سنڌ ۾ ٻاهرين لڏپلاڻ ۽ آبادڪاري جو سوال

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سنڌ ۾ ٻاهرين لڏپلاڻ ۽ آبادڪاري جو سوال
    بخشل ٿلهو

    سنڌ ۾ ٻاهرين آبادڪاري جو سوال جديد سنڌ جي سياسي سماجي تاريخ سان سلهاڙيل سوال آهي. اڄ جي حالتن ۾ هن سوال جا ٻه پاسا آهن، هڪ جو تعلق انگريز بيٺڪيتي دور ۽ سنڌ ۾ اڄ سوڌي سرمائيدارڻي اوسرسان آهي ٻي جو تعلق وزيرستان ۾ جاري آپريشن ۽ سنڌ ڏانهن ٿيندڙامڪاني هڪ ٻي وڏي لڏپلاڻ سان آهي. توڻي جو اهي ٻئي پاسا پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن پر ٻنهي منجهه فرق به موجود آهي. جنهن کي عام طور تي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. مثال طور پوئين صورتحال جوتعلق هڪ منظم ۽ وڏي لڏپلاڻ سان آهي جنهن ڏانهن هڪ سياسي موقف سان سنڌ ۽ مرڪزي حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته پهرين مامري جو تعلق آهستگيءَ سان ٿيندڙ غير منظم لڏپلاڻ سان آهي، جنهن کي طئي ڪرڻ لاءِ موجود معاشي نطام جي محرڪن کي سمجهندي، عبوري طور تي هڪ قانونسازي جي ضرورت آهي جنهن ۾ مقامي اصلوڪن ماڻهن جي سماجي معاشي مفادن جو تحفظ ممڪن ٿي سگهي ۽ حتمي طور هن نظام ۽ رياست جي تبديليءَ واري سياست کي زور وٺائڻ اڻٽر آهي. پويئن صورتحال تي پهرين ايندي اسان ڏسون پيا ته وزيرستان منجهه عسڪري آپريشن جا سماجي اثر آهستي آهستي ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا آهن. آپريشن شروع ڪرڻ وارن جي وهم و گمان کان به وڌيڪ ماڻهن جي لڏ پلاڻ وارو اشو اُڀري آيو آهي. سرڪاري انگ اکرن مطابق متاثر پشتون آبادي جنهنکي آئي ڊي پيز سڏيو وڃي ٿو جو انگ 8 لکن تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته مير علي، ڊوسالي، گيريم، رزمڪ، شوال، غلام خان سميت ٻين علائقن منجهان لڏپلاڻ ڪرڻ وارن جي رجسٽريشن اڃا ٿيڻي آهي. مٿان سون تي سهاڳو اهو انڪشاف آهي ته ٻن لکن کانوڌيڪ شناختي ڪارڊ نقلي آهن. هن سموري انارڪي جو وزن وري سنڌ مٿان ڪرڻ جا واضع امڪان آهن جنهن کي هڪ عوام دوست ۽ قوم دوست نقطه نظر سان طئي ڪرڻ ضروري آهي. مثال طور آپريشن متاثر عوام سان تمام تر همدردين باوجود سنڌ جي عوام جو اهو موقف جائز آهي ته کين پختونخواهه، اسلام آباد يا پنجاب ۾ ئي رهايو وڃي. کين زندگيءَ جو سموريون سهولتون ڏنيون وڃن. ڇاڪاڻ ته پنجاب ۽ پخونخواهه جي ابتڙ اها سنڌ آهي جتي اصلوڪي آبادي اقليت ۾ تبديل ٿي رهي آهي ۽ اها به سنڌ آهي جيڪا پاڪستان اندر بيٺڪيتي اثرن کي سنئون سڌو ڀوڳي رهي آهي. پر انهيءَ جو مقصد اهو به ڪونهي ته هڪ پاسي اسان عسڪري آپريشن ۽ عوامي تباهه ڪارين جي غير مشروط حمايت ڪندا وتون (جيئن سنڌ بچايو ڪاميٽي ڪيو آهي) ۽ ٻي پاسي پشتون عوام ۽ طالبان ۾ فرق کي ميسياري ڪنهن نسل پرستاڻي يا لبرل نقطه نظر ۾ ڦاسون. سوشل ميڊيا تي ذلتن جي ماريل انهيءَ پشتون عوام خلاف تمام گهڻو نفرت آميز مواد پيو لکجي ۽ پڙهجي پيو. جڏهن ته سچ اهو آهي ته جيئن اکڙين جي شرارت جي سزا دل کي ملندي آهي تيئن اسلام آباد جي پوش علائقن جي عسڪري ۽ سويلين حڪمرانن جي مفادن ۽ فيصلن جي آخري قيمت فاٽا جو پورهيت عوام ڏئي رهيو آهي. ملڪ جا ٻيا شهر کين ائين ڌتڪارين ٿا ڄڻ هو ڪوڙه ورتل اهڙا مريض هجن جيڪي پنهنجي بيماري جو سبب پاڻ هجن، جنهن جي اڄوڪي حالت ۾ ان افغان جنگ جو ڪو ڪردار ڪونهي جنهن منجهان اسانجي عسڪري توڙي سول حڪمرانن اربين کربين رپيا، ڊالر، ريال هيڏانهن کان هوڏانهن ڪيا، ڇا عام پشتونن جي اڄوڪي هن حالت جي ڪا به ذميواري پختون قومپرست جماعت اي اين پي تي عائد نه ٿي ٿئي جنهن انهي سموري تباهه ڪاري ۾ رياست جو پهر وهندي پنهنجو حصو پتي طئي ڪيو. ياد ٿو اچيم ته هڪ پشتون قومپرست اڳواڻ سان اهڙي ئي ڪنهن بحث دوران هُن مونکي چيو هو ته سنڌي قومپرست به ته حڪومت جو پهر وهندا آهن مون چيو ها ! ڪجهه حڪومت جو پهر وهندا آهن پر حڪومت ۽ رياست ۾ فرق آهي ٻيو ته ڪنهن به هڪ قومپرست جماعت جي سنڌ جي سياست تي ائين هڪ هٺي ڪونهي جيئن اوهانجي پشتون سماج ۾ آهي. تنهنڪري مڃو ته باچا خان جي ابتڙ اڄ اوهين عام پشتون جي نه پر پشتون حڪمران طبقي جي نمائينده جماعت آهيو. بهرحال جڏهن اسان جنگ متاثر پشتون عوام کي سنڌ کان ٻاهر ترسائڻ، رهائڻ جي ڳالهه ڪيون ٿا ته انهيءَ کي به نام نهاد رياستي ميڊيا اندر تعصب پرستي سان ڀيٽيو وڃي ٿو ۽ انهي پروپيگينڊا جو شڪار اهو نام نهاد ترقي پسند به ٿئي ٿو جنهنجو هتان جي عوامي سياست سان ڪو عضوياتي ڳانڍاپو ڪونهي. سنڌ جي انهيءَ موقف کي سمجهڻ لاءِ سنڌ جي تاريخي طور اسريل غير يقينيءَ کي به سمجهڻو پوندو جنهنجا بنياد بيٺڪيتي دور ۾ پيا ۽ اڄ سوڌي اڻ ڇهيا آهن. ماضي ڏانهن هڪ حقيقت پسنداڻي ۽ عوام دوست نقطه نظر وجهڻ سببان ئي اسان ڪنهن تنگ نظر ۽ نسل پرستاڻي جاءِ وٺڻ کان به بچي پونداسين.
    پنهنجي مادي ضرورتن جي پوراءُ لاءِ ماڻهو صدين کان خاندانن، قبيلن جي صورت ۾ هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه ڏانهن لڏ پلاڻ ڪندا آيا آهن. زراعت جي ظهور سان ماڻهو ٿائينڪو ٿيڻ لڳو. بعد جي دور ۾ به اسان لڏپلاڻ کي جي مختلف صورتن کي ڏسون ٿا. سماج جيترو ۽ جنهن حد تائين سگهارو ٿيندو رهيو، ماڻهن جي لڏپلاڻ ۾ فطري سبب اوترو گهٽ ۽ سماجي سبب اهميت حاصل ڪندا ويا. سماجي اوسر، هڪٻئي کان ڪٽيل ماڻهن، قبيلن، نسلن کي هڪ ڪندي وئي ۽ اسان ڏٺوسين ته سرمائيداريءَ، قومي مارڪيٽ جي تشڪيل لاءِ انهي عمل کي اڃا تيز ڪيو. اڄ دنيا جي ڪابه قوم نسلي طور تي نج، ڪونهي. (دراصل نج ۽ خالص قوم جو تصور اڄوڪي دنيا، پيداواري لاڳاپن ۽ حاوي نسل پرستاڻي سياست جو نتيجو آهي نه ڪي ڪنهن تاريخي حقيقت جو.) برابري،ڀائيچاري ۽ اخوت جي بنياد تي پنهنجي سماج کي آزاد ڪرائيندڙن ، پنهنجي وڌيڪ اوسر لاءِ ٻين سماجن کي غلام بڻايو. خام مال ۽ واڌو پورهيي جي ڳولها ۾ اسپيني ، پرتگالي ۽ انگريز سامراج پوري دنيا جي اصلوڪي آبادي کي (جتي رياست يا ته موجود نه هئي يا ابتدائي ڏاڪن تي هئي) تهس نهس ڪيو. پوري آفريڪا منجهان 6 ڪروڙ ماڻهو هڪ هنڌان پٽي، ٻي هنڌ پوريا ۽ ٽُنبيا ويا.. بهرحال واپس ننڍي کنڊ ڏانهن اچون ٿا جتي سماجي ڪايا پلٽ ۽ قومن جي تشڪيل جو عمل انگريز بيٺڪيت جي دور ۾ ئي تيز ٿئي ٿو. قومي وجود سان پنهنجي ۽ ڌاريي جو تصور قومي بنيادن تي جڙڻ لڳو. جنهن کي بڳاڙيندي ۽ پنهنجي مخصوص مفادن خاطر انگريز حڪمرانن ابتدائي صورت ۾ مذهبي بنيادن تي بيهاريو. جنهنجو لازمي نتيجو پوءِ اسان کي تاريخ جي سڀ کانوڏي لڏ پلاڻ ۾ نظر اچي ٿو. جنهن ۾ پوڻا ٻه ڪروڙ ماڻهو هڪ جڳهه کا ٻي جڳهه ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا ۽ لکين مارجي ويا.انگريز بيٺڪيتي دور ۾ صدين کان جاري ڦرلٽ ۽ هيڏي وڏي لڏپلاڻ هتي تمام گهڻن نون سوالن ۽ مسئلن کي پيدا ڪيو. جيئن بک اڳي به هئي پر سرمائيداري، هندستان اندر اهي ڏڪر پيدا ڪيا جيڪي ڪنهن هڪ علائقي اندر ڏهه ، ڏهه لک ماڻهو به چٽ ڪري ڇڏيا. تئين لڏپلاڻ اڳي به هئي پرسرمائيداري اندر ٿيندڙ لڏپلاڻ، متاثر علائقن ۽ قومن جي سموري تاريخي اوسر جي صورتن کي متاثر ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کان پهرين به انگريز بيٺڪيتي دور جي پوئين عرصي ۾ خاص طور تي آبپاشي نظام ۾ بهتري سان سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ٿيڻ شروع ٿئي ٿي. 43_1942 ع ۾ ئي گورنر جي حڪم سان 15 لک ايڪر نئين آباد ٿيندڙ زمين، فوجي خدمتن عيوض گهڻي ڀاڱي پنجابين کي ڏنيون ويون. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اهو عمل وڌيڪ تيز ٿيو. 23 هين جولاءِ 1948 تي ڪراچي کي سنڌ کان ڪٽي، مرڪز جي سنڀال هيٺ ڏنو ويو. 1956 ۾ ڪوٽڙي بيراج جي تعمير سان لکين ايڪڙ زمين وري به غير مقامي آبادي کي ڏني وئي. بعد ۾ ون يونٽ جي پوري دور ۾ سنڌ اندر منظم لڏپلاڻ جاري رهي. خود 1958 کان 1963 تائين جي، فوجي آمريت جي پهرين پنجن سالن اندر تمام گهڻي زمين غير سنڌين کي ڏني وئي. اهڙي ريت پاڪستان اندر سنڌ هڪ ٻي بيٺڪيتي دور کي منهن ڏيڻ لڳي ۽ سرمائيداريءَ جو غير متوازن اوسر وارو قانون به پنهنجا اثر ڏيکارڻ لڳو. جيئن پوءِ تيئن ، سنڌ مٿان، پنجاب کانسواءِ پختونخواهه منجهان به آبادي جو دٻاءَ وڌندو ويو. اهڙي ريت سنڌين اندر هي خوف، حقيقت جو روپ وٺڻ لڳو ته سنڌي پنهنجي ئي سرزمين تي ڪٿي اقليت ۾ نه بدلجي وڃن. 1998 ع جي مردم شماري جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته پنجاب جي 78.75 سيڪڙي ۽ پختونخواهه جي 73.55 جي ڀيٽ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ شهري آبادي 25.8 سيڪڙو آهي، جنهن ۾ ڪراچي اندر صورتحال 7.7 سيڪڙو تائين پهتل آهي. جبري لڏپلاڻ کان علاوه هڪ ٻي ۽ آهستگيءَ سان ٿيندڙ لڏپلاڻ، رائج سرمائيدارڻو نظام به لازمي بڻائي ڇڏيندو آهي. ٻهراڙين کان شهرن ڏانهن ۽ ننڍن شهرن کان وڏن شهرن ڏانهن ۽ ٽين دنيا جي غريب ملڪن کان پهرين دنيا جي اسريل ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ جاري رهي ٿي. جتي وسيلا ۽ سرمايو هوندو آهي اتي سستو پورهيو به ڇڪجي ويندو آهي، جتي سستو پورهيو موجود هوندو آهي اتي سرمايو ڇڪجي ويندو آهي، ائين اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ رهڻ تي مجبور آهيون جتي 24 ڪروڙ ماڻهو پنهنجي پاتر ڀومي ڇڏي، هڪ ٻي سرزمين تي ڪمائڻ لاءِ مجبور آهن، مثال طور 30 لک هندستاني ته ڇڙو متحده عرب امارات ۾ رهن ٿا. پوري اولهه دنيا اهڙن اميگرنٽس سان ڀري پئي آهي جن کي مقامي آبادي جي ڀيٽ ۾ ڪي به حق حاصل ڪونهن ۽ جنهن جو بدترين استحصال ڪرڻ سان گڏ اتان جون نسل پرست ۽ عوام دشمن قوتون جڏهن نيولبرل ايجنڊائن جو اطلاق ڪندي پنهنجي عوام جي بنيادي حقن تي راتاهو هڻنديون آهن ته موٽ ۾ پيدا ٿيندڙ عوامي بيچيني جو رخ وري به اميگرنٽس ڏانهن ڪري ڇڏينديون آهن. سستي پورهيي جي گهرج سرمائيدارن لاءِ غير قانوني اميگرنٽس جي هوند کي به لازمي بڻائي ڇڏي ٿي. پر سنڌ سان اصل مسئلو اهو آهي ته سنڌ جو عوام پنهنجي رياست کان محروم آهي يا پاڪستان اندر وسيلن ۽ اختيار جي جمهوري حق کان. تنهنڪري اڄ جيڪڏهن سنڌ جا قومپرست سنڌ کي عالمي يتيم خانو سڏين ٿا ۽ وڌيڪ امڪاني لڏپلاڻ خلاف متحرڪ آهن ته سندن اهو تحرڪ بي بنياد ڪونهي. ڪراچي اندر لاقانونيت اسانجي سامهون آهي. خود پوليس چيف غلام قادر ٿيٻو قبول ڪري چڪو آهي ته 20 لک برمي، بنگالي ۽ افغاني ڪراچي اندر غير قانوني طور رهي رهيا آهن. سنڌ جا اها گهرج بلڪل جائز آهي ته آپريشن متاثر آبادي کي پختونخواهه يا اسلام آباد يا لاهور ۾ رهايو وڃي. انهي مٿين سموري تفصيل ۾ وڃڻ جو مقصد هڪ اهو به هو ته بار بار جي ٿيندڙ هن لڏ پلاڻ، هن سرمائيداراڻي نظام ۽ هن رياست جي باهمي تعلق کي سمجهي سگهجي ۽ انهيءَ خلاف هڪ گڏيل جدوجهد کي سگهارو ڪجي، جنهن ۾ هڪ پاسي سنڌ حڪومت تي قانون سازي ڪرڻ، غير مقامي ماڻهن جي رجسٽريشن ڪرڻ، غير مقامي پورهيتن کي ورڪ پرمٽ جاري ڪرڻ، ڪنهن به ٻاهرين ماڻهو پاران ملڪيت جي خريد کانوٺي ڪري ووٽ جي حق تائين جي رعايتن کي غير قانوني قرار ڏيڻ جي جدوجهد سميت ٻي پاسي سموري نفرتن ۽ مزاحمت جو نشانو ڪنهن ٻي ذات، نسل، ۽ قوم کي بنائڻ بجاءِ، هن نظام ۽ رياست کي بنائڻ ۽ انهن جي تبديليءِ لاءِ جدوجهد ڪجي. (توڻي جو انهيءَ ڦرلٽ منجهان ڪا ذات، ڪو نسل يا ڪا قوم مستفيد ڇو نه ٿيندي هجي) لازما نظام ۽ رياست لاءِ نه ته جدوجهد جا پهرين مقصد هضم ڪرڻ سولا آهن ۽ نه ٻيا، تنهنڪري اها پاڻ به نسل پرستاڻي سياست ۽ سمجهه کي هٿي ڏيندي رهندي آهي ۽ حقيقي مزاحمتي تحريڪ ۾ ڦرڦوٽ وجهندي رهندي آهي.اسانجا ڪجهه ڪميونسٽ اهڙا آهن جن لاءِ قومي جبر ۽ قومي اڻبرابري جو ذڪر ئي قومپرستي ۽ تنگ نظري هوندي آهي، اسانجا اهي دوست هر وقت نظام خلاف جهد ۽ انجي تبديليءَ جو جو ذڪر ته ڪندا آهن پر رياست مخالفت جو ست ناهن ساريندا. ساڳي وقت اسانجي ڪجهه قومپرستن جي قومپرستي ۽ نسل پرستيءَ منجهه فرق ئي مريو وڃي جڏهن اُهي رياست ۽ نظام خلاف پيدا ٿيندڙ نفرت ۽ ڌڪار کي ڪجهه ذاتين، نسلن، قومن ڏانهن لاڙي ڇڏيندا آهن. رياست جي تبديلي يا رياست خلاف جهد جو سڏ ته ڏيندا آهن پر نظام جي تبديليءَ جو ذڪر ناهن ڪندا. سچ اهو آهي ته عوام دشمن رياست ۽ عوام دشمن نظام هڪٻئي جو جيئندان آهن. عوام ۽ قوم جي ڏور رس مفادن لاءِ هڪ خلاف جدوجهد، ٻي خلاف جدوجهد کي لازمي بڻائي ڇڏي ٿي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو