ادا سنڌي ميڊيا....سمجهه ۾ نٿو اچي ته توهان الائي ڪهڙن خوابن ۽ ڪهڙن خيالن جا واسي آهيو....
ڪنهن ٻئي جي ڪيل محنت ۽ تحقيق کي ڄاڻي واڻي پنهنجي نالي سان يا ڪنهن ٻئي جي نالي سان دنيا آڏو رکڻ ادبي ڏوهه ۽ غير اخلاقي حرڪت آهي، اها معمولي غلطي ناهي جنهن کي درگذر ڪيو وڃي. ان سان اصل محنت ڪندڙ جي حق تلفي پڻ ٿئي ٿي، پر جيڪڏهن غير ارادي طور تي ايئن ٿي وڃي ته فورن نشاندهي ڪري معذرت ڪرڻ سان غلطي جو ازالو ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن ڪو ٻيو ان جي نشاندهي ڪري ته به خنده پيشاني سان پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ گهرجي نه ڪي ان ڳالهه کي انا جو مسئلو بڻائڻ گهرجي.
اسان سڀ بشر آهيون ۽ خطائون ٿيڻ عين ممڪن آهي.
محترم عبدالرزاق ميمڻ صاحب هن تحرير کي ترجمو ڪيو آهي. يقينن اسان ان جا ۽ توهان جا ٿورائتا آهيون جن سنڌي ۾ ۽ سنڌ سلامت تي هن تاريخي ليک جو اضافو ڪيو آهي..
پر خدارا ان ليک کي محترم عبدالرزاق ميمڻ جي تحقيق چئي تحقيق ڪرڻ وارن جو مذاق ته نه اُڏايو..!!
هن تحرير کي ونڊ ڪرڻ وقت توهان لکيو هو تحرير ۽ تحقيق عبدالرزق ميمڻ...هاڻ ان ۾ ترميم ڪري سنڌيڪار لکيو ويو آهي. اهو قدم مناسب ۽ جائز آهي...پر افسوس ٿيو جو توهان اها ترميم ڪندي خوش نه ٿيا آهيو. يا منهنجي نشاندهي توهان کي پسند نه آئي آهي.
توهان پنهنجن خيالن ۽ سوچ ۾ به متفق ناهيو هڪ طرف اهڙي نشاندهي تي تعريف به ڪريو ٿا..
مُحترم ممتاز قريشي صاحب ! بِلڪُل توهانجي عظمت کي کُلو سلام آ جو توهان سنڌيڪار ٿيل ڪهاڻي ميرا سُلطان جو اُڙدو ورجن به ڳنڍيو آ ۽ پنهنجي قابليت جو لوهو مڃايو آ. بهترين ڳالهه آهي.
وري ٻئي طرف هي ڪمنٽ به ڏئي رهيا آهيو....
پر جي سنڌي قوم جي روايتي ۽ فطري تعصب ۽ اڻ سهپ واري فيڪٽر ۽ سُپريالٽي ڪمپليڪس تحت توهان ڳنڍيو آ ته پو توهانجي ذهنيت تي افسوس آ جو اسان ان کان سوا ڪُجهه به نٿا ڪري ۽ چئي سگهون.
هن نشاندهي ۾ تعصب وري ڪٿان اچي ويو..؟ مون ته نهايت مناسب لفظن ۾ توهان جو ان طرف ڌيان ڇڪايو هو.. ٻي ڳالهه ته مذڪوره مضمون جي اصل ليکڪ جو نالو ظاهر ٿيل نه آهي. مون سمجهيو ته شايد اهو ليک واقعي ۾ ادا عبدالرزاق ميمڻ جي محنت ۽ تحقيق آهي، جيڪو شايد ڪٿي ونڊ به ٿيل هو جتان وري ڪنهن اڙدو ۾ ترجمو ڪيو هجي...ڇا اها ڳالهه پُڇڻ به نه گهرجي ها..؟
باقي توهان جي بقول اها ذهنيت بدلايون مطلب لڪير جا فقير ٿي وڃون. هڪ ٻئي کي صحتمندانه صلاحون به نه ڏيون. دنيا جا اخلاقي، ادبي قانون هڪ پاسي اسان بس دل وڏي ڪري صبح شام ويٺا هڪ ٻئي جي واهه واهه ڪريون...!!
اهڙي سهپ ۽ برداشت جو مظاهرو ڪري سنڌي قوم توهان جي نظر ۾ ترقي ڪري سگهي ٿو منهنجي نظر ۾ نه.
بيشڪ ڪاپي ۾ به عقل جي ضرورت هوندي آهي پر ڪاپي ڪجي ته ٻڌائجي ٻي صورت ۾ اها ڪاپي نه چوري آهي.