اوليت ... عبدالقادر جوڻيجو

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    اوليت
    [​IMG]
    عبدالقادر جوڻيجو

    جڏهن حياتي اچڻي وڃڻي آهي، ته پوءِ ته ڪرسي گهڪي وهيڻي آهي ۽ هِتان تِرڪيو وڃيو هُت پوي. پر ملڪ جا مامرا ته ايستائين ته رهڻا آهن، جيستائين زمين جو گولو گُهمريون کائيندو رهندو، پوءِ جون ڳالهيون پوءِ سان. خيرن جون سينيٽ جون اليڪشنون پوريون ٿيون، هاڻي وارو آهي عام چونڊن جو، جيڪي ايتريون پري ناهن. وقت اک ڇنڀ ۾ گذريو وڃي. رهي ڳالهه اِها ته اِهي عام چونڊون هيءَ سرڪار ڪرائيندي يا حزبِ اختلاف جي صلاح سان وچان ئي ڪا امينن جي حڪومت اِهي چونڊون ڪرائيندي. اها هڪڙي خبر خدا کي، ٻئي خبر اسلام آباد وارن کي هوندي. پاڻ کي رڳو ايتري خبر آهي ته سيدن جون دعائون، وڻن جون ڇانئون ۽ ڄامشوري جون ٿڌيون هوائون جار ي آهن. وٺ وهنديءَ کي يعني ملڪ جي مامرن کي ته خلقت جي مسئلن جي ڏس ۾ اوليت ڪهڙي ڳالهه کي ڏجي يا اُهو ڪو ڇا ڪجي جو پهرئين وٽي کير جي. دعويٰ ڪو نه ٿا ڪريون، هام ڪا نه ٿا هڻون، جيترو عقل ڪم ڪندو، اوترو ئي ڪم جي ڳالهه ڪري سگهبي. ايترو سو عرض ڪري ڇڏيان ته پاڻ اِهو عقل ميڊيا جي ڪنهن ائنڪر پرسن کان اُڌارو ڪو نه ورتو آهي، سو پنهنجي ئي ناڙيندا سين. جيڪو پرائي عقل تي لڳو، اُنهيءَ وٽ نه پنج رهنديون، نه ست رهنديون. مون کي ته انهن سياستدانن تي رحم ٿو اچي، جيڪي ميڊيا جي ڪنهن اينڪر پرسن جي سامهون ويهي پنهنجيون پٽڪيون لهرائيندا آهن ۽ هروڀرو جي ڏاڙهي پَٽ ڪندا آهن. خير! اِهو عقل انهن جو.

    مون ته جنهن تنهن محفل ۾ ڏٺو آهي ته هرڪو پنهنجي کاتي کي اوليت ڏيندي اهو ئي چوندو آهي ته جي سندس کاتي کي اوليت نه ڏني ويئي ته ملڪ جو ٻيڙو ٻڏي ويندو، پوءِ اهو انجنيئرنگ وارو هجي، فوڊ ڊپارٽمينٽ وارو هجي، بجليءَ وارو هجي، يا اعليٰ تعليم وارو هجي يا پرائمري تعليم وارو هجي يا پلاننگ کاتي وارو هجي. جيترا وات اوتريون مُرليون. مڙيئي ٿئي ڦوڪ ڪڍڻي ٿي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي زندگيءَ جا سڀ شعبا هڪ ٻئي سان ته ايترو وچڙيل آهن، جو ڪنهن هڪ شعبي مان هٿ ڪڍ ته ٻيا شعبا به ڏٺي سڌا پاڻيءَ ۾، پوءِ ڀلي پيو هٿوراڙيون هڻ، ڪا شيءِ نه گڏجي ڪنهن سان. سو اِها حقيقت پنهنجي جاءِ تي، پر جي زمان قريب ماضيءَ جي حساب سان يا زمان حال جي حساب سان مالي طور تي سڌريل ملڪن جي Priorities (اوليت) کي نظر ۾ رکبو ته ڳالهه ڇڻي اچي پٽ پوندي ته آخر انهن جي اوليت ڪهڙي آهي. هتي اهو به عرض ڪري ڇڏجي ته اِهي مُلڪ وقت سان گڏ پنهنجيون اوليتون تبديل ڪندا رهندا آهن. انهيءَ ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هر ملڪ جي اوليت هوندي ته ايڪانامي آهي، پر اها ايڪانامي يا مالي خوشحالي ملڪ ۾ ڪهڙي ذريعي سان حاصل ٿئي، پوءِ جيڪو مک ذريعو سامهون ايندو آهي، انهيءَ کي ئي اوليت ڏبي آهي. جي انهيءَ مک ذريعي کي نظرانداز ڪبو ته ايڪانامي به وڃي ڊهڙ ۾ پوندي آهي. جڏهن ڪو مالي وسيلو نه هوندو ته مالي ترقي وري ڇا جي. پاڻ وٽ ته شروع کان وٺي جيڪي اوليتون طئي ٿينديون آهن، اُنهن ته هڻي ملڪ کي ڏَري تي ويهاري ڇڏيو آهي. پر تنهن هوندي به وقت اڃا ويو ناهي، رڳو سمجهه کان ڪم وٺڻ جي ضرورت آهي. جنهن به سنگت ساٿ کي سنڌ جو اونو آهي، اُنهن کي رڳو اوليت طئه ڪرڻي آهي يا سولي سنڌيءَ ۾ ”پهرئين وَٽي کير ڀري“ ڪرڻي آهي.

    دنيا ۾ ته وڏا مثال پيا آهن ته جيڪي ملڪ سڪرات ۾ پيل هئا، اُهي به اُٿي کڙا ٿيا، رڳو طبيب سُٺا هئا. انهيءَ ڪري، جي پاڻ ويهي تفصيل سان اهڙا مثال بيان ڪنداسين ته ڪيئي پنا ڪارا ٿي ويندا، تنهن ڪري ڪٿان ڳالهه جو پُڇ ته ڪٿان ڪن کڻبو. چين ملڪ جنگ جو ماريل، بکيو، ڏکيو ۽ آفيمين سان ڀريو پيو هو. اهڙي صفا هٿ مان ويل ملڪ لاءِ به مائوزي تنگ پنهنجي سياڻي ساٿيءَ چو اين لائي جي مدد سان جيڪا اوليت طئه ڪئي، اُها هئي ”سوشلزم جو نظام“. سوشلزم واري اوليت جي نتيجي ۾ چين جهڙي ملڪ ۾ سچي پچي ۽ ڪارائتي تعليم ذري گهٽ سئو سيڪڙو تائين پهچي ويئي. 1990ع ڌاري جڏهن سوشلزم صفا وڃي پٽ جهليو ته چينين پاسو ورائي پنهنجي قديم آثارن کي سامهون رکندي ”سياحت“ کي پنهنجي اوليت بڻايو ته دنيا جهان جا سياح هر سال چين اچڻ لڳا، جن وٽان حاصل ٿيل زرمبادلي جي نتيجي ۾ چين ملڪ جو وزيرِ سياحت ذري گهٽ ڊپٽي پرائيم منسٽر واري حيثيت اختيار ڪري ويو. جڏهن ڪارپوريٽ گلوبلائيزيشن جهڙي مست واتي بَلا اچي ڪن ڪڍيا ته چينين انڊسٽري کي اوليت ڏني، جنهن جا نتيجا تنهنجي منهنجي سامهون آهن. هٿيارن واري انڊسٽري سان ڀرپور جپان کي جڏهن ائٽم بم جي ڌڪن هڻي ٻوڙي وڌو ته هنن هٿيارن وارو پاسو بدلائي اليڪٽرانڪ جي انڊسٽريءَ کي اوليت ڏني ۽ پهرئين وٽي کير ڀري ٿي. تازو جپان کي جيڪو سونامي ڌڪ هنيو، اُهو ڌڪ اهڙو ته ڪاپاري هو، جو چيوسين ته جپان وڃي سمنڊ جو تر وٺندو، پر ايڏو وڏو ڌڪ کائڻ کان پوءِ به اڃا جپان نڙ لڳو پيو آهي. آمريڪا شاهه بادشاهه ٺلهو لٻي ڦٻي تي سپر پاور ڪو نه بڻيو آهي، پر آمريڪا جيئن ته زرعي ملڪ هو، تنهن ڪري انهن جي شروع کان وٺي اوليت زراعت رهي. زراعت جڏهن آمريڪا کي هڻي ارن مان ڪڍي ڇڏيو ته هنن انهن پئسن جي زور تي دنيا جهان مان عقل خريد ڪيو، ڇاڪاڻ آمريڪي امير ته هئا، پر عقل کان واندا هئا. ائين هنن ڪيترائي سائنسدان ۽ ٻيا عقل جا وِير ماڻهو وڏين پگهارن تي خريد ڪيا، جن آمريڪا کي سپر پاور بڻائي ڇڏيو. خود ائٽم بم ٺاهيندڙن ۾ گهڻائي جپانين جي هئي. خريد ڪيل جپانين کي اها خبر نه هئي ته هٿ جي وڍيءَ جو ويڄ نڪو طبيب. ائين سندن ٻئي اوليت ڏات جي خريداري بڻي. آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ (جيڪو زلزلي جي زون ۾ اچي ٿو) وارن جي به اوليت پنهنجي زراعت، جهر جهنگ ۽ مال مڙهو رهيا. هن وقت مليشيا به عقل جي وڏن خريدارن ۾ شامل ٿئي ٿو. سو اِهي قصا ڳڻڻ کان پري آهن. پاڻ کي رڳو اهڙا مثال کڻي، پنهنجي اوليت طئه ڪرڻي آهي ته جيئن سنڌ جا ماڻهو سولو ساهه ته کڻي سگهن. پهرئين وٽي کير ڀري نڪتي ته سنڌ جا ٻيا مامرا پاڻمرادو حل ٿيندا ويندا. ناڻو کيسي ۾ هجي ته لاڙڪاڻو ته گهمي سگهون. باقي ٺلهه ۽ بک مان ته ٻيون ڪيتريون ئي سماجي بيماريون جنم وٺنديون وينديون ۽ ليکا پورا ٿيندا ويندا. پاڻ ڪي ايڏا وڏا ماهر ته ڪو نه آهيون، پر مانيءَ جا ٻه ويلا کائون ٿا. تنهن ڪري ايتري خبر اٿئون ته ڪهڙي اوليت جي کاڻ ۾ مال موجود آهي. جيڪي اسان کي چانهه جي ڪوپ تي ويهي مهڻا ٿا ڏين ته اسان جاگيردارانه معاشري جو حصو آهيون، انهن کي ايترو به حيا ڪو نه ٿو ٿئي ته اُهي جيڪي ڪپڙا پائيو ويٺا آهن، جيڪي بسڪوٽ پيا کائين، جيڪا چانهه ويٺا پيئن ۽ گهر وڃي جيڪا ماني ۽ ڀَت کائيندا، اُهي سڀ شيون زراعت جي پيداوار آهن. جي زراعت نه هجي ته ڪر اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ موجود ئي نه هجن ها. نه رهي بانس، نه وڄي بانسري. اهڙي اونڌن ٽپن ڏيڻ ۽ ڦاسڻ جي بدران چڱو اٿن ته منهن ويڙهي ڪري پون. بابا، اسان تي رحم نه کائو، پنهنجو پاڻ تي رحم کائو.

    سنڌ جو معاشرو بنيادي طور تي زراعت تي ٻڌل آهي. اسان جو کاڌو پيتو ۽ گندي ڪپڙو اُتان ئي اچي ٿو. باقي رهي بجلي، ته جڏهن بجلي پڙ تي ئي نه هئي، تڏهن به ساهه پئي کنيوسين. پر جي کاڌو پيتو ۽ گندي ڪپڙو نه هجي ها ته ڪر ڄمون ئي ڪو نه ها. بجلي پيٽ ڪو نه ڀريندي، پر زراعت جي ترقي بجليءَ کي پاڻيهي پيدا ڪري وٺندي، تعليم کي به هٿي ڏيندي ۽ انڊسٽريءَ کي به جنم ڏيندي. ڏوڪڙ هوندا ته سڀ ڪجهه گهر ويٺي ملي ويندو. زراعت هوندي ته ڏوڪڙ به اچي ٺڪ سلاماليڪم ڪندا. ڪير ائين نه سمجهي ته جنهن زراعت کي پاڻ اوليت ڏيو ويٺا آهيون، انهيءَ جو مطلب ناهي ته ڪو زميندار ٻئي مٿا کڻي وڃي ۽ هاري پنڪين ۾ اچي وڃي. آئون ڪو اِهو ڪو نه ٿو چوان ته زميندارن جون سڀ زمينون هارين ۾ ورهائي ڇڏيو، پر جنهن جو جيترو حصو پتي آهي، اُهو اوتري جو اوترو هاريءَ کي ته ڏيو. ميڪسيڪو ۽ آمريڪا جي رياست ٽيڪساس ۾ ته وڏيون زمينداريون آهن، پر اُتي اُپت جي ورهاست صحيح ٿي ٿئي. سنڌ ۾ زميندارن جون ڪجهه اهڙيون ڌريون به آهن، جيڪي ٻئي مٿا کائيو وڃن، پر گهڻائي اهڙن زميندارن جي آهي، جيڪي صحيح حصو پتي ڏين ٿا. سنڌ ۾ رڳو گدڙ ڪو نه ويٺا آهن. منهنجي سامهون وڏيون وڏيون زمينداريون هيون، جيڪي اکين سان ڏٺم، پر هاڻي ٿا جائزو وٺون ته اولاد ۾ زمين جي ورهاست جي ڪري توڙي ڪجهه سياڻن جي سياڻپ جي ڪري زمينداريون ننڍيون ٿينديون پيون وڃن. سنڌ ۾ ڪافي اهڙا خاندان پيدا ٿي پيا آهن، جو اڳي جي ڀيٽ ۾ خاندان جا پنهنجا فرد ٽريڪٽر هلائين ٿا، گُڏ ڪڍن ٿا ۽ لاباري توڙي چونڊي ۾ شريڪ رهن ٿا. اهڙيون خبرون به عام جام آهن ته جي ڪٿي هارين سان اجائي ڏاڍ ٿي ٿئي ته ڪورٽن جي ذريعي انهن هارين جي جان آجي ڪرائي وڃي ٿي، جيترو اڳي ظلم ڦٻندو هو، اوترو هاڻي نٿو ڦٻي. اڳي ايڪڙ مان ڏيئي وٺي ڏهه مڻ ڦٽيون ٿينديون هيون، اُتي هاڻي چاليهارو مڻ ٿيو وڃن. ڪڻڪ جي حالت به اِها آهي. باقي روڪڙ واري فصلن جا ته پئون ٻارهن لڳا پيا آهن. سو اهو معاملو اڳتي تڏهن وڌندو، جڏهن اسان ٿر جي ڪوئلي ۽ زمين هيٺان لڪل ٻئي خزاني جي لالچ ۾ اچڻ جي بدران اسان کي اوليت زراعت ۽ مال مڙهي کي ڏيڻي پوندي. انهيءَ کان پوءِ ٻيا خزانا پاڻيهي اچي جهوليءَ ۾ ڪرندا ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ به ترقي ٿيندي.

    بنيادي حقيقت ته اِها آهي، باقي زراعت ۽ مال جي اُپت وڌائڻ لاءِ سڀ کان اول ته آبپاشيءَ جي مامرن تي ڌيان ڏيڻو پوندو. سنڌ سرڪار جيڪو خرچ زمين هيٺان لِڪل خزاني تي ٿي ڪري، جي اها اهو ساڳيو خرچ درياهه جي ٻنڌين کي پڪو ڪرڻ تي، واهن ۽ شاخن جي صفائي ڪرڻ تي، پاڻيءَ جي اصلي ۽ قدرتي وهڪرن کي آجو ڪرڻ تي ۽ پاڻيءَ جي صحيح ورهاست تي خرچ ڪندي ته انهيءَ جا نتيجا ڀلا ته ڇا، پر حيرت انگيز هوندا. مال ۽ فصل جي ڀلائيءَ لاءِ هن وقت جي ماحولياتي خرابي کي درست ڪرڻ لاءِ جي سرڪار خرچ ڪندي ۽ ڌيان ڏيندي ته انهيءَ جا نتيجا حيرت انگيز نڪرندا. تنهن کان پوءِ خود زراعت سان لاڳاپيل انڊسٽريءَ کي به زور وٺائڻو پوندو. هيستائين ڳچ سڻڀين ڌرين کنڊ جي ڪارخانن ۽ ڪاٽن فئڪٽريز تي ته چڱو خاصو ڌيان ڏنو آهي. پر انهيءَ کان علاوه جي بسڪوٽن، ڪاغذن ٺاهڻ وارين، سُڪي کير جي ڪارخانن ۽ ٻين ايگرو انڊسٽريز کي شهرن جي بدران سرزمين تي يعني ٻهراڙيءَ جي زمينن جي ڀر ۾ زور وٺائيو ويندو ته اسان ڪيترو ئي سامان ايڪسپورٽ به ڪري سگهون ٿا ۽ ڏوڪڙ ڪمائي سگهون ٿا، جيڪي هر بيماريءَ جو علاج آهن.

    اڳتي هلي ڪري اهو به ٿي سگهي ٿو ته جنهن ضلعي جي زمين تي جيڪو فصل گهڻ ۾ ٿئي ٿو، اُهو فصل ئي اُتي پوکڻ واري ورهاست ڪرڻ کپي. تنهن کان علاوه جيڪا ڳالهه وڌيڪ ڌيان لهڻي، اُها اِها آهي ته گهڻا هاءِ ويز ٺاهڻ جي بدران اهڙا روڊ ٺاهڻ گهرجن، جيڪي ٻهراڙين جي زمينن کان ڀروارن ننڍن ننڍن شهرن تائين وڃن ته جيئن زرعي فصلن جي پهچ کي آسان بڻائيو وڃي. ننڍن ننڍن روڊن جو اِهو ڄار وڇائڻ مان به گهڻو نفعو ملندو. رهي ڳالهه زمين هيٺان پوريل خزانن جي ته گهوٽڪي وارن جي اڳي ئي رڙ پيئي پوي، هاڻي وري مٿان ٿر جو ٿو ٻيڙو ٻڏي. هر ڪم جو وقت هوندو آهي. في الحال هيءُ اِهو وقت ناهي، جو ٿر سان هٿ چراند ڪئي وڃي. اها ڳالهه آئون اڳ ۾ ئي لکي چڪو آهيان ته ٿر کي ڪوئلي جي بهاني دونهاڙ ۾ ٻوڙڻ جي ضرورت ناهي. جيڪو پاڻي ڪوئلي لاءِ ٿر موڪليو پيو وڃي، اُهو ساڳيو پاڻي اتان جي ماڻهن ۽ مال جي پيئڻ لاءِ ۽ گهٽ پاڻيءَ تي جاليندڙ وڻن ٻوٽن جي پيچ لاءِ استعمال ڪيو ويندو ته خود ٿر جو مال ايترو ڏوڪڙ ڇنڊيندو، جيڪو ڪوئلو ڇنڊي ڪو نه سگهندو. ڪوئلو ڀڄيو ڪو نه ٿو وڃي، اِتي ئي هوندو، جنهن کي مناسب وقت تي ماحوليات کي ۽ اُتان جي ماڻهن جي اجائي لڏپلاڻ ۽ ڀَڄ ڀَڄان کي ۽ ٻاهرين جي آمد کي روڪڻ کي نظر ۾ رکندي کڻي پوءِ ڪجي.

    اسان جي تمام سياڻي دوست دلشاد سينئر ڀٽو اڳئين درياهه واري ٻوڏ کان گهڻو وقت اڳ عطا آباد واري ڍنڍ ٽٽڻ وقت رڙ ڪئي هئي ۽ پوءِ پاڻ به سندس پُٺ ورتي. اهو ئي ڪجهه ٿي گذريو. هن سال وري عطا آباد واري ڍنڍ وقت کان اڳ ۾ ٽُٽي آهي ۽ هن واري مند ۾ مٿين علائقن ۾ اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ برف پيئي آهي، سو وري ٻوڏ جا امڪانات پيدا ٿي پيا آهن ته هيل سال به درياهه موج ۾ ايندو. تنهن کان پوءِ تازو ٺٽي ۾ آيل جپاني ماهرن به وڏي واڪي ڳالهه ڪئي آهي ته ايندڙ سال به سنڌ لاءِ خئري ناهن. جپانين ته ڊگهيون ڳالهيون به ڪيون، پر آئون هتي خوف پيدا ڪرڻ نٿو چاهيان. اسان جي همراهن کي کپي ته اُهي جپانين جي ٺاهيل رپورٽ کي نظر مان ڪڍن ته جيئن کين اصلي حقيقت معلوم ٿي سگهي. سو اهو خيال ذهن ۾ رکندي زراعت کي اوليت ڏيڻي پوندي. مفت جو مشورو آهي، سو ايترو ئي ڪافي آهي.

    ڇنڇر 10 مارچ 2012ع
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 جولائي 2014

هن صفحي کي مشهور ڪريو