• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عورتن جي گروپ ۾ اڀياس !هڪ انعامي سوال اُڀريو ! ته ڪير پنهنجي مُڙس کي پيار ڪري ٿي !

Sindhi Media

سينيئر رڪن
عورتن جي سماجي تنظيم ۾ هڪ گروپ اڀياس لا هڪ انعامي سُوال رکيو ته اُها ڪهڙي عورت آهي جنهن کي پنهنجي مُڙس سان گهڻو پيار آهي. سڀني عورتن کي پنهنجي پنهنجي مُڙسن کي هڪ ميسيج (آ لَو يُو) ايس. ايم.ايس ڪرڻ لا ڏنو ويو. سڀني ميسيج سينڊ ڪيا ۽ جواب ملڻ تي پنهنجا پنهنجا هٿ کنيا ۽ گروپ جي هر ميمبر کي (آ لَو يُو) جي موٽ ۾ مُڙسن هن ريت جواب ڏنا:
  1. تُنهنجي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه!
  2. هاڻ ڇا ٿيئي !
  3. ڇا وري ڪر جو ايڪسيڊنٽ ڪيئي ڇا !
  4. ايڪسڪيوز مي!
  5. صرف ايترو ٻُڌا ! گهڻا پئسه گهُرجن ئي !
  6. نشو ته نه ڪيو اٿئي !
  7. هاڻ وري ڇا ڪري وڌئي ! هن ڀيري معاف ڪونه ڪندوسئين!
  8. تون ڪير !
۽ جنهن جواب انعام کٽيو! اُهو هو (8. تون ڪير؟ )
 
Back
Top