اسان جو رهنما رهبر، درازن جو سچل آهي

'سچل سارو سچ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 جولائي 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ جي سدا حيات صوفي، مزاحمتي شاعر، حضرت سچل سرمست جي 193 هين عرس مبارڪ تي محترم معشوق ڌاريجو جو هي غزل عقيدت طور پيش ڪجي ٿو...

    غزل

    معشوق ڌاريجو

    اسان جو رهنما رهبر، درازن جو سچل آهي.
    اسان جي عشق جو مظهر، درازن جو سچل آهي.

    سچل بيباڪ شاعر آ، سچل سرمست مستيءَ ۾،
    اسان مستن سندو محور درازن جو سچل آهي.

    سچل ڳايو آ همت کي، سچل ڳايو آ عظمت کي،
    وفا ۽ پيار جو پيڪر درازن جو سچل آهي.

    سموري سنڌ ڇا، دنيا قدم بوسي ڪري جنهن جي،
    اهو سهڻو سخن پرور، درازن جو سچل آهي.

    سچل وٽ حق جو هوڪو، سچل وٽ سچ جي وائي،
    سچو هيرو سچو گوهر، درازن جو سچل آهي .
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سچو هيرو سچو گوهر درازن جو سچل آهي ، سهڻي ڀيٽا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو