وقت وقت جي ڳالهه ... عبدالقادر جوڻيجو

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    وقت وقت جي ڳالهه
    [​IMG]
    عبدالقادر جوڻيجو
    ننڍا هوندا هئاسين، ننڍن ننڍن شهرن ۾ روزانو ڪو نه ڪو ٽانگو گهٽين ۾ رُلندو ۽ رمندو نظر ايندو هو، جنهن تي هڪڙو ماڻهو ٽانگي ڪاهيندڙ جي ڀر ۾ ويٺل نظر ايندو هو، جنهن وٽ هٿ ۾ جهلڻ وارو لائوڊ اسپيڪر هوندو هو، جنهن کي ”ڀونپو“ ڪري چوندا هئا. ٽانگي جي پويان وري پوسٽر ٽنگيل هوندو هو. انهيءَ پوسٽر تي عاشق معشوق جي گڏجاڻي جي تصوير، ٻنهين ڄڻن جي جدائيءَ جي تصوير به هوندي هئي، جنهن ۾ هيروئن جي بيضي کان به وڏا لڙڪ به ڇاپيل هوندا هئا. هڪڙو ڏيک وري تلوار بازي يا ٺئونشي بازي وارو ڇاپيل هوندو هو. فلم ڀلي کڻي ٽڪي جي هجي، پر ڀونپوءَ وارو همراهه فلم جي واکاڻ ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيندو هو. پوءِ ڀلي کڻي نڙي ويهي وڃينس، پر پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جو پيٽ گذر ته ٿئي، باقي ٽڪي جي شيءِ کي اُڀ تي کڻي وڃڻ سندس ڊيوٽي هوندي هئي. ائين اهڙي فلم به ٺلهي پروپيگنڊا جي زور تي پنج اٺ سئو ڪمائي ويندي هئي. ڪمائيءَ جي طريقي لاءِ ڪيئي اٺسٺا ته ڪرڻا پوندا آهن، جي ڀلا ڪا فلم ڀلي هوندي هئي ته به ڀونپو واري همراهه کي روزانو ريهو رڙ ڪرڻي پوندي. غريب جو ٻار هو، ڪيڏانهن وڃي. باقي سئنيما هائوس جي ڌڻين جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾ هونديون هيون. وقت وقت جي ڳالهه آهي، هاڻي نه پاڪستان جي فلم انڊسٽري پڙ تي رهي آهي ۽ نه وري ڀونپو رهيو آهي.

    جڏهن ٽٻر ٽٻر ٿياسين ته سياست جو ڪاروبار شروع ٿي ويو. اُهو زمانو کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي ويڙهه ويڙهان جو زمانو هو. انهيءَ ويڙهه ۾ به پروپيگنڊا ۾ ريڊيو جو ڀونپو وڄڻ شروع ٿي ويو. سڄي ملڪ جي راڄن ۾ ٽرانسسٽر ڪاهي پيو. جي ڪو هاري هر پيو ڪاهي ته هَرَ جي مُٺيي ۾ ٽرانسسٽر ٽنگيو پيو آهي. جي ڪو بيل گاڏيءَ تي چڙهيو پيو وڃي ته ٽرانسسٽر ڀر ۾ پيو وڄي. جي ڀلا ڪو مون پارو پنڌ پيو وڃي ته به ٽرانسسٽر هٿ ۾. مطلب ته ٽرانسسٽر ماڻهوءَ جو عضوو بڻجي چڪو هو. ٽرانسسٽر هو ته وندر جو ذريعو، پر چڙهي ويو سياست جي وَرَ. هونئن ته ريڊئي تان هر ڪو پيو پنهنجي حڪومت جو راڳ ڳائيندو هو. جنرل ايوب جي واکاڻ ۾ وڻ پيا ڪارا ٿيندا هئا. پر بين الاقوامي سياست ۾ وري کاٻو ساڄو پيو هلندو هو. ريڊيو وائيس آف آمريڪا وارن جو کاٻي ڌر جي سوشلسٽ تي مارو پيو پوندو هو ته ٻئي پاسي وري ريڊيو ماسڪو وارن جي سرمائيدار بلاڪ تي وٺ لڳي پيئي هوندي هئي. بي بي سي وارن وري چاچي غلام محمد ٽنگڙي مرحوم جي پاليسي اختيار ڪئي. ڪنهن زماني ۾ چاچو غلام محمد ٽنگڙي پنهنجي پَٽ جو اهڙو ته ڏاڍو مڙس پاٿاريدار هوندو هو، جو وَڻَ گهوڙو جهلڻ ڪو نه ڏيندو هو. جيڪا ڀاڙيا ڀُتا صوبيدار ۽ جمعدار هوندا هئا، سي کيس ويجهو ئي ڪو نه ويندا هئا. پر جيڪي ڏاڍا مڙس جمعدار ۽ صوبيدار هوندا هئا، سي اچي سندس درُ جهليندا هئا. اوطاق ۾ خوش خير عافيت کان پوءِ چاچو غلام محمد ٽنگڙي پهرين ته پٽي پنهنجو پاڻ کي ٽي چار گاريون ڏيئي ويندو هو ۽ پوءِ ٻه ٽي گاريون صوبيدار کي به ڏيئي ڇڏيندو هو. تڏهن ڏاڍا مڙس هڪ ٻئي جا قدردان هوندا هئا. سو چاچي غلام محمد جي دليريءَ جو قدر ڪندي صوبيدار کلندا روانا ٿي ويندا هئا. ائين بي بي سي وارن چاچي غلام محمد واري پاليسي اختار ڪئي. بي بي سي وارا وري ڇا ڪندا هئا، جو پهرئين پنهنجي سرمائيدارانه بلاڪ کي پنج سُريون ٻڌائيندا هئا، پوءِ کاٻي ڌر جي سوشلسٽ کي ست سُريون ٻڌائيندا هئا، ائين دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پهرئين چاچي غلام محمد ٽنگڙي ۽ پوءِ بي بي سي وارن ان ڊائريڪٽ پروپيگنڊا يا اشتهار بازيءَ جو رواج ڳولي ڪڍيو.

    سائينءَ منهنجي کي چوان، مٿان وري ٽي وي ڇم ڇم ڪندي اچي لٿي. اسان به هم نه ڪئي تُم، سڌا ٽي وي اندر. پهرئين وٽي کير ڀري نڪتي، ڳچ پنڌ ڇڪڻ کان پوءِ ٽي وي جا دادلا به ٿي وياسين. الله جنت نصيب ڪري ممتاز مرزا کي هجائتو مڙس به هو، روحي بانو کان ”ڪوهه ڪاف جو شهزادو“ جو لقب حاصل ڪيائين. اسڪرپٽ ايڊيٽر به هو، تنهن ڪري اسڪرپٽ تي ڪرڙي نظر به رکندو هو. لکندي پڙهندي خبر پيئي ته جيڪي ڪيميڪل ڀاڻ ۽ دوائن جي صورت ۾ زمين ۾ ڇٽيا وڃن ٿا، اُهي زهر بڻجي زمين مان ست ڪڍيو ڇڏين. سو مون ڪنهن ڊرامي ۾ پيسٽيسائيڊ جي باري ۾ ڪجهه ڊائلاگن ۾ زهر اوڳاڇي ڇڏيو. ممتاز مرزا اچي پاڻ جو اڳ جهليو ته اهي پيسٽيسائيڊ وارا جملا ڪو نه هلندا. ٽي وي جي روزيءَ تي لت نه ڏئي. پيسٽيسائيڊ ٺاهڻ واريون ڪمپنيون لکين روپين جا اشتهار ٿيون ڏين، اهي اعتراض وارينديون. ٺڪ ٺڪ ڪري جملا ڪٽي ڇڏييائين. ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيوسين ۽ زمين کي ملندڙ انهيءَ زهر جا اشتهار ڏينهون ڏينهن وڌندا ويا ۽ خلقت جيئن پوءِ تيئن زهر کي ترياق سمجهندي ويئي. اشتهار جو هڪڙو رخ اهو به هو ته ڏٽن کي سچ سمجهي، انهيءَ جي پويان لڳي زمين کي زهر ڏيندا وڃو. ائين بازار وڃي بنگلي سان لڳي ۽ وري ڊائريڪٽ پروپيگنڊا وڌندي ويئي. پر انهيءَ وچ ۾ انڊين چئنلز تخليقي سگهه ڪم آڻيندي ان ڊائريڪٽ اشتهار بازيءَ کان ڪم ورتو. پنهنجي ملڪ ۾ ۽ پاڻ کان وڌيڪ انڊيا به ڪن سچين پچين ۽ انسان کي صحيح ڪم ۾ ايندڙ ڪمپنين جي پراڊڪٽس کي به هٿي ملندي رهي. سڀ رڍون ڪار ٻوٿيون ڪو نه هيون. ڪي شيون ڪم جون به هونديون آهن، سو اهڙي ڪا هاهه ڪا نه مُٺي آهي. ٽي وي مٿان لٿو ڪمپيوٽر. پهرئين ته ڪمپيوٽر تي مُڇ به ڪا نه ڇنڊي سين، جنهن جو اڃا تائين افسوس بيٺو آهي ته پنهنجو نقصان ڪيوسين، پر پوءِ نيٺ ليپ ٽاپ تي لٿاسين. ڪارڻ انڊيا جي مشهور ليکڪا شوڀاڊي هئي.

    شوڀاڊي هڪڙي پاسي انگريزيءَ ۾ بيسٽ سيلر ڪتاب لکي ممبئي جهڙي شهر ۾ رهندي ڪري روزي روٽيءَ جو بندوبست ڪندي رهي ته ٻئي پاسي Selective memory, snap shots ۽Shooting from Hips جهڙا ڪڙڪ ۽ سنجيده ڪتاب لکي قلم جي بليڊ سان ڪن جا مٿا ڪوڙيائين ۽ ڪن جون چوٽيون پٽ ڪيائين. کيس هن آسمان هيٺان رڳو ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر، سنيل گواسڪر ۽ ماڌوري ڊڪشت الائي ڪيئن وڻيا. ڀلا جي وڻيا اٿس ته پاڻ کي به انهيءَ کان انڪار ناهي. اوچتو ئي اوچتو خبر پيئي سين ته سندس نئون ڪتاب Shobhaa de at sixty ڪراچيءَ ۾ پهچي ويو آهي. سو سوچيو سين ته متان اهو ڪتاب Selective memory جو ٻيو جلد هجي. سو اهو ڪتاب پاڻ جي ور چڙهي ويو. ڇا ٿا ڏسون ته رڳو نصيحتون ئي نصيحتون. ها ٻئي ائين ئي سهي، پڙهون ٿا. هڪڙي نصيحت اها به هئي ته، ”جي سٺ ورهين کان چڙهي وڃو ته ليپ ٽاپ سان دوستي رکي ڇڏيو، سڄي دنيا اوهان جي اڳيان هوندي.“ اها ڳالهه الائي ڇو دل ۾ گهر ڪري ويئي. مٿان ڪئناڊا مان آيل هڪ جديد ليپ ٽاپ گهر ويٺي ملي ويو. مفت جو مال دل بي رحم. ڌراڙ کي واٽ ويندي سسئي ملي ويئي ۽ زمين به ڪا نه ڦاٽي. آهستي آهستي سائيٽون کلنديون ويون. انهيءَ وچ ۾ ٽي وي تان هڪ اهڙي ڪريم جو به اشتهار ايندو رهيو ته اها ڪريم ڪاري رنگ جي ماڻهوءَ کي ڳورو ڪري سگهي ٿي. ڏيو منهن، ڪاري رنگ جو ماڻهو ڳورو وري ڪيئن ٿيندو؟ ها، باقي مائيڪل جيڪسن وانگر ڪو ڪارو ماڻهو پلاسٽڪ سرجري جي ذريعي بُت ڇلائي ڳورو ته ٿي سگهي ٿو، پر پوءِ ٿوري لهس تي اهو ماڻهو هيءَ دنيا ڇڏڻ ۾ دير نه ٿو ڪري. باقي اهڙي ڪريم ته آهي ئي ڪا نه، جيڪا رنگ ڳورو ڪري. پر اشتهار جي پوءِ به ڌڙي لڳل هوندي آهي.

    وري اچون ڪمپيوٽر تي. ڪمپيوٽر تي ٻن قسمن جي اشتهاربازي ايندي آهي. هڪڙي اشتهار بازي ته سنئين سڌي هوندي آهي ۽ ذر ذر ڪن ڪڍيو بيٺي هوندي، پوءِ ڪا چڱين شين جي ۽ ٻئي مَٺين شين جي. ٻئي هوندي آهي ويب سائيٽ. ويب سائيٽ ٺاهڻ لاءِ وري ڪنهن ڪاريگر جي ضرورت هوندي آهي. منهنجا ڪجهه ڄاڻو سڃاڻو ته بين الاقوامي سطح جون ويب سائيٽون ٺاهيندا آهن. انهن ويب سائيٽن ۾ وڏي هوشياريءَ سان چاچي غلام محمد ٽنگڙيءَ وانگر ڪنهن نه ڪنهن اداري يا ڪنهن خاص صورتحال تي ويب سائيٽ جي ذريعي ان ڊائريڪٽ پروپيگنڊا ڇڏيل هوندي آهي، جيڪا پڙهي دل خوش ٿي ويندي آهي. ويب سائيٽون وري ٽن قسمن جون هونديون آهن، هڪڙي ويب سائيٽ ته ڄاتل سڃاتل ادارن جي باري ۾ هوندي آهي، جن جي ڪارڪردتگي اڳ ۾ ئي سٺي به هوندي آهي ۽ مشهور به هوندي آهي. انهيءَ ۾ ته شڪ جي گنجائش نه هوندي آهي. ٻئي قسم جي ويب سائيٽ ۾ وڌاءَ کان ڪم ورتل هوندو آهي. جي ڪارڪردگي هوندي پنج سيڪڙو ته اهڙي ويب سائيٽ ۾ ڪارڪردگي ڏيکاريل هوندي آهي، سئو سيڪڙو. ٽئي ويب سائيٽ جو ڌنڌو رڳو ڪوڙ تي ۽ ٺڳيءَ تي ٻڌل هوندو آهي ۽ وڏي چالاڪيءَ سان انهيءَ ويب سائيٽ جي ذريعي ماڻهن کي ڦريو ويندو آهي، کيل ختم ۽ پئسا هضم ٿي ويندا آهن. اهڙين ويب سائيٽن کي رڳو نيٽ تي بزنيس ڪندڙ ماڻهو سهي ڪري وٺندا آهن ۽ ڀڄي جند ڇڏائيندا آهن.

    مثال ٿا وٺون سگريٽ جو ته اها هر ڪنهن کي خبر آهي ته سگريٽ صحت لاءِ خراب هوندا آهن، ايتري قدر جو خود سگريٽ ٺاهڻ واريون غير ملڪي ڪمپنيون سگريٽ جي پاڪيٽ اڳيان لکي ڇڏينديون آهن، Smoking kills (تماڪ ڇڪڻ سان ماڻهو مري ويندو)۽ پويان وري اهي اکر لکيل هوندا آهنSmokers die yougers (تماڪ جوانيءَ ۾ ماڻهوءَ کي ماريو ڇڏي). سو سگريٽ جي اشتهار تي ريڊيو، ٽي وي ۽ نيٽ تي به پابندي لڳل آهي. پر آئون ساک سان چوان ٿو جي ويب سائيٽ تي سگريٽ جي اجازت هجي ته آئون ڪنهن ويب سائيٽ ٺاهڻ واري کي اڳيان ويهاري سگريٽ ڇڪڻ جي حق ۾ اهڙا دليل ٻڌائي سگهان ٿو، جو سوال ئي ناهي جو ماڻهو اعتبار نه ڪن. سڄي وڪالت جي ڪاريگري آهي ۽ دليل ڏيڻ جي.

    حاصل مطلب اهو آهي ته سڀ ويب سائيٽون صحيح نه هونديون آهن. اصل ۾ پنهنجي ملڪ ۾ ۽ اهڙن ٻين ملڪن ۾ صحيح انگ اکر هوندا ئي ناهن، ڇاڪاڻ جو ههڙن ملڪن ۾ ماڻهو ۽ حالتون ايتريون ته ڇڙوڇڙ آهن، جو ڪير اهو به ته صحيح نه ٻڌائي سگهندو ته ڪهڙي ضلعي ۾ ڪيتري ڪڻڪ لهي ٿي، ڪيتريون ڦٽيون ٿين ٿيون، ڪيترا ڪيوسڪ پاڻيءَ جا ضايع ٿين ٿا ۽ ڪيترا ڪيوسڪ صحيح استعمال ٿين ٿا. اهڙي ملڪ ۾ ويب سائيٽس تي جيڪي به انگ اکر هوندا، اهي ڌڪي تي ٺاهيل هوندا آهن. زندگيءَ جي هر شعبي جي حالت اها آهي. ڪو جادوگر ئي صحيح انگ اکر ٻڌائي سگهي ٿو ته ملڪ ۾ ڪيتريون مينهون، ڪيتريون ڍڳيون ۽ ڪيتريون ٻڪريون آهن. تنهن کان پوءِ اسان وٽ اِهو حال آهي جو ڌرين جا ٺاهيل جيڪي انگ اکر ويب سائيٽس تي ڇڏيل هوندا آهن، جن ۾ رڳو تضاد ئي تضاد هوندو آهي ته ڪنهن کي مڃجي، ڪنهن کي نه مڃجي. پري ڪو نه ٿا وڃون، منهنجي ڪم جي باري ۾ جيڪي ويب سائيٽون ٺهيل آهن، انهن ۾ اصغر نديم جا لکيل ڊراما منهنجي نالي لکيل نظر ايندا. منهنجا ڪجهه ڊراما نورالهديٰ شاهه جي نالي لکيل نظر ايندا. جڏهن پنهنجو حال اهو ٿا ڏسون ته هتان جي ويب سائيٽن تي ٻين ماڻهن، ادارن ۽ ڪارڪردگيءَ سان ڪهڙو حشر ٿيل هوندو، انهيءَ جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي.

    اسان جا دوست اهڙين ويب سائيٽن کي کولي، جيڪي انگ اکر اسان جي اڳيان رکن ٿا، انهن کي گذارش آهي ته اهڙن انگن اکرن جي تارن ۾ نه ڦاسن ۽ هر وک صحيح سنڀالي کڻن ته جيئن تارن ۾ وچڙجڻ کان بچي وڃن. اجايا ٿيڙهه کائڻ مان ڪجهه ورڻو سرڻو ناهي. ٻيو ته ٺهيو، پر دنيا جي مشهور ليکڪن سان دلچسپي آهي. آئون جڏهن انهن جي ويب سائيٽس تي ويندو آهيان ته مون کي ڪيترن ئي ڪتابن جي باري ۾ اهڙا به رايا ملن ٿا، جيڪي ڳالهيون اصل ڪتاب ۾ موجود ئي نه هونديون آهن. سو يارن کي عرض آهي ته اجائي مونجهاري ۾ نه پون، ڪوڙي پروپيگنڊا جو شڪار نه ٿين. ڪنهن به اسم جي باري ۾ اهڙا انگ اکر نه ڏين، جيڪي هٿ جا هنيل هوندا آهن. جديد زمانو آهي، سو ڪوڙا انگ اکر به ايترائي جديد هوندا آهن. پاڻ جو ڪم آهي، ڪن کڻائڻ، سو ڪن کڻاياسين، باقي جيڪا يارن جي دل گهري، اها وڃي ناڙين. بس، ڪامن سينس کان ڪم وٺڻو آهي.

    روزاني ڪاوش، اربع 14 مارچ 2012ع
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو