• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان جو رهنما رهبر، درازن جو سچل آهي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10392295_525862500874042_12743079360033658_n.jpg


سنڌ جي سدا حيات صوفي، مزاحمتي شاعر، حضرت سچل سرمست جي 193 هين عرس مبارڪ تي محترم معشوق ڌاريجو جو هي غزل عقيدت طور پيش ڪجي ٿو...

غزل

معشوق ڌاريجو

اسان جو رهنما رهبر، درازن جو سچل آهي.
اسان جي عشق جو مظهر، درازن جو سچل آهي.

سچل بيباڪ شاعر آ، سچل سرمست مستيءَ ۾،
اسان مستن سندو محور درازن جو سچل آهي.

سچل ڳايو آ همت کي، سچل ڳايو آ عظمت کي،
وفا ۽ پيار جو پيڪر درازن جو سچل آهي.

سموري سنڌ ڇا، دنيا قدم بوسي ڪري جنهن جي،
اهو سهڻو سخن پرور، درازن جو سچل آهي.

سچل وٽ حق جو هوڪو، سچل وٽ سچ جي وائي،
سچو هيرو سچو گوهر، درازن جو سچل آهي .
 
Back
Top