اصل مامرو ... عبدالقادر جوڻيجو

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    اصل مامرو
    [​IMG]
    عبدالقادر جوڻيجو
    اها ڪا نئين ڳالهه ناهي. هڪ نه هڪ ڏينهن ڪُرسيءَ کان موڪلائڻو پئجي ويندو آهي ۽ پوءِ دنيا دورنگيءَ کان به موڪلائڻو پوندو آهي. جڏهن حياتيءَ تي ئي ڪو ڀروسو نه هوندو آهي ته ڪُرسين تي وري ڪهڙا ڀروسا. تنهن ڪري چڱائي اِنهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته ڪُرسيءَ کان به ڪنهن يار وانگر کِلي موڪلائجي ۽ هينئان لٿ نه ٿجي. ائين برابر آهي ته وزير اعظم واري ڪُرسيءَ جو ٿڏو ڀرجي لڳندو آهي ۽ ڏاڍي تڪليف ڏيندو آهي، پر تڪليفون هونديون ئي سهڻ لاءِ آهن. جيڏا اُٺ تيڏا لوڏا. گيلاني صاحب کي کپي ته هاڻي صدر صاحب جو در ڇڏي ۽ پنهنجو گهر جهلي ۽ نئين وزير اعظم راجا صاحب جو ويهي تماشو ڏسي ته انهيءَ کي ڪڏهن ٿو ڪُرسيءَ کان موڪلائڻو پوي ۽ ڪيئن ٿو موڪلائڻو پوي. تماشو بڻجڻ جي بدران تماشبين بڻجڻ ۾ وڌيڪ مزو آهي. باقي لهانديون چڙهانديون ته انسان جي واٽ آهن، جيڪي سياست ۾ ته مورڳو وڌيڪ ڪائونٽ ٿينديون آهن.

    پر انهن ايندڙ ويندڙ عهدن کان جيڪو وڌيڪ ڏکئي ۾ ڏکيو مامرو آهي، اهو عوام جي حالت زار آهي. هونئن ته هر صوبي جي عوام جا مسئلا الڳ آهن، پر بُک، بيماري، بي وسي، بي انصافي، اُرهه زورائي، مهانگائي، بي روزگاري، ڪٿي پاڻيءَ جي کوٽ ته ڪٿي واهن ٽٽڻ جي صورت ۾ ٻوڏ، امن امان جي عدم موجودگي ۽ بجليءَ جي اڻ هوند سڀني صوبن جا گڏيل مسئلا آهن. اها به حقيقت پنهنجي جاءِ تي آهي ته سڄي ملڪ جي اُٿل پٿل جو مرڪز Nerve Centre/ پنجاب ئي آهي، جو اهو اسلام آباد کي ويجهو آهي. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”پٿر پرائو، سور هر ڪو پنهنجا روئي“ ائين ئي بجليءَ جي اڻهوند ظاهر ظهور آهي ۽ انهيءَ جي پردي جي پويان اڳ ۾ ئي ڄاڻايل مسئلا موجود آهن. باقي روڄ راڙو ته بجليءَ جي اڻهوند تي ٿي رهيو آهي. اها هڻ پٽ ٻين صوبن ۾ به موجود آهي، پر انهيءَ جو مرڪز پنجاب آهي. اُتي ته هاڻي مامرو ايترو ته وڌندو پيو وڃي، جو ماڻهو به ماراڻا آهن، باهيون به لڳيون آهن ۽ پ پ توڙي ”ق“ ليگ جي ميمبرن جي گهرن ۽ اوطاقن کي باهيون به ڏيئي سندن الهه تلهه چٽ ڪيو ويو آهي ته ميمبرن جي گارڊن گوليون هلائي ماڻهو به ماريا آهن ۽ ڪيترائي ميمبر پنهنجن حلقن ۾ وڃڻ جهڙا ئي نه رهيا آهن. ٻئي پاسي ماڻهن جا انبوهه واچوڙن وانگر ڦيريون کائيندا ڪنهن وڏي واچوڙي ۾ تبديل ٿيڻ وارا آهن، جنهن کي عرفِ عام ۾ انبوهه چئجي ٿو. ماڻهن جا هشام انبوهه ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن. گهنڊ وڄي چڪو آهي.

    اسان وٽ ته صحيح قسم جي ريسرچ جو نالو ئي نه آهي ۽ نه ئي ٻيا ڪي اهڙا امڪان نظر اچن ٿا. ڊگريون کوڙ، پر ڊگرين جي پويان ڏٻي ۾ ٺڪريون ۽ ٽڻ ٽڻ گوپال. پر ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ بنا ڪنهن ڊگريءَ جي لالچ جي ماڻهن سالن جا سال ريسرچ ۾ ڳاري ڇڏيا آهن ۽ حيرت انگيز نتيجا ڪڍيا ويا آهن، خاص ڪري عوامي نفسيات جي باري ۾.

    عوامي نفسيات جي انهن ڌوپار ماهرن جي ريسرچ موجب انبوهه ٻن قسمن جا ٿيندا آهن. هڪڙا انبوهه اُهي هوندا آهن، جن کي ”بند انبوهه“ ڪري چيو ويندو آهي. اصل ۾ اهڙي قسم جا انبوهه ڪنهن نه ڪنهن عقيدي، يا نظرئي يا راڄا ريت يا وري ڪنهن ليڊر شپ سان واڳيل هوندا آهن. اهڙن انبوهن ۾ ڇتڪتائي يا ڪا اهڙي چريائي موجود نه هوندي آهي، تنهن ڪري اهڙن انبوهن کي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي يا پٽڪي پلاند جي ذريعي يا وري ڇِتي چڙهت جي ذريعي روڪي سگهجي ٿو ۽ چِٿي به سگهجي ٿو.

    بين الاقوامي شهرت رکندڙ احمد رشيد هڪ ساکائتو، ذهين ۽ شديد مشاهدو رکندڙ هڪ اهڙو ليکڪ آهي، جنهن لاءِ وائيٽ هائوس کان وٺي دنيا جهان جي ملڪي سربراهن جا دروازا کليل هوندا آهن. هيءَ مولائي لڏو ڪنهن به وقت دنيا جي ڪنهن به مُلڪ جي محل ۾ گهڙي سگهي ٿو ۽ سيڪيورٽي وارن کان آجو هوندو آهي، جو سندس صلاح مُنڊيءَ تي ٽِڪَ هوندي آهي. اهو ئي احمد رشيد پنهنجي تازي انتهائي خطرناڪ ڪتاب ”Pakistan on the brink“ ۾ لکي ٿو ته، طالبان جي انبوهه جو وڏي ۾ وڏو ليڊر ملان عمر به اڻ سڌين ڳالهين ٻولهين کان پوءِ اتي اچي دنگ ڪيو آهي، جو هاڻي کيس ماڊريٽ قسم جو ليڊر سمجهيو وڃي ٿو، پر ڪجهه ٻيون ڌريون اڃا سنوت نٿيون ڏين، پر پوءِ به ملان عُمر جي لت ڳري آهي. حاصل مطلب ته، ”بند انبوهه“ کي روڪي سگهجي ٿو. انبوهه جي ٻئي قسم کي ”ڇڙواڳ انبوهه“ چيو ويندو آهي، جيڪو اجتماعي خودڪشيءَ تائين لٿل هوندو آهي. انهيءَ انبوهه جون خاصيتون ڪجهه هن ريت آهن: (1) اصل ۾ ڌار ڌار قسمن جا مسئلا گڏجي هن انبوهه کي جنم ڏيندا آهن، پر انبوهه ۾ موجود ماڻهو اِهي سڀ مسئلا وساري بنا ڪنهن ليڊر شپ جي اوچتو ئي اوچتو جنم وٺندو آهي. ڪجهه ماڻهو هِتان نڪتا، ڪُجهه هُتان نڪتا، ائين گڏ ٿيندا ويندا آهن ۽ پوءِ اُهو انبوهه هڪڙي پاسي کڻي ”آءُ“ ڪندو آهي ۽ ڪنهن کي به منزل جي خبر نه هوندي آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن جي ٻڌڻ لاءِ تيار هوندو آهي. جنهن جو ڪارڻ اهو هوندو آهي ته اهڙي انبوهه ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ هر فرد پنهنجي شخصيت وڃائي، انبوهه جي اجتماعي شخصيت اختيار ڪري وٺندو آهي، پوءِ اهو فرد ٻارهن تيرهن سالن جو ٻار هجي يا سٺ ستر ورهين جو پوڙهو هجي، عورت هجي يا مرد هجي، ڊڄڻو هجي يا دلير هجي، جسماني طور تي ڪمزور هجي يا پهلوان مڙس هجي. مطلب ته انبوهه ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ هر فرد پنهنجي جسماني تڪليف به وساري ويهي رهندو آهي. ائين اهو انبوهه هڪ ئي شخص بڻجي ويندو آهي. سوليءَ سنڌيءَ ۾ ائين کڻي چئجي ته ”ابا، سڄي خلقت سُرت وڃائي ويٺي آهي ته ڇا ڪريون، چرئي خلقت کي ڪير منهن ڏئي“. (2) هڪ خوفناڪ قسم جي شخصيت ۾ تبديل ٿيل اهو انبوهه جڏهن ڀڃ ڊاهه تي لهي ايندو لهي ايندو آهي ته نه پنهنجي کي ڏسندو آهي ۽ نه پرائي کي. نه منٿ ميڙ کي مڃيندو آهي، نه ڪنهن ڌمڪيءَ يا دهمان ۾ ايندو آهي. نه لٺ بازي ۽ ٽيئر گئس کي ليکيندو آهي ۽ نه پاڻ مٿان وسندڙ گولين کي ليکي ۾ آڻيندو آهي ۽ نه ئي وري آڏو ايندڙ ڪنهن رڪاوٽ کي کنگهندو آهي. مطلب ته هر قسم جي رڪاوٽ کي ٽوڙيندو، انڌ ۾ اڳتي وڌندو ويندو اهي. انهيءَ جِنَ کي واپس بوتل ۾ بند ڪرڻ ايستائين ناممڪن هوندو آهي، جيستائين اهو انبوهه خودڪار طور تي پنهنجي اندران ڪا نئين ليڊر شپ پئدا ڪري ”بند انبوهه“ جي صورت وڃي اختيار ڪري. باقي حڪومت ڀلي سون جي ٿي پوي ۽ عوام کي هر سهولت پئدا ڪري ڏئي ته به انهيءَ کي مڃڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. مٿان وري اها مصيبت به هوندي آهي ته جي اتفاق سان اڌ پنڌ تائين پنهنجو پاڻ جي اندران جيڪا ليڊر شپ پئدا ڪري وٺندو آهي، انهيءَ جي سمجهه يا معيار کي نه ڏسندو آهي، ڀلي کڻي ڪا چري بلا جي، جيڪا انبوهه کي ڊهڙ ۾ وڃي اڇلائي يا سمنڊ ۾ ٻوڙي يا رڻ ۾ رولي. (3) اهڙي انبوهه ۾ جيڪي به ماڻهو شامل هوندا آهن، انهن ۾ غير فطري طور تي هر ماڻهوءَ ۾ چئوڻ يا پنجوڻ تي جسماني سگهه پئدا ٿي ويندي آهي، تنهن ڪري اهو انبوهه پنهنجي سامهون ايندڙ ڏاڍي ۾ ڏاڍي شئي کي ٽوڙيندو، ڀڃندو ۽ ڦوندا ڦوندا ڪندو اڳتي وڌندو ويندو آهي ۽ پار وڃي پوندو آهي. (4) اهو انبوهه ڇڙ وڇڙ به هوندو آهي، جنهن لاءِ ائين کڻي چئجي ته اهو انبوهه مختلف هنڌن، شهرن ۽ علائقن ۾ جنم وٺندو آهي، پر جتي به اهو انبوهه جنم وٺندو هجي، انهيءَ جون خاصيتون، ڪيفيتون ۽ درپيش ايندڙ مسئلو ساڳيو هوندو آهي. پر گڏوگڏ اهڙو انبوهه پنهنجي ملڪ جو بارڊر ڪراس نه ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻئي ملڪ جا ماڻهو اهڙي انبوهه سان ٻڌل نه هوندا آهن، جو انهن جا مسئلا ٻيا هوندا آهن ۽ وٽن ليڊر شپ به موجود هوندي آهي. (5) اها به حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته اِهو انبوهه خاموش ويٺل يا لاتعلق بڻيل ۽ آڏو ايندڙ عام ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو ويندو آهي، جيئن پوءِ تيئن انبوهه ڊيگهه ويڪر ۾ وڌندو ويندو آهي ۽ ماڻهن جا ٻيا هشام انهيءَ انبوهه جو حصو بڻجندا ويندا آهن. ٻيو ته ٺهيو پر کين روڪڻ لاءِ جيڪي امن امان قائم ڪندڙ هٿياربند ايجنسيون هونديون آهن، انهن جي سائيڪي کي به اهو انبوهه تبديل ڪري ڇڏيندو آهي ۽ اُهي ايجنسيون به انبوهه ۾ شامل ٿي وينديون آهن. (6) ظاهر آهي ته انبوهه ملڪ جو بارڊر ته ڪراس نه ڪندو آهي، پر اهو انبوهه ملڪ اندر ئي ٻين شهرن ۽ علائقن کي وقت سان گڏ ڳڙڪائيندو ويندو آهي ۽ انتهائي خطرناڪ صورتحال پئدا ٿي ويندي آهي. (7) اهو انبوهه ڀڃ ڊاهه ۾ ايترو ته رُڌل هوندو آهي، جو بنا ڪنهن ڦند ڦير جي، بنا ڪنهن چڱي مُٺي جي پروڙ جي رستي ۾ ايندڙ دوڪانن، پئٽرول پمپن، آفيسن، گاڏين ۽ ٿنڀن وغيره کي ڀڃندو، پرزا پرزا ڪندو ۽ ساڙيندو ويندو آهي ۽ اِهو نه ڏسندو آهي ته پنهنجو ئي نقصان پيو ڪري. اهو انبوهه سياسي ۽ سماجي سرواڻن جي اپيلن تي به ڌيان ڪونه ڌريندو آهي. مورڳو انهن کي پنهنجو دشمن سمجهندو آهي ۽ چڱن چڱن ماڻهن جي عزت کي ڌُوڙ ڪندو ويندو آهي. (8) اهڙي انبوهه جو رخ انهن سياستدانن جي گهرن، اوطاقن ۽ مال مڏيءَ ڏانهن هوندو آهي، جن کي اهو مسئلن جو ذميوار سمجهندو آهي. سندس رهڙي ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا دوست به اچي ويندا آهن، جيڪي انبوهه ۾ شامل نه هوندا آهن. انبوهه بنيادي طور تي شڪي المزاج هوندو آهي، پوءِ جنهن ۾ شڪ پئي. (9) جيئن ڪوئا ۽ مڪڙ اجتماعي خودڪشي ڪندا آهن، ائين اهڙو انبوهه به اجتماعي خودڪشيءَ تي لٿل هوندو آهي. (10) اهڙي انبوهه سان اها مصيبت به هوندي آهي ته جن مسئلن جي بنياد تي اهو انبوهه جنم وٺندو آهي، اهي مسئلا اڳتي هلي ڪري ڀلي ڪيتري به خلوص سان حل ڪيا وڃن، پوءِ به اهو انبوهه ايترو ته بي اعتبارو هوندو آهي، جو پوءِ به نه مڙندو آهي. (11) اهڙي قسم جي انبوهه کي ”تحريڪ“ يا ”انقلاب“ چئي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته انقلاب ليڊر شپ جي رٿابنديءَ تحت جنم وٺندو آهي ۽ حاصلات جو نشان سامهون نظر پيو ايندو آهي. تنهن کان علاوه انقلاب ۾ گهڻو ڪري هاڪاري نتيجا نڪرندا آهن، جڏهن ته انبوهه ناڪاري قسم جي اڻ ڄاتي بلا هوندو آهي.

    ٿي سگهي ٿو ۽ ائين آهي به سهي ته ڪافي پڙهندڙن لاءِ اهي ڳالهيون ناقابل اعتبار هجن، ڇاڪاڻ ته هر ڪو ماڻهو عوام جي اجتماعي نفسيات جي انهيءَ پهلوءَ کان واقف نه هجي. اهڙن يارن جي اڳيان ڪجهه مثال سامهون آڻجن ٿا، جيڪي ڪجهه هن ريت آهن: (1) تاشقند معاهدي کان پوءِ جيڪو انبوهه اُٿيو، اهي ماڻهو ريلن اڳيان سمهي پيا، پاڻ کي باهيون ڏنائون، درِ درَ سان ڪونه گڏيو، ملڪيتون تباهه ٿيون ۽ ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو سياستدان هئڻ سان گڏوگڏ عوامي نفسيات جو جبلي طور تي (Instinctive) ماهر هو. جڏهن جنرل صدر جو گهر به سڙي چڪو ته ڀٽي صاحب پنهنجي انهن جبلتن جي زور تي انبوهه کي انارڪي مان ڪڍي ليڊر شپ تحت آندو. خود رات جو ٻارهين وڳي جي تقرير به عوامي نفسيات کي نظر ۾ رکندي ڪيائين ۽ انبوهه ختم ٿي ويو. (2) جڏهن محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ٿي، تڏهن به انبوهه اُٿيو ۽ جيڪي ڪجهه ٿي گذريو، اهو سڀ ڪنهن جي اڳيان موجود آهي ته ڇا وهيو واپريو. پر جيئن ته انهيءَ انبوهه وٽ ليڊر شپ موجود هئي، تنهن ڪري اهو انبوهه پنهنجي باهه ڪڍڻ کانپوءِ ماٺو ٿي ويو. (3) چيف جسٽس جي بحاليءَ جي بهاني، جيڪو پنجاب مان انبوهه اُٿيو، اهو اسلام آباد جو وڻ وڻ سان وڄائي ڇڏي ها، ڇاڪاڻ ته وڪيلن جي ليڊر اعتزاز احسن جي وس کان ڳالهه نڪري ويئي ته ڪن سياڻن جي چوڻ تي نواز شريف گهر مان نڪري پيو ۽ انبوهه جي ليڊر شپ سنڀالي ورتائين. انهيءَ انبوهه ۾ ته اهي به ماڻهو شامل ٿي ويا، جيڪي وهيل چيئر تي هئا. پر جڏهن نواز شريف کي گرين سگنل ڏنو ويو ته ليڊر شپ جي چوڻ تي انبوهه ماٺو ٿيو. (4) شهنشاهه ايران جي حڪومت جي خاتمي لاءِ جيڪو انبوهه اُٿيو، تنهن ٻيو ته سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو، پر خود فوج جي سپاهين پنهنجن آفيسرن ۽ جنرلن کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو. اها انارڪي ايستائين جاري رهي، جو خود انهيءَ انبوهه مان ليڊر شپ پئدا ٿي ۽ ڇڙ واڳ انبوهه ”بند انبوهه“ ۾ تبديل ٿي ويو. (5) رووانڊا جي شهنشاهه هيل سلاسي جي خاتمي لاءِ جيڪو انبوهه اُٿيو، اهو ايڏو ته خطرناڪ هو، جو اڃا تائين اِهو ملڪ پنهنجو پاڻ کي سنڀالي نه سگهيو آهي. (6) تازا مثال مصر ۽ تيونس جا آهن. مصر اڃا تائين ته پير کوڙي نه سگهيو آهي.

    انهيءَ ۾ سڄي پٽاڙ جو مقصد اِهو آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ جيڪو انبوهه تشڪيل جي مرحلي مان گذري رهيو آهي، اهو انبوهه ته شهباز شريف جي انهن اپيلن کي به رد ڪريو ويٺو آهي ته پنهنجو نقصان نه ڪريو. انبوهه جو جيئن رخ ڏسجي رهيو آهي ته اِهو انبوهه سڀني سياسي پارٽين کي نهوڙي نينئدو ۽ انهيءَ انبوهه جو رخ اسلام آباد ڏانهن ٿيندو ۽ ڪابه انتهائي خطرناڪ صورتحال پئدا ٿي سگهي ٿي. سو هن وقت وڏي خبر اِها نه آهي ته ڪهڙو وزير اعظم وڃي ٿو ۽ ڪهڙو اچي ٿو. نه ئي وڏي خبر اها آهي ته ادارا ڪهڙو رخ اختيار ڪندا، پر وڏي ۾ وڏي خبر اِها آهي ته ڇڙواڳ انبوهه پڙ تي لهي چڪو آهي. باقي ميڊيا وارا ته هوا کي پيا لٺيون هڻن. انبوهه ڇُٽو، کين ليڊرن جي ڳڻتيءَ اچي کنيو آهي. خلقت وڃي ڊهڙ ۾ پوي، ليڊرن جو خير هجي. مطالعي ۽ مشاهدي جي کوٽ جي ڪري اصل مامرو ڇڏي فروعي مسئلو کڻي کنيو اٿن. اسان اڻ ڌريو هئڻ يا Objectivity جي هام ته هڻون ٿا، پر اسان جيSubjectivity چوٽ تي چڙهيل آهي. ٺلهي سياست زدگيءَ ۾ ڦاٿا پيا آهيون. باقي اصل مامرو ڇُٽو. جهڙا سياستدان، اهڙا چئنلن تي بحث ڪرڻ وارا صحافي. لڏو مڙيئي لٺ لڳو پيو آهي ۽ هر ڪو ”مين نه مانون“ جي چڪر ۾ ڦاٿل آهي. پر وقت پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيندو ته انبوهه ڪٿي ٿو وڃي ڇيهه ڪري ۽ ڪيئن ٿو ڇيهه ڪري. باقي وزير ڪبير ته اڳ ۾ به ڏٺاسين، هاڻي به پيا ڏسون. رب ڀَليِ ڪندو. ڪابه ڳالهه حرف آخر نه هوندي آهي.

    روزاني ڪاوش، سومر 25 جون 2012ع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو