آس ازلئون رکي تنهنجي تصوير ۾!

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
آس ازلئون رکي تنهنجي تصوير ۾!
درد هوش محمد

آس ازلئون رکي تنهنجي تصوير ۾!
تون نه آئين مگر منهنجي تقدير ۾!

تون خوشيون ٿو گھرين مون مصائب لکيو،
درد ئي درد آ منهنجي تحرير ۾!

ڪو ٻڌي ئي نٿو سور پرچار جو،
دل رهي ٿي رُڌل روز تقرير ۾!

ڇو نه تنهنجي اُنهيءَ تي ٻُڏي اک نه ٿي،
مون گھڻو ڪجھه ڏٺو آهي دلگير ۾!

جي نه مهڻن ميارن ڪيو ٿس اثر،
ڪونه مرندو اُهو شخص شمشير ۾!

 
Back
Top