سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏15 جولائي 2014۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    بار بار پُڇيا ويندڙ سوال ۽ انهن جا جواب

    دوستو هر ويبسائٽ ٽي FAQs نالي هڪ ٽئب هوندو آهي جنهن جو مطلب آهي فريڪوئنٽلي آسڪڊ قوئسچنس. ٻين لفظن ۾ اُهي سوال جيڪي باربار پُڇيا وڃن ٿا. اهڙن مڙني سوالن جا جواب هڪ ئي هنڌ گڏ ڪري رکيا وڃن ٿا ته جيئن جواب ڏيندڙ جو به وقت بچي ۽ سوال پُڇندڙ کي به ڪافي سوالن جا جواب هڪ ئي هنڌ ملي وڃن. سنڌ سلامت لاءِ به اهڙا ڪافي سوال ايندا رهن ٿا. جن جا جواب هتي حاضر آهن.

    سوال: سنڌ سلامت تي کاتو (ميمبر شپ) ڪيئن حاصل ڪجي؟

    جواب: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام کوليو. رجسٽريشن حاصل ڪريو بٽڻ تي ڪلڪ ڪري آساني سان ڀري سگهجندڙ فارم ڀريو ۽ رجسٽريشن حاصل ڪريو.

    سوال: جيڪڏهن پاسورڊ وسري ويو آهي ته ڇا ڪجي؟
    جواب: هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري طريقو ڏسو.
    سوال: سنڌ سلامت تي پنهنجو موضوع (پوسٽ) ڪيئن موڪلجي؟

    جواب: ڪنهن به سيڪشن ۾ مواد موڪلڻ لاءِ ان تي ڪلڪ ڪري نئون موضُوع موڪليو تي ڪلڪ ڪريو. سواءِ ڪُجهه سيڪشن (جيڪي صرف انتظاميه لاءِ آهن) جي باقي سڀني سيڪشن ۾ اهو بٽڻ موجود آهي. ڪلڪ ڪرڻ سان اوهان کان عُنوان لکڻ لاءِ چيو ويندو ۽ پوءِ پنهنجو ليک هيٺ ڏنل ايڊيٽر باڪس ۾ لکڻو پوندو. جتي ايڊيٽنگ توڙي تصوير يا وڊيو ڳنڍڻ جا سڀ آپشن موجود آهن. موضُوع موڪلڻ کان پوءِ ان جي ترميم پڻ ٿي سگهي ٿي. ان لاءِ ترميم تي ڪلڪ ڪبو. وڌيڪ سمجهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.

    سوال: سنڌ سلامت تي آيل موضوع جو جواب ڪيئن ڏجي؟
    جواب: موضوع جي آخر ۾ ڏنل باڪس ۾ لکي جواب ڏيئي سگهجي ٿو.

    سوال: سنڌ سلامت ايڊيٽر ۾ لکندي سنڌي سان گڏ انگريزي ڪيئن لکجي؟

    جواب: ڪنٽرول+اسپيس بار دٻايو. شرط آهي ته اوهان جي ڪمپيوٽر ۾ ان وقت ايم بي سنڌي فعال نه هُجي.

    سوال: ليک ۾ ڪنهن اکر کي لنڪ ڪيئن ڏجي؟
    جواب: هي موضوع پڙهو

    سوال: موضوع يا جواب لکڻ مهل ان سان تصوير ڪيئن ڳنڍجي؟
    جواب: تفصيل لاءِ هي موضوع ڏسو.

    سوال: جواب ڏيڻ وقت اصل موضوع يا ان تي آيل جواب جو اقتباس ڪيئن وٺجي؟
    جواب: هر موضُوع جي جواب ۾ آيل تحرير تي جواب ڏيو بٽڻ آهي ان تي ڪلڪ ڪري ڏيئي سگهجي ٿو.

    سوال: هڪ کان وڌيڪ اقتباس ڪيئن وٺجن؟
    جواب: هتي ڪلڪ ڪريو


    سوال: سنڌ سلامت تي وڊيو ڪيئن موڪلجي؟
    جواب: هتي ڪلڪ ڪريو

    سوال: پنهنجو موڪليل مواد ڪيئن ڳولجي؟
    جواب: فورم تي هوندي ڪٿي به پنهنجي نالي تي ڪلڪ ڪريو. اوهان جي ذاتي تفصيل سان کُلندڙ صُفحي تي تحريرون ٽيب هوندو جنهن ۾ اوهان جو موڪليل مواد موجود آهي. آخر ۾ تحريرون يا موضوع جي چونڊ ڪري سگهجي ٿي. تحريرون ۾ اوهان پاران موڪليل پنهنجا موضوع توڙي جواب سڀ هوندا جڏهن ته موضوع ۾ رُڳو پنهنجو ئي موڪليل مواد هوندو.

    سوال: اڳ پڙهيل مواد ٻيهر ڪيئن ڳولجي؟
    جواب: هتي ڪلڪ ڪريو

    سوال: روزانو يندڙ مواد ڪيئن پڙهجي؟
    جواب: مرڪزي صفحي ته موجود ٽيب نيون تحريرون تي ڪلڪ ڪريو. جيڪڏهن اوهان فقط انهن موضوعن ۾ دلچسپي رکو ٿا جن تي جواب اچن پيا ۽ انهن تي ٽيڪا ٽپڻي جاري آهي ته فعال موضوع تي ڪلڪ ڪريو.

    سوال: ڇا سنڌ سلامت تي چيٽنگ به ٿي سگهي ٿي؟
    جواب: بلڪل ايئن نه جيئن فيس بُڪ ۾ پر هتي اوهان ذاتي پيغام موڪلي سگهو ٿا. آنلائن رُڪن جي خبر ان جي تصوير تي سائي يا ڳاڙهي نشان سان آنلائن يا آفلائن جي اسٽيٽس خبر پئجي ويندي آهي. جنهن کي پيغام موڪلي سگهجي ٿو. آفلائن پيغام به موڪلي سگهجي ٿو جيڪو آنلائن ٿيڻ تي پڙهي سگهي ٿو. وڌيڪ سمجهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.

    سوال: سنڌ سلامت ۾ ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    جواب: هتي ڪلڪ ڪريو

    سوال: ڇا موضُوع لکندي يا جواب ڏيندي بجلي هلي وڃي يا ڪمپيوٽر بند ٿي وڃي يا وري برائوزر ۾ کُليل ٽيب بي خيالي ۾ بند ٿي وڃي ته لکيل مواد ضايع ٿي ويندو؟
    جواب: جي نه اوهان جو مواد محفوظ رهندو. انهيءَ لاءِ اوهان هي ليک پڻ پڙهي سگهو ٿا.
     
  2. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ههڙي طريقي واري پوسٽ کي ٽاپ تي پِن ڪريو ته هرڪو لازمي پڙهي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب اوهانجا جو اسان جهڙن لا رهنمائي ڪري رهيا آهيو ، سدا سلامت هجو
     
  4. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    سائين عبدالحفيظ صاحب هي معلومات هيڊر جي مينيو تي رکڻ گهرجي. بهترين ڪم ڪيو اٿَوَ. اهي محنتون جاري رکجو.
     
  5. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين معلومات.
    لک قرب
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هن پوسٽ کي پِن ڪيو ويو آهي.
     
  7. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين ونڊ سائين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. مهوش شيخ

    مهوش شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2014
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Karachi, Pakistan
    ادا تمام بهترين سوالن جا بهترين جواب ڏنل آهن.
     
    سائل رضا سنڌي، سائل مهراڻ ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  9. مهوش شيخ

    مهوش شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2014
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Karachi, Pakistan
    ادا سندي فونٽ ڪمپيوٽر تي ڪيعن انسٽال ٿيندا؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ادي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    مان سنڌي 4 سال کان لکي رهي آهيان سنڌي ڪمپوزنگ به ڪندي آهيان پر اڪثر ڪجهه ڳالهين ۾ منجهه ٿيندي آهي ڇو ته مان ڪڏهن ڪنهن کان ڪجهه سکيو ناهي يا سکڻ جو موقعو ئي ناهي ملي سگهيو تنهنڪري مان ته اڪثر ڄآڻ ترتيب سان وٺڻ جي قائل آهيان ڇو ته روبرو رهنمائي ڪرڻ الڳ ڳالهه آهي تنهنڪري جيستائين ڳالهه سمجهه اچي تيستائي سوال اڳئين کان ڪرڻ منهنجي مجبوري هوندي آهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڄاڻ ونڊڻ لاءِ مهرباني ادا
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. محمد صادق سومرو

    محمد صادق سومرو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏9 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    74
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ادي لفظ ڪيعن غلط آهي درست هيئن آهي "ڪيئن"
     
    شوڪت خاصخيلي - ڀان هيء پسند ڪيو آهي.
  14. سدیر احمد مهر

    سدیر احمد مهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Tiens International
    ماڳ:
    Nagar parkar
    ادا تمام بهترین جاٹ ملی
     
  15. سائل رضا سنڌي

    سائل رضا سنڌي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 آگسٽ 2016
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    تعلیم جاری
    ماڳ:
    ميرپور ماٿيلو گهوٽڪي
    تمام بهترين سائين
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  16. سوبيا

    سوبيا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2019
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    Media
    ماڳ:
    Pakistan
    لک قرب اوهانجا سدا سلامت هجو
    Sindhi News
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو