ڏٽا، زَٽ ۽ ويچارو عوام .. عبدالقادر جوڻيجو

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڏٽا، زَٽ ۽ ويچارو عوام
    [​IMG]
    عبدالقادر جوڻيجو

    هڪڙا هوندا آهن ڪوڙ، جن تي ڪابه ڍل نه لڳندي آهي، البته ڪوڙ هڻڻ وارو ٻڌڻ واري جي مٿي ۾ لڳي ويندو آهي ۽ اوڳاڙي ڪرڻ کان سواءِ نه ڇڏيندو آهي. ڪوڙ جا پير نه هوندا آهن، جو ڪٿي وڃي کُپن. انهيءَ ڪري ڪوڙ ڌوڙ وانگر پيو اُڏامندو آهي ۽ ايندي ويندي جو منهن مٿو هڪ ڪري ڇڏيندو آهي، پوءِ ڀلي پيو ست ڏينهن وهنجي ۽ ڌوڙ کُرڙي. سواءِ مٿو ميرو ڪرڻ جي باقي ڪوڙ ٻيو ڪو ايترو نقصان نه پهچائيندو آهي، رڳو پنهنجو وات مِٺو ڪندو آهي. ڪوڙ خالص غير سرڪاري ادارو آهي، جنهن کي سرڪار ڪن ڏيئي ٻڌندي آهي ۽ پير سرڪندا ويندا اُٿس. جيڪا سرڪار ڪوڙن تي لڳي، تنهن جو سر ويو. اکين سان ويٺا ڏسون ٻيو ڇا. هٿ ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ضرورت ناهي. ڪامورن جو ڪوڙ وزيرن جا پير ڪڍندو ويندو آهي، وزيرن جو ڪوڙ وڏي جا پير ڪڍندو ويندو آهي. سياسي ورڪر جو ڪوڙ ليڊر جو سر پٽي ڇڏيندو آهي. ڪوڙ جي هوا وانگر ڪا به شِڪل ڪونه هوندي آهي، پوءِ به شڪل وارن جون کنڌيون کڻندو ويندو آهي. ٻيا ٿيندا آهن زٽَ. ڪوڙ ڦوڪجي ڦوڪجي زٽ جي شڪل اختيار ڪندو آهي، ائين پُٽ پيءُ کان وڏو هوندو آهي. پيءُ سوا سير، پٽ نون مڻن جو تيل. ويچاري راڌا نچي ته ڪيئن نچي. ڪوڙ گوهي ڏيئي لومڙيءَ وارو پُڇ ڏيکاري هليو ويندو آهي، پر زٽ پڌري پٽ موجود هوندو آهي، تنهن ڪري سرڪار کان سواءِ ٻيو هر ڪو کيس سمجهي ويندو آهي، باقي سرڪار جو زٽ ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه ايندو آهي. سرڪار جيڏو زٽ هڻندي آهي، اوترو ئي کٽيو کائيندي ويندي آهي. پر زٽ جيئن ته زور سان هڻبو آهي، تنهن ڪري سرڪار جي پير پٽجڻ ۾ به دير ڪانه لڳندي آهي ۽ اونڌي منهن وڃي ڪرندي آهي، ڪپڙا ڇنڊڻ کان به لاچار هوندي آهي. وقت نه مِٽ ڪنهن جو، سرڪار رمتي ڀلي.

    ٽيون هوندو آهي ترڪتال. عورتن ويچارين تي اجايو الزام آهي ته اُهي ترڪتالڻيون آهن. وڏو ترڪتالي ته مرد هوندو آهي، جيڪو ترڪتال ڪري اکين جي وچ مان نڪ ڪڍي ويندو آهي ۽ سمڪ پوڻ ڪونه ڏيندو آهي. جي پنهنجي ملڪ کي اک مان ڪڍبو ته ترڪتال گهڻو ڪري واپاري ڪندا آهن ۽ خلقت جا کيسا خالي ڪري ڇڏيندا آهن، پوءِ به رڙيون پيا ڪندا آهن ته مارڪيٽ ۾ مندي آهي. واپاري ٻنيءَ ٻاري واري کان ٽڪي ۾ جنس وٺندو آهي ۽ پوءِ ساڳئي شئي سوَن جي ملهه ۾ واپس ٻنيءَ ٻاري واري جي منهن ۾ هڻندو آهي. ڌاڙيل سر تان آسرو پلي ۽ ميلن جا ميل جهنگ ۾ ڀڄندي ايترو ڪجهه مال پاڻي هڻي نه سگهندو آهي، جيترو مال پاڻي واپاري گهر ويٺي آرام سان هڻي ويندو آهي. ترڪتال جو هٿيار اسرائيل جي ٺاهيل آئوزي 9MM گن کان به وڌيڪ پاور وارو هوندو آهي. زبان جي گولي اسٽنگر ميزائيل کان به وڌيڪ بُڻ پٽڻ واري هوندي آهي. ڌاڙيل جهلجهي به پوندو آهي ۽ مارجي به ويندو آهي، پر واپاريءَ جو ترڪتال نه جهلبو آهي ۽ نه ماريو ويندو آهي. ترڪتال ماڻهن جا گهر سُڃا ڪري ڇڏيا، پوءِ به مارڪيٽ ۾ سنئين ڳاٽ پيو هلندو آهي. مجال آهي جو ڪو نالو وٺيس. جي حڪومت کيس ٻک وجهي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪري ته واپاريءَ جو ترڪتال کيس مٽي چٽائي وجهي ۽ کير جون تريون هڻوس پوءِ به هوش ۾ نه اچي، انهيءَ ڪري حڪومت واپارين جي ايجنٽ کان ڊڄي پنهنجي پير تي پاڻهي ڪهاڙو هڻندي رهندي آهي ۽ پوءِ ٻئي ٽنگون وڃائي ويهي رهندي آهي. انهيءَ ڪري لاچار ٿي حڪومت پنهنجي ووٽرن جا کنڌا کڻندي آهي ۽ واپارين سان سُنمک ٿي حڪومت جا ڪارندا به خلقت جو پيٽ خالي ڪري پنهنجا گهر ڀريندا ويندا آهن. خلقت ڀلي وڃي ڊهڙ ۾ پوي ته اُڪي وڃي پوي، مسڪينان مار حڪومت جي ڏائي هٿ جو کيل آهي.

    پر جي پنهنجي ملڪ کي ڇڏي ٻيءَ دنيا تي نظر ٿا وجهون ته سُپر پاور ملڪ غريب ملڪن جي غريب ماڻهن سان ترڪتال ڪري، غريب مُلڪن کي ڀينگيو ڪري ڇڏيندا آهن. وٽن اهڙا ڪيئن ترڪتال آهن. سپر پاور وارا بظاهر همدردي ڏيکاريندا آهن، پر اندروئي اندر کاٽ هڻندا آهن ۽ اُڏوهيءَ وانگر غريب ملڪن کي چَٽي ويندا آهن. بظاهر مالي امداد ڪندا آهن، پر ڳجهه ئي ڳجهه ۾ غريب ماڻهن ۽ غريب ملڪن کي هٿ ۾ ڪشتو ڏيئي پنڻ پريءَ ڪري ڇڏيندا آهن ۽ پينن جي گهل پئدا ڪندا ويندا آهن ته جيئن ڪو ڪنڌ مٿي کڻي نه سگهي ۽ پنهنجي ئي ملڪ ۾، پنهنجي ئي ملڪ وانگيان مجبورين جو عادي ٿي وڃي. ارون ڌتي راءِ جي خيال موجب، بلڪه تحقيق مطابق: ڪو نئون شهر ٺاهڻ جي رٿا هٿ ۾ کڻي يا ڪو نئون ڊيم ٺاهڻ جي رٿا جو ڪم هٿ ۾ کڻي يا ماحوليات جو ترڪتال ڪري ٻيون رٿائون هٿ ۾ کڻي پئسو پاڻيءَ وانگر وهائيندا آهن ۽ اسان انهيءَ ۾ خوش هوندا آهيون ته ويچارا اِهي ولايتي ماڻهو پنهنجو پيٽ ڪاٽي پنهنجي وات جو گرهه اسان جي حوالي پيا ڪن ۽ کين شاباس هجي. پر حقيقت اها آهي ته اُهي جيڪي پئسا خرچ ڪيا ويندا آهن، انهن جو 70 سيڪڙو پئسا سندن ئي ملڪن مان آيل ڪنسلٽنٽ عرف ماهرين مهربانن جي کيسي ۾ هليا ويندا آهن، باقي ٽيهه سيڪڙو اسان جي نصيب ۾ ايندو آهي. پر سندن ڳاڙهي بندي ايڏي ڊگهي آهي، جو انهن بچيل پئسن تي ”انڍن جا منڍ“ چاڙهي اسان کي قرضن ۾ ٻوڙي ڇڏيندا آهن ته جيئن ساهه به پٽي نه سگهون ۽ هليا وڃون سير ۾. سهڻي جي سير وچ ۾ مُئي ته عشق وگهي مئي، پر اسان ماڻهو بنا ڪنهن سبب جي وچ سير ۾ وڃي پيا آهيون. حڪومت جو ته مڙيئي خير آهي، جو کين پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو فڪر گهٽ آهي ۽ پنهنجي حڪمرانيءَ جو فڪر وڌيڪ آهي. دبئي ڏيئي وٺي ڪلاڪ کن جو سفر آهي، سو ته وڃي اُتان نڪرندا ۽ موجون ماڻيندا. نيري رنگ جو پاسپورٽ ڪم ڏيکاري ويندو ۽ کين ڪا جهل پل نه هوندي، پر مُٺي ته ويچاري خلقت، جنهن وٽ ته سائي رنگ جو به پاسپورٽ ناهي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ئي ڏتڙجي رهي ويندا. ووٽ خلقت جو، محنت مزدوري خلقت جي، سوچ ويچار خلقت جا، ٻُوهي ۾ خلقت ويندي، مزا ۽ موج ميلا حاڪمن جا. پاور نه هوندو ته پئسو ته هوندو، پئسو خود پاور آهي. ترڪتال هٿين خالي وڃڻ ڪونه ڏيندو، پُٺي ٺپري موڪليندو.

    چوٿان ٿيندا آهن آسرن تي ٻڌل ڏٽا، جيڪو حاڪمن جو خاص پيشو هوندو آهي. پئسا خرچ ڪونه ٿا ٿين، رڳو زبان خرچ ٿئي ٿي. ڪوڙ هڻن وارو ڍل نه ڏيندو آهي، پر ڏٽا ڏيڻ وارو مورڳو ڍل وصول ڪندو آهي. ڏٽي ڏيڻ واري وٽ پنهنجو عقل ڪونه هوندو آهي، انهيءَ ڪري هن ملڪ جي سپر اسٽور مان عقل خريد ڪيو ويندو آهي. هن دور ۾ عقل به هڪ آئٽم بڻجي چڪو آهي، عقل جون به جنسون ٿينديون آهن، مثلا: ٿرڊ ريٽ عقل، سيڪنڊ ريٽ عقل ۽ فرسٽ ريٽ عقل. جهڙو مُلهه، تهڙو مهانڊو. سپر اسٽور وارا گدڙ کي اندر گهڙڻ ئي ڪونه ڏين، جو گدڙ سنڌ کائي وڃي ۽ حاڪم هٿ مهٽيندا رهجي وڃن. گدڙ جي ڪا جاءِ آهي جو حاڪمن آڏو اچي! جنهن زماني ۾ اڃا سُپر اسٽور ڪونه هئا، انهيءَ زماني ۾ لڪڙ تار جي ذريعي اهي افواهه هلايا ويندا هئا ته مُلڪ ۾ کير جون نديون پيون وهن، اڪ ماکيءَ سان ڀريا پيا آهن ۽ سم ڪلر وارن پوٺن ۾ سون جا خزانا پوريا پيا آهن پر لڪڙ تار وارو زمانو لڏي ويو. هاڻي انهيءَ لڪڙ تار جي جاءِ ميڊيا ورتي آهي يا ائين کڻي چئون ته اهو ٺيڪو ٽي وي ميڊيا وارن وڏو واڪ ڏيئي کنيو آهي. نتيجي ۾ حڪومت وارن سپر اسٽورن مان پبلڪ رليشنس وارن جي گهل خريد ڪري ورتي آهي، جيڪي سرڪار پاران ڏند چڪ ڪندا آهن. پر عقل خريد ڪرڻ لاءِ به عقل ٿو کپي. جي عقل سير سفر تي نڪري ويو هوندو ۽ خريدار پنهنجي ڪرسيءَ ۾ ٻئي هٿ وجهيو ويٺو هوندو ته پوءِ عقل ڪي ٻيا وڃي خريد ڪندا، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ عقل جي جنس جي کوٽ آهي، خاص ڪري سياسي سيڪٽر ۾. هيستائين حڪومت جيڪي به عاقل بالغ ۽ وات وڪيل همراهه ”سپر اسٽور“ کان خريد ڪيا آهن، انهن تي ٽئگ ته ”فرسٽ ريٽ عقل“ جو لڳل هو، پر هاڻي جڏهن کين ٽي وي اسڪرين تي ڏٺو وڃي ٿو يا اخباري بيانن جي صورت ۾ نظر مان ڪڍيو وڃي ٿو ته خبر ٿي پوي ته جنهن تي ”فرسٽ ريٽ“ جو ٺپو لڳل هو، اصل ۾ اهو ”ٿرڊ ريٽ عقل“ وارو همراهه آهي ۽ هٿوراڙيون ڏيڻ ۾ پورو آهي، مڙيئي ٿيو پگهار کڙو ڪرڻو. ملڪ ۾ ٺڳي وڌي ويئي آهي ۽ وڏا وڏا خريدار خلقت کي ڌڪ پٽڻ جي بدران پاڻ ڌڪ کايو وڃن. ميڪ اپ ۾ ڏس ته سج ڌڄ، بنا ميڪ اپ جي ڏس ته جهڙي ڪر ڏائڻ. عقل سان گڏ شڪل به ويل هوندي آهي.

    پبلڪ کي ڏٽو ڏيڻ لاءِ ڳالهه کي ويڙهي سيڙهي وٽ سَٽ وجهي هٿن مان طوطا غائب ڪري پوءِ ڏٽي جي سٽ ڏبي آهي ۽ خلقت کي انڌو ڪيو آهي ته جيئن پبلڪ دم دلاسن جي پويان لڳي رهي ۽ ٻيا پنج سال به پورا ٿي وڃن. پر خريد ڪيل همراهن کي سولو ڏٽو به هڻڻ نٿو اچي. کانئن پُڇ هڪڙي ڳالهه ته جواب وري ٻيو پيو ملندو. کانئن پڇ ته، ”سائين وڏا اوهان جو پُٽ ڪيئن آهي؟“ ته جواب ملندو، ”ڏاڏو سائين ڀلو ماڻهو هو.“ وري به ساڳيو سوال پُڇ ته جواب ملندو، ”بابو وڏي عقل وارو ماڻهو هو.“ هئڻ ته اهو کپي ته، حال ماضيءَ کي کائي وڃي، پر هت ماضي حال کي کائيو بيٺو آهي. عقل جي ڪا مار پيل ٿي ڏسجي. پُڇ ته، ”بابا سائين، ذوالفقار آباد ڇو ٿا ٺاهيو؟“ جواب ملندو ته، ”سنڌي ماڻهو ٻار گهڻا ٿا ڄڻين.“ ڏيو منهن، پَٽيو پنهنجا وار. پڇونِ ته، ”ڪوهستان جي ڇو ٿا ڀينگ ڪريو؟“ جواب ملندو ته، ”پٽ خالي پيو آهي، سو آباد ٿا ڪريون.“ قومي ميڊيا جا به ڳچ عاقل زرخريد آهن يا پلاٽ خريد آهن. انهن جا به حال هيڻا ٿا ڏسجن ۽ سور ٻيڻا. سرڪار جي وڪالت جي في ته ڳري آهي، پر هر ڀيري سڄو ڪيس وڃيو پاڻيءَ ۾ ڪري. ميڊيا جا ماڻهو ٻئي ڪُلها وهندا آهن، هڪڙو ڪلهو حڪومت جي حوالي، ٻيو ڪُلهو مخالف ڌر جي حوالي. ماڻهن جي سامهون پِٽڪو به ڪرڻو آهي ۽ ڪنڊ پاسو جهلي روئڻو به آهي. زرخريد ڏٽائين جي کِٿل آهي. ڏِگري لٿل آهي. سندن عقل رُڃ جي پويان ڊوڙندو آهي ته من پاڻي هٿ اچي، پر پاڻيءَ جي بدران رڻ پٽ نظر ايندو آهي. وٽن سَهي جون ٽنگون ٽي هونديون آهن، چوٿين ٿئي ڪونه. ڏٽا رومال ۾ ويڙهي هڻبا آهن، پر اسان جو سرڪاري ڏٽو اسٽرپ ٽيز آهي ۽ لڏو لٺ تي هوندو آهي. انگريزيءَ ۾ چوندا آهن ته ڏٽو اهڙو هڻو، جيڪو ”To Make Believe it“ هجي يا سولي سنڌيءَ ۾ ائين کڻي چئجي ته ڏٽو اهڙو هڻو، جيڪو اعتبار جوڳو هجي. بس بابا بجلي اجهو ٿي اچي، ميان امن امان خان پنڌ ۾ آهي، ڪرپشن ٽپڙ ويڙهي رواني ٿي چُڪي آهي، اجهو ٿو خزانو ڀرجيو ڀرجيو ڦاٽي، اِجهو ٿي ميرٽ ڪائونٽ ٿئي، اجهو ٿي بک بيماري، بي وسي ۽ بي انصافي ماڪ وانگر اُڏامي، اجهو ٿا ٻار پڙهيو عقل جا وير ٿين ۽ کير ٿا پيئن. اجهو ٿيون درياهن، واهن ۽ شاخن جون ٻنڌيون رُڪ سان ٻڌجن. اهڙن ڏٽن تي ڀلا ڪير اعتبار ڪندو! هر ڪنهن کي ٻه اکيون، ٻه ڪن هڪ عدد دماغ آهن، هر ڪو سمجهي ٿو ته انهن ڏٽن ۾ ڇا رکيل آهي. حالت هر ڪنهن کي سُڌي پيئي آهي. معاملو رڳو ايترو آهي ته جنهن ملڪ ۾ ڪو به سسٽم نه هوندو آهي، اُتي اتفاقات جنم وٺندا آهن، انهن اتفاقات کي اسان قسمت چوندا آهيون. هاڻي اِها قسمت ڄاڻي ته خلقت ڄاڻي.




    سنڌ جي عظيم ڌرتي جيڪي قديم تهذيب سان همڪنارآهي ۽ ماضي ۾ پڻ سنڌي تهذيب جا مثال ڏنا ٿاوڃن، هيءَ ويجهي ماضي جي تاريخ جي ڳالههناهي، پر موهن جي دڙي کان به پهرين جي ڳالههآهي، جڏهن رگويد ۾ سنڌ جي پاڻي، سنڌ جيخوشحال زرعي زمينن جو ذڪر سنهري لفظن ۾تاريخ جو حصو بڻيل آهي.

    رگويد ۾ اهو به لکيل آهي ته سنڌوءَ جو پاڻي ايترو ته پوتر ۽ پاڪيزه هوندو هو جنهن ماڻهو به هڪ لپ پاڻيجي پيتي اهو هميشه لاءِ امر ٿي ويندو، اهو عقيدو آرين ۽ ٻين قومن جو هوندو هو جن سنڌ جي سونهن سوڀيا تي حملو ڪري سنڌ جي تاريخ کي رتوڇاڻ ڪري سنڌ جون زرعي زمينون برباد ڪري ۽ سنڌ۾ رت جيهولي کيڏي سنڌ جي امن پسند ماڻهن جي تاراج ڪيو، تاريخ جي جهروڪن ۾ جهاتي پائي ڏسون ٿا ته سنڌ دشمنن پاران جڏهن به سنڌ تي حملاڪيا ته سنڌ جي زرعي زمينن کان وٺي علمي ادبي لائبريريون پڻ ساڙائي ڇڏيون، اهڙو مثال ڪنهن به ملڪ جي تاريخ ۾ نٿو ملي ته دشمن قوتون جڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ تي حملو ڪنديون آهن ته گهٽ ۾ گهٽ اتان جي عبادتگاهن، مسجدن، امام بارگاهن، ڪتابن جي لائبريرين ۽ اقليتي برادري جي عبادتگاهن جو احترام ڪندي اتي حملا نه ڪنديون آهن، بوسنيا، چيچنيا، ايٿوپيا، فلسطين ۽ ٻين اهڙن ملڪن ۾ پڻ جڏهن به جنگ دوران حملا ٿيا ته اتان جي ماڻهن حملن کان بچڻ لاءِ پنهنجي عبادتگاهن ۽ لائبريرين ۾ پناهه ورتي ۽ اهي محفوظ رهيا، اڄ ڪلهه سنڌ ۾ ڌرين جي آبادڪاري خلاف نعريبازي هلي رهي آهي ۽ احتجاجي جلوس، ڌرڻا، روڊ بلاڪ، جلسا ٿي رهيا آهن، اهو عمل بهتر عمل آهي، جنهن سان احتجاج رڪارڊ ڪرائي اقتدار جي واڳ ڌڻين کي پرامن طريقي سان آگاهه ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ واسي ڌارين جيآبادڪاري خلاف آهن، سراپا احتجاج بڻيل آهن، ماضي ۾ جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت هئي ته بيهارين خلاف سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ احتجاج جي تحريڪ هلي ۽ پوءِ سنڌ جي نوجوانن جن بيهارين خلاف آواز اٿاريو، رات جي اونداهيءَ ۾ انهن جي گهرن تي پوليس چڙهايون ڪري انهن نوجوانن تي تشدد ڪري برف جي ڪينن تي سڄي رات سمهاريو ويندو هو، جيڪڏهن اهي اڳواڻ نوجوان، ڪارڪن پوليس گرفتار ڪري نه سگهندي هئي ته پوءِ انهن جي گهروارن کي پوليس گرفتار ڪري سخت تشدد ڪندي هئي، اها هڪ جهلڪ آهي ماضي ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف سنڌي نوجوانن جي ڏنل قرباني جي هڪ جهلڪ پر هن وقت ڌارين جي آبادڪاري الڳ مسئلو آهي پر جيڪي سنڌ ۾ پهرين بنگالي، برمي، افغاني، ايراني ۽ ٻيا ڌاريا جيڪيرهن ٿا انهن خلاف به ڪو به آپريشن نه ٿي سگهيو آهي، اهي ايتري تعداد ۾ آهن جيڪڏهن انهن خلاف ڪارروائي ٿئي ٿي ته ڪجهه سياسي ڌريون انهن جي مٿان آشيرواد جو هٿ رکي انهن کي بچائي رکن ٿيون، اهي غير قانوني طور رهيل پرڏيهي سنڌ ۾ دهشتگردي سميت هٿيارن جو سري عام وڪرو ڪري رهيا آهن، ٻارن جي اغوا کان وٺي سنڌ ۾ قبائلي تڪرارن ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار پڻ پهچائي رهيا آهن، مطلب ته سنڌ کي هرطرف کان جاني ۽ مالي نقصان پهچائڻ جي سازش ۾ رڌل آهن، وفاق ۽ سنڌ حڪومت پاران ڪجهه وقتپهرين سنڌ ۾ رهندڙ پرڏيهن خلاف آپريشن جون تياريون ٿيون هيون جيڪي سنڌ ۾ غير قانوني طور آباد آهن پر اهو آپريشن به نالي ماتر رهيو، ڇاڪاڻ ته اسان جا واڳ ڌڻي اعلان ڪري عوام کي خوش ڪرڻ جيچڪر ۾ هوندا آهن، اعلان هڪڙو ڪندا آهن عمل وري ان جي خلاف ڪندا آهن، هن وقت سنڌ مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، هڪ طرف ڏڪارين ڏيهه ٿر ۾ ماڻهو بک وگهي مري رهيا آهن، چوپايو مال کي چارو نه هجڻ سبب لکين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، ٻئي طرف سنڌ ۾ قانون جون ڌڄيون اڏايون پيو وڃن، نالي ماتر پوليس جي ڪارڪردگي سنڌ تي ڪارو داغ لڳائي رهيو آهي، سنڌ جي نياڻين کي تذليل جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ۽ حڪمران اگهور ننڊ ۾ ستل آهن، ظلم جي حد اها آهي ته جيڪڏهن مختاران مائي تي ظلم ستم ٿئي ٿو ته عالمي ميڊيا ان کي هيرو ڪري پيش ڪري ٿي، پر سنڌ جون نياڻيون جڏهن تذليل جو شڪار ٿين ٿيو ۽ سنڌ جي پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانس ميڊيا ٿورو گهڻو آواز اٿاري ٿي ۽ پوءِ خاموش ٿي وڃن ٿيون، هي انصاف جو ٻٽو معيار آهي، ڇاڪاڻ جو هتي سنڌ واسين کي انصاف جي حاصلات لاءِ به نٽهڻ اس ۾ احتجاج، جلوس، جلسن حوالي ڪرڻ وارو رجهان ڪامورا رکيو ويٺا آهن، گذريل ڪيتري عرصي کان رسول آباد شهر سوڳ ۾ ڇانيل آهي، پر وزيراعليٰ سنڌ، گورنر سنڌ کي ڄڻ خبر ئي نه هجي، ڪيئن هڪ گهر ڏسندي ڏسندي برباد ٿي ويو، جنهن جو سڀ ڪجهه لٽجي ويو، عزتون پامال ٿي ويون، تنهن هوندي به جوابدار گرفتار نه ٿيا، اها آهي سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي، جيڪا لکين اربين رپين جي بجيٽ وٺي پنهنجا ڀڀ ڀريندي رهي ٿي ۽ اسان جا واڳ ڌڻي اگهور ننڊ ۾ ستل آهن، پنجاب ۾ جڏهن به ڪنهن ناري سان واقعو ٿئي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ شهباز شريف هلي وڃي ان خاندان کي آٿت ڏيندو آهي، پر سنڌ جو وزيراعليٰ اهڙن معاملن کان لاتعلقي جواظهار ڪندو آهي، جڏهن ميڊيا ۾ خبرون شايع ٿينديون آهن ۽ ميڊيا جي خبرن جي اثر جي ڪي اعليٰ عملدار اگهور ننڊ مان جاڳندا آهن ته پوءِ ان خاندان جي مالي سهائتا لاءِ ڪجهه ڪندا آهن ۽ ڪجهه نه ڪجهه عملدار بدليون ڪري معاملي کي ٺاري ڇڏيندا آهن، ظلم جي حد آهي ته هيڏو وڏو واقعو جيڪو رسول آباد ۾ ٿيو آهي،8 ڏينهن گذرڻ باوجود به جوابدار آزاد ۽ متاثرين آزار ۾ آهن، هن درد جي دانهن ڪنهن کي ڏجي، اسان جاساڃاهه وند ماڻهو اديب، شاعر، قلمڪار، دانشور ۽ مختلف اين جي اوز عورتن جي ڀلائي وارا ادارا پڻخالي بيان ڏئي خانا پوري ڪري رهيا آهن، پر عمل جي ميدان ۾ ۽ مذڪوره خاندان کي انصاف ڏيڻ لاءِ اڃا بهاڳتي نه آيا آهن، هن وقت جڏهن ڌارين جي يلغار سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ پهتل آهي ته اسان جا واڳ ڌڻي انهن لاءِ اربين لکين رپين جي بجيٽ رکي ويٺا آهن پر انتها اها آهي ته سنڌ جي اصولڪن وارثن کي انصاف بهميسر نه ٿو ٿئي.اڄ وري اوچتو نواز ليگ جي رهنما ماروي ميمڻ متاثر خاندان وٽ پهتي ۽ انهن کي آٿت ڏيندي اجرڪ پارائي ڪاميٽي جوڙائي اعلان ڪري متاثرن کي آسرا دلاسا ڏئي مختلف ڪاميٽين ۽ پوليس اڳواڻن ڪيس حوالي ڪري ڪاميٽي جوڙي متاثر خاندان سان انصاف جو واعدو ڪري رواني ٿي وئي. ڇا واقعي ماروي سنڌ جي متاثر نياڻين کي انصاف ڏياري سگهندي.

    روزاني ڪاوش، ڇنڇر 7 جولاءِ 2012ع
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 جولائي 2014

هن صفحي کي مشهور ڪريو