رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
ارسا کي فورن ٽوڙيو وڃي ، تربيلا سنڌ گورنمنٽ جي انظام هيٺ ڏجي ،سنڌو دريا مان فلڊ ڪينالس چشما،ٿل ،ٽي پي لنڪ فورن بند ڪرڻ گهرجن ،منڊا بيراج تونسا بيراج ۽ اتان نڪرندڙ واه فورن بند ڪيا وڃن سنڌو دريا کي پنهنجي آزادي سان هلڻ ڏنو وڃي ۽ دريا تي مالڪي سنڌ جي منڃي وڃي تونسان وٽ جيڪا فلو رسسٽر يا ڇاٻ ڏيئي دريا کي روڪيو ويو آهي تنهن کي جلد ڊاهي پاڻي کي هلڻ ڏنو وڃي ...پنجاب پنهنجا دريا پاڻ استعمال ڪري ان جو ڦڙو به سنڌ کي نه ڏي باقي سنڌو دريا کي آزادي سان هلڻ ڏنو وڃي ۽ ڪوٽڙي کان هيٽ پورا ٻارنهن مهينا پاڻي هلڻ گهرجي جنهن سان دريا جي فطري ساک بحال ٿي ۽ سمونڊ جو پاڻي سنڌ جي آبادي کي ڳهڻ بند ڪري ...هي آ سنڌ جو مطالبو ۽ مستقبل جي ضرورت جنهن سان پاڪستا هلي سگهندو ورنه مشڪل کان مشڪل ٿيندي ويندي....