ماسترياڻي شاگردن گرامر پئي سيکاريو ۽ انهن کي پڙهائيندي پُڇيو جيڪڏنهن مان چوان ته آئون ڏاڍي خوبصورت هُيس ! ته هي ٿيو زمان ماضي ! پر جي آئون چوان ته آئون گهڻي خوبصورت آهيان! ته هي ڪهڙو زمان هوندو؟ پُٺيان ڊيسڪ تان هڪ شاگرد جو آواز آيو! سُفيد ڪُوڙ!