1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ا ڪاليج سکر مان ايل. ايل. بي ڪري وڪالت شروع ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1984ع ڌاري سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪئي ۽ پهريون نمبر کڻي گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. سندس والد حافظ عبدالحميد -ڀٽي- پڻ مشهور صحافي ۽ اديب هو، سندس اثر هيٺ رشيد ڀٽيءَ ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو. هُو ”-المنار-“ -اخبار- ۽ ”پرهه ڦٽي“مئگزين جو -ايڊيٽر-، ”نئين سنڌ“، ڪراچي ۽ ”-الوحيد-“ ڪراچيءَ جو سب -ايڊيٽر- ۽ نيوز -ايڊيٽر- رهيو. هن جي پهرين ڪهاڻي ”چوري“ 1951ع ڌاري هفتيوار ”روشني“ سکر ۾ ڇپي. هو شيخ اياز جو ويجهو ساٿي رهيو. رشيد ڀٽي پنهنجي دور جو بهتري ترجمي نگار، ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس رهيو آهي. هن عالمي افسانن کان سوا ناول به ترجما ڪيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ‘، -پاڪستان- رائيٽرز گلڊ، سکر (ڪهاڻيون: 1963ع)، (2) ’دنيا جا عظيم افسانا‘، سنڌي ادبي بورڊ (ترجمو: 1966ع)، (3) ’آڏي ڍال مَ ڍار‘، رائٽرز گلڊ، سنڌ سب ريجن، سکر (چونڊ قومي ۽ رزميه شاعري، ترتيب: 1966ع)، (4) ’عاشق زهر پياڪ‘، مهراڻ پبلشرز سکر، -المنار- پريس سکر (پنج ائڪٽي ناٽڪ: 1968ع)، (5) ’رياست ۽ -آزادي-‘، سنڌي ادبي بورڊ (ترجمو: 1968ع)، (6) ’-پاڪستان- جا پراڻا شهر‘، سنڌي ادبي بورڊ (تاريخ: 1981ع)، (7) ’آدرشي’ (طنز ۽ مزاح)، ڪهاڻي پبليڪيشن -بمبئي-، (8) ’ديس ستا، دل وارا جاڳيا‘ (ڪهاڻيون)، سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد، (9) ’اوڀاريون لهواريون‘ (تقريرون)، سنڌي اڪيڊمي، حيدرآباد، (10) ’سياري جي رات‘ (طنزيه ۽ مزاحيه ڪهاڻيون)، شهباز پبليڪيشن حيدرآباد، (11) ’سياسي مسئلن جو حل‘ (سياسي مضمون)، ملير ڪتاب گهر، ڪراچي، (12) ’سچ جو فلسفو‘ (ترجمو) عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، (13) ’ڪميونسٽ پڌرنامو‘ (ترجمو)، عوامي ڪتاب گهر، حيدرآباد، (14) ’چتر ليکا‘ (ترجمو: هندي ناول)، زندگي پبليڪيشن، حيدرآباد، (15) ’وِيرن جي وسندي‘ (ترجمو: ويٽنامي ناول) عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، (16) ’سنڌ جا پراڻا شهر‘ (مولائي شيدائي جا تاريخي مضمون، ترتيب) سچل نيشنل سيمينار ڪميٽي، خيرپور، (18) ’ڀلاري ڀونءَ‘ (پرل -ايس- بڪ جي ناول جو ترجمو: ڪلال سان گڏ)، -انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي-، (19) ’پاپ ۽ پيڙا‘ (ناول)، (20) ’-باغي-‘ (نذرالاسلام: ترجمو)، (21) ’جيءُ جياريو جن‘ (وڇڙيل ساٿين لاءِ شرڌانجليون: 1990ع)، (22) ‘Birth of a Great Poet (Kalhora Period 1700-1784)’، -انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي-، ڄامشورو 2002ع، (23) ’جهوڪ جهريو‘ (-تاريخ-)، عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، (24) ’-بين- الاقوامي -انقلاب- جو راههِ عمل‘، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، (25) ’تضادن بابت‘ (تضادن جو فلسفو)، عظمت اڪيڊمي، حيدرآباد، (26) ’-تصوف- -اور- ڪلاسيڪي سنڌي شاعري‘ (اردوءَ ۾: سنڌي ادبي سنگت: 2010). هو 16 فيبروري 1988ع تي وفات ڪري ويو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    تمام بهترين ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو