مائيننگ انجنيئرنگ

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ اظهار جسڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2014۔

  1. اظهار جسڪاڻي

    اظهار جسڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مائيننگ انجنيئر
    ماڳ:
    ٽنڊوڄام
    مائيننگ: ملڪي معشيت، صنعت، سائنس، مهارت ۽ سماجي ترقي جو ضامن

    اسين چيريون سينو ڌرتي جو، ڪو خوف نه آ طوفانن جو،
    اسين ڳوليون سون ۽ چاندي، اسين ٽوڙيون شان پهاڙن جو.


    اظهار مٺل جسڪاڻي‏


    دنيا ۾ ڪو به علم گهٽ يا ناڪاره نه آهي. هر علم جي پنهنجي اهميت آهي. مائيننگ انجنيئرنگ (کاڻ جوڪم/علم) پڻ دنيا جي وڏن ۽ بنيادي علمن مان هڪ آفتابي شعبو آهي، جيڪو ملڪ جي صنعتي ترقي ۽ اقتصادي نشونما لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

    مائيننگ اهڙو علم، فن، سائنس يا انجنيئرنگ آهي، جنهن جي مدد سان زيرِ زمين يا زمين تي موجود قيمتي قدرتي وسائل (معدنيات) کي حاصل ڪري، انهن کي خاص قسمن جي ھنري طريقن مان گذاري خالص ڪري سگهجي ٿو. مائيننگ جا ٻه بنيادي قسم آهن، هڪ ته زمين جي سطح تي ۽ ٻي وري زمين جي اندر. مختلف معدنيات کي ڪڍڻ سان مائيننگ جا مختلف طريقا استعمال ۾ آندا وڃن ٿا. زيرِ زمين معدنياتلاءِ ان کي کوٽي حاصل ڪبو آهي ۽ پهاڙن جي صورت ۾ زمين جي سطح تي موجود معدنيات کي ڌماڪيدار بارود سان ڦاڙي حاصل ڪيو ويندو آهي. مائيننگ انجنيئر جو ڪم آهي ته سائنسي اصولن، مناسب ٽيڪنالاجي، فني ڄاڻ ۽ تجرباتي بنيادن تي، ڪنهن به معدنيات کي گهٽ وقت ۽ ٿورڙي خرچ تي حاصل ڪري، ان کي نفع بخش درجي تي آڻي.


    مائيننگ تڏهن کان شروع آهي، جڏهن انسان پهريون دفعو ٻن پٿرن کي رڳڙڻ سان باھ ٻاري هئي. ائين کڻي چئجي ته جڏهن انسان ۾ شعور آيو، تڏهن کان وٺي مائيننگ ٿيندي رهي آهي. هر اها شئي، جيڪا زرعي طور زمين مان پيدا نه ٿي ڪئي وڃي يا ليبارٽري ۾ نه ٿي ٺاهي وڃي، ته اها مائين ڪئي ويندي آهي.


    پٿر واري دور کان وٺي اڄڪلهه جي جديد دور تائينمائيننگ پوري دنيا ۾ پنهنجي حيثيت قائم رکيو اچي ٿي. دنيا جي پراڻين ۽وڏين تهذيبن ۾ ٺاهيل هٿيار، برتن، سڪا ۽ زيورات وغيره ڌاتو گيري (ميٽالرجي) جو شاهڪار فنته آهن، پر جيڪڏهن انهن ڌاتن ۽ ٻين مٽيريل يا معدنيات کي مائين ڪري نه حاصل ڪيو وڃي ها، ته ڪا به شئي نه ٺهي سگهي ها.


    روڊ رستا، گاڏيون، موبائل، سيٽلائيٽ، لوهي ساز و سامان، اسٽيل، شيشي، کان وٺي چيني جا ٿانوَ ٺاهڻ لاءِ جيڪو به مٽيريل گهربل آهي، ان جي مائيننگ ۽ ترتيب Processing۾ آڻي، آخري پراڊڪٽ تيار ڪري، لاڳاپيل صنعتن تائين موڪلڻ، مائيننگ انجنيئرس جو ڪم آهي، ان کان پوءِ ميٽالرجي ۽ مٽيريئلسانجنيئرنگ سميت ٻين تعميري علمن جو ڪم آهي، ته ان کي گهرج جي حصاب سان ڪهڙي شڪل ٿا ڏين.


    پيپر/ پني جي اختتامي (Finishing)، مشينري توڙي هرقسم جي ڪم ۾ ڪو نه ڪو معدنيات ضرور استعمال ٿيل هوندو آهي. انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته مائيننگ ئي بنيادي ٽيڪنالاجي آهي.


    ڪنهن به ملڪ جي معاشي حالت جو معيار تيسين تائين بلند نه هوندو، جيسيتائين اُتان جي معدنيات جو صحيح استعمال نه ٿيندو. ملڪ جي معاشي، انڊسٽيريل، سائنسي، ٽيڪنيڪل ۽ سماجي ترقي ۾ مائيننگ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. جيسيتائين ڪنهن ملڪ جي معدني قوت مضبوط نه هوندي، تيسيتائين اهو ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. ان ڳالھ مان مائيننگ جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اڄڪلھ هر قسم جي معدنيات جي گهرج demand پهرين کان وڌيڪ تيزي سان وڌي رهي آهي.


    پاڪستان، خاص طور تي سنڌ ۾ تمام گهڻا معدنيات موجود آهن، پر انهن جو سرڪاري ڪاغذن ۾ ذڪر ئي ڪونهي. ڇاڪاڻ ته اهي سنڌ مان کڄي، ڪٿي ٻئي هنڌ ڪتب آندا وڃن ٿا!؟ جيڪڏهن قانون موجب ملڪ جا معدنيات صحيح طريقي سان استعمال ۾ آندا وڃن، ته اسان جي عوام جو مستقبل ضرور بهتر ٿيندو. پاڪستان انهن ملڪن مان آهي، جيڪو، جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ سان ڏي وٺ نه ڪري، ته به سهڻي نموني هلي سگهي ٿو، پر افسوس اسان سڀ ڪجھ هوندي به ٻين جا محتاج آهيون!؟


    پاڪستان جون چار يونيورسٽيون (مهراڻ يونيورسٽي ڄام شورو، UET لاهور، BUITEMS، NWFP يونيورسٽي پشاور ۽ ڪجھ ڪاليجز مائيننگ جون ڊگريون فراهم ڪن ٿا.


    بين الاقوامي سطح تي مائيننگ، ميٽالرجي ۽ ايڪسپلوريشن جي سوسائٽي پڻ ٺهيل آهي جنهن جا باب (Chapters) هر ملڪ ۾ کلي رهيا آهن ۽ ايشيا کنڊ ۾ SME جو پهريون باب مهراڻ يونيورسٽي ڄام شورو جي مائيننگ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ سوسائٽي آف مائيننگ انجنئيرس، مهراڻ اسٽوڊنٽس چيپٽر جي نالي سان قائم ڪيو آهي. جنهن ۾ نيون ۽ جديد ٽيڪنالاجيز، اوزار، مائيننگ آپريشنز، ۽ مائيننگ جا طريقا ۽ مسئلن جي حل جي معلومات مهيا ڪئي وڃي ٿي. هي باب شاگردن جي ٽيڪنيڪل ڄاڻ جي ارتقا ڪرڻ ۽ دنيا جي ڊوڙ ۾ هتي جي شاگردن کيهٿي ڏيڻ سميت ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن جي يونيورسٽيز جي شعبن سان لاڳاپا قائمڪري هڪ ٻئي جي مونجهارن ۽ مسئلن کي باهمي علم ۽ عمل سان حل ڪرڻ سان گڏوگڏلاڳاپيل صنعتن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ آهي.



    پاڪستان ۾ مائيننگ انجنيئرنگ جي شعبي سان لاڳاپيل تمام گهڻيون صنعتون جنهن ۾ پاڪستان منرل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن، ڪوئل اٿارٽي، مائينز ۽ منرلس ڊپارٽمينٽ، پاڪستان ائيٽامڪ انرجي ڪميشن (PAEC)، پاڪستان اسٽيل ملز، منرل بيسڊ انڊسٽريز، سيمينٽ فيڪٽريون، پروسيسنگ پلانٽ ۽ ٻيا ڪيترا ئي ذاتي ادارا شامل آهن.


    دنيا ۾ هاڻ اميرترين ماڻهن جي فهرست ۾ جلد ئي پهرين نمبر تي آسٽريليا جي هڪ عورت ناليجنارائينهارٽ (Gina Rinehart) اچڻ واري آهي. هن 57 ساله عورت جو ڪاروبار مائيننگ سان لاڳاپيل آهي ۽ ويجهڙ مستقبل ۾ اڃان سندس دولت ۾ واڌ ٿيڻ واري آهي.


    اسان جي ملڪ ۾ مائيننگ جو مستقبل بَه ظاهري ته مونجهاري جو شڪار آهي، پر شاگرد پنهنجي اميد تي قائم آهن ۽ ڪاميابي جي طرفگامزن آهن. ويجهڙ ۾ مائيننگ سان گڏوگڏ ٻين شعبن جون پڻ اميدون ٿر پروجيڪٽ سان آهن، ان تي ڪم ڪرڻ سان نه رڳو سستي اگھ تي بجلي ۽ گئس جون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون، پر لکين ماڻهن کي روزگار پڻ مهيا ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان ٿر جهڙي پوئتي پيل علائقي ۾ به، ڪاروبار ۽ خوشحالي واريونسرگرميون ته شروع ٿي سهگن ٿيون، پر ججهي آبادي جي روزگار جو مسئلو حل ٿيڻ سبب، ڪيترن ئي غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاريندڙ خاندانن جون، ذري گهٽ سڀ بنيادي گهرجون پوريون ٿيڻ به ممڪن ٿي سگهي ٿو!


    حڪومت کي گهرجي ته معدنيات جي مالڪي جو مڪمل عزم ڪري،ان تي ڪم شروع ڪري، ته جيئن معدني خزاني سان ملڪ جي معاشي بحران تي قابو پائيسگهجي، ته ٻئي طرف مجموعي معاشي ترقي به ممڪن بڻجي سگهي. ان سان گڏوگڏ عوام کي پنهنجي ڌرتي جو ۽ ان اندر لڪل خزاني جو معاوضو،انهن جي مالڪي ۽ اتي پيدا ٿيندڙ روزگار تي، پهرين انهن جو حق ڏئي، انهن کي خوشحال ڪري سگهجي.

    **

     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مائيننگ ٽيڪنالاجي ۽ مائيننگ بابت اوهان هميشه سٺا ۽ سهڻا ليک موڪلي اسان جي ڄاڻ ۾ به اضافو ڪندا رهيا آهيو. لک قرب اوهان جا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو