڇو منٿون ڪندا وتو ته سسئي پليجو ٻيهر وڃي حڪومت جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي. ڪنهن هڪڙيءَ ڳالهه تي بيهو نه! اهو ڇا آهي جو هڪڙي پاسي مخدوم صاحب وارن لاءِ هڪڙو معيار ۽ ٻئي پاسي ٻيو معيار، يارن جي يا ته کِٿي ۽ عقل موڪلائي ويو يا وري ڊبل اسٽئنڊرڊ ٿيو.Hypocracy الائي ڪهڙي جانور جو نالو آهي. نيٺ ساڳي سسئي پليجو وري وڃي حڪومت ڀيڙي ٿي، جو ذوالفقار آباد جو مسئلو وڃي ڊهڙ ۾ پوي. سياست ۾ جو اِهي وٽ پيل هوندا آهن. هنئين به سهي ته هونئن به سهي. ٺٽي ضلعي جا مسڪين ۽ ستايل ماڻهو ڀلي وڃي تاڙيون وڄائين. دانشورن سڳورن جو ڪو دين ايمان جي هجي جو پنهنجيءَ ڳالهه تي پير کوڙي بيهن ۽ اصولن جو پاسو نه ڇڏين. هونئن به ثقافت کاتو سکين ستابن دانشورن کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ٻُهڻي ڪرائيندو رهندو آهي. ظاهر آهي ته ٻهڻيءَ کي حلال ڪرڻ لاءِ چُپ ته رهڻو پوندو آهي. پر اڳيان سياست به بصر جي پِتي لڳي پئي آهي ۽ کل مٿان کل چڙهي بيٺي آهي. هاڻي وٺ وهنديءَ کي ته ذوالفقار آباد جو کٽراڳ ڪٿان ۽ ڪيئن دکيو.

    آئون پاڻ چين ملڪ جا چڪر ڪاٽي آيو آهيان. ڪميونزم وارو زمانو به ڏٺم ۽ ڪارپوريٽ ڪلچر جو به زمانو ڏٺم. ڪميونزم جي زماني ۾ يڪسانيت، ڌپ ۽ جاسوس بازيءَ ايڏو رت ڪيو، جو Cultural Shock جو شڪار ٿي پيس ۽ اٻڙڪن اچي کنيو. جڏهن واپس PIA جي جهاز ۾ چڙهيس، تڏهن سک جو ساهه کنيم، ڪارپوريٽ ڪلچر جي زماني ۾ هڪڙي پاسي گليمر هو، خوشبوءِ هئي ته ٻئي پاسي جتي ڪٿي پينو فقير ڦري ٿي آيا يا وري ڪو ٺڳن جو ٽولو، پر مون کان ڪيئي ڀيرا وڏو ليکڪ ۽ پڪو پختو اکين ڏٺو شاهد جڳ مشهور ليکڪ پال ٿيرو آهي، جيڪو وڻ وڻ کي جانچيندو ويندو آهي ۽ جنهن به ملڪ مان ٿي ايندو آهي، اُتان جا پِتا گجيون ڪڍي ايندو آهي ۽ لکڻ جو ڇوٽ آهي. ڪنهن تان به مڙڻ وارو ناهي، پوءِ ڀلي کڻي سندس ملڪ آمريڪا ڇو نه هجي. البت آفريڪا تي مصيبتن کي منهن ڏيندي ڪري به ٿڌ پيٽو آهي. خير، هر ماڻهوءَ جي ڪانه ڪا ڪمزوري ته هوندي آهي.

    1987ع ڌاري جو زمانو هجي، چين ۾ اڃا ڪميونزم جو واسو هجي. ڪميونزم جي سخت گيري ۽ پارٽي شاهي جي ڪامورا شاهي ايتري ته وڌيل هجي جو بيجنگ يونيورسٽيءَ جي ڪنهن نامعلوم شاگرد ڪا ٻي واهه نه ڏسي يونيورسٽيءَ جي ڀتين تي لڪ ڇپ ۾ هڪ ڪهاڻي لکي، جنهن جو عنوان هو ”SCAR“ (زخم) اها ڪهاڻي ادب ۾ بغاوت جي شروعات هئي، جيڪا اڳتي هلي ادبي لاڙي جو بنياد پئي ۽ ”SCAR“ نالي سان هڪ تحريڪ شروع ٿي. اُنهيءَ ئي سال پال ٿيرو چين مان وڃي نڪتو ۽ ريل جي ذريعي چين گهمي ڏٺائين ته جيئن عام ماڻهن جا حال احوال ڪڍي سگهي. سو تان لانگ ڦيرائي، واپس اچي سفرنامو لکيائين، جنهن جو عنوان هو ”Riding the iron rooster“ انهيءَ ڪتاب ۾ اکين ڏٺين حقيقتن جي بنياد تي چين جي هڻي پت ڌوئي ڇڏيائين ته عوام جا حال هيڻا ۽ سور ٻيڻا آهن. هڪڙي پاسي سرڪار جو ڏنڊو آهي ته ٻئي پاسي عوام جي بدحالي آهي ۽ ٽئي پاسي وري ڌپ جو هاڃو آهي. باقي حاڪمن کي نه ڏٺائين ۽ نه ئي سندن حال لکيائين. اهو ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي. اُنهيءَ کان پوءِ جڏهن چين ۾ ڪارپوريٽ ڪلچر واسو ڪيو ته همراهه وري ٽپڙ ٻڌا ۽ چين روانو ٿي ويو. کيس اها توقع بيٺي هئي ته سرمائيدارنه نظام کان پوءِ چين ۾ ضرور سڌارو آيو هوندو. پر اُتان موٽي اچي چونڊ مضمونن ۽ سفرنامن تي ٻڌل ڪتاب لکيائين، جنهن جو عنوان هو ”Fresh-Air Fiend“. انهيءَ ڪتاب جي هڪڙي مضمون نما سفرنامي ۾ لکي ٿو ته، ڪميونزم جي زماني ۾ ماڻهو اڃا چڱي حال ۾ هئا، ٻيو نه، ته ٿورو گهڻو هٿ جي ڪمائيِءَ جو ته کاڌائون ٿي، پيت ته ڀريائون ٿي، پر ڪارپوريٽ ڪلچر اچڻ کانپوءِ ڪيترن ئي سرسبز، آباد ۽ سمنڊ جي ڪناري تي موجود هارين، مهاڻن ۽ چونڊو ڪرڻ وارن کان پنهنجا اباڻا پٽ ڇڏائي، انهن هنڌن تي شهر آباد ڪيائون، ڪارخانا هنيائون ۽ واپار وڌايائون ۽ بازارون توڙي شاپس جڳ مڳ ڪندا نظر آيا، پر ڪيترائي ماڻهو تباهه و برباد ٿي، پنهنجا اصلوڪا ڌنڌا ڇڏي رُلي ويا. ڪي پنڻ ۾ لڳي ويا، ڪي رڻ ۾ رُلي ويا ۽ اِها هڪ وڏي تباهي هئي. عام ماڻهوءَ جو ڪو ڌڻي سائين ڪونه رهيو. جن کي ٺڙڪ ٺڳي ايندي هئي ۽ اُهي مال پاڻي ڪمائي ارن مان نڪري ويا. مزدور جي مزدوري به اڳي کان گهٽجي ويئي. مزدور سستو ته معنيٰ ته شئي به سستي، مزدور بکيو ته موج ميلو سيٺين جو. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو اسان وٽ هتي جيڪي چين جون ٺاهيل شيون سستيون ملن ٿيون، انهيءَ جو ڪارڻ به سستي مزدوري آهي. جيتري مزدور جي پيٽ تي لت ڏيندئو ۽ سندس پيٽ ڪاٽيندئو، اوترو ئي شئي سستي ۾ ٺهندي ۽ وڪبي، چين ۾ ڏينهون ڏينهن نوان شهر ٺهندا وڃن ۽ ڳوٺ تباهه ٿيندا وڃن. نون شهرن کي چين پنهنجا آئيڊيل شهر سمجهي ٿو، جن جي ڪري نه رڳو ماڻهو رُلي مئا، پر ماحوليات به رڻ ٿيندي پئي وڃي. اسان وارا همراهه جڏهن انهن شهرن مان وڃيو نڪرن ٿا ته اهو سمجهن ٿا ته چين ڏاڍي ڪا ترقي ڪئي آهي. هڪ پاسي يورپ ۾ ماڻهو شهرن کي ڇڏي ٻهراڙين ۾ پنهنجا گهر ٺاهين ٿا، اتي رهن ٿا ۽ ڪم سانگي اُتان جا ماڻهو شاندار هاءِ ويز تان ٿيندا شهرن ڏانهن نڪري وڃن ٿا ۽ ڌنڌو ڌاڙي ڪري موٽي اچي ڳوٺن ۾ سُک جو ساهه کڻن ٿا. ڪي وري ٻني ٻاري ۽ مال جا فارم ٺاهي وڌيڪ بهتر گذر سفر ڪن ٿا. ٻئي پاسي چين جو، جو اِهو حال آهي.

    پاڻ وٽ جيڪو ذوالفقار آباد جو کٽراڳ شروع ڪيو ويو آهي، اهو چين جي ريس ڪندي شروع ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته رٿابندي ڪندڙن کي اُتان جي غربت ڏيکاري ئي نه ويندي آهي ۽ نه ئي وري اُهي پاڻ گليمرس هنڌ ڇڏي ايتري تڪليف ڪن ٿا، جو انهيءَ شاهه شاهوڪاريءَ جو ٻيو اڻ وڻندڙ رخ ڏسڻ ٿا چاهين. اهائي ڳالهه ڳڻي پهرئين ته گوادر پورٽ ٺاهيو ويو، پر ٻروچن همٿ ڪري اِهو تباهه ڪن منصوبو پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڇڏيو. اُتان کٽ راڳ ختم ٿيو ته هاڻي وري ٺٽي ضلعي جي غريب ماڻهن جي مٿي ۾ ذوالفقار آباد جو کٽراڳ هنيو ويو آهي ته اتان جو هر هاري ۽ مڇيون ماريندڙ غريب ماڻهو ڀلي رُلي مري، باقي امير ماڻهن کي آسائش جو سامان به ملي ۽ هڪ گليمرس شهر به نظر اچي. ٻئي پاسي ڀلي اچي پرائي ڪُت خلقت نڪري، سنڌي عوام ڀلي رُلي مري ته اُڪو وڃي مري. ايڏا خرچ جيڪڏهن سمنڊ جي ڪناري سان لڳ رهندڙ مڇيون ماريندرن مهاڻن تي ڪجن، زراعت تي ڪجن، آبپاشيءَ تي ڪجن، سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کي مٺو پاڻي ڪندڙ پلانٽن تي ڪجن، سامونڊي ماحوليات تي ڪجن، هوا جي ڦِرڻين جي ذريعي بجليءَ تي ڪجن ته ڪر مُلڪ ملير بڻجي وڃي ۽ غريب ماڻهو به سکيو ستابو رهي ۽ مڇي مانيءَ وارو. ٻئي پاسي سياحن کي به پاڻ ڏانهن ڇِڪي زرِ مبادلو ڪمائي سگهجي. ڪابه رٿا ٺاهڻ وقت پهرئين اتان جي حالتن جو جائزو وٺبو آهي. اهو هنڌ ڪٿي اهڙين رٿائن کي ٿڏي ته نه ڇڏيندو، ٻوڙي ته نه وجهندو، يا اُتان جي ماڻهن کي ڪيترو فائدو رسندو يا نقصان ٿيندو. اوليت ته انهن ئي ماڻهن کي ملڻ کپي، جيڪي صدين کان وٺي اُتي رهندا پيا اچن، پر اسان وٽ رٿا بنديءَ جي سخت کوٽ آهي، تنهن ڪري نادري حڪمن جي ذريعي جيڪو دل ۾ ايندو اٿئون، اهو ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ پوءِ جڏهن سامت ۾ ايندا آهيون ته منهن مٿو پيا پٽيندا آهيون. سو ٻيلي چڱائي انهيءَ ۾ آهي ته اهڙا پراجيڪٽ ٺاهيون، جيڪي ڊگهي مدي لاءِ ڪارگر ثابت ٿين. باقي هوا جهپڻ ته سولي آهي.

    جيڪي ڪجهه به آهي، حاڪمن کي سدائين حاڪم رهڻو ناهي ۽ اک ڇنڀ ۾ ڪرسيون هيٺان کسڪيو وڃن. سو اهو ڪِي ڪجي، جيڪو اڳتي به ڪم اچي. خود غرضي ۽ خود مرضي انسان جي فطرت ۾ برابر شامل آهي، پر ايتري به شامل ناهي، جيتري اسان سمجهون ٿا. پاڻ جي ڪٿ ۽ پرک ايترو ٿي چوي ته اِها اجائي ۽ نقصان ڪار رٿا به سمنڊ جو ترو وڃي وٺندي ۽ ذوالفقار آباد ڪڏهن به ٺهي ڪانه سگهندي. ڀلي کڻي ڪير به ڪيترو زور لائي، رڳو خزاني کي ڌڪ لڳندو. چند ماڻهو موج ڪري روانا ٿي ويندا. ڌرتي قبول نه ڪندي. مهرباني ڪري وڌيڪ خرچ نه ڪيو وڃي، غريبن جا لڏا پٽيا نه وڃن ۽ هوش کان ڪم وٺجي. ٻليءَ وارا خواب نه ڏسجن. ٻين مامرن کي وڃي منهن ڏجي. جيڪا ڳالهه ٺهي، سا ڪجي. پراوا بنگلا ڏسي پنهنجيون جهوپڙيون نه ڊاهجن. ميلو هميشه رس ۾ ڇڏجي ۽ کِلي موڪلائجي. وقت نه وقت جهڙو.
    روزاني ڪاوش، ڇنڇر 30 جون 2012ع

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو