مان اعتراف ٿو ڪريان ته پنهنجي ڪهاڻي ”پٿر“ جنهن بنياد تي لکي هئي، اهو بنياد نه صرف سنڌ پر دنيا جي ڪيترن ملڪن کي سياسي طور تي ڪمزور ڪري رهيو آهي. ان ڪهاڻيءَ ۾ نائڪ پنهنجي اردو ڳالهائيندڙ زال سان صرف ان ڪري شادي ڪري پڇتائي ٿو ته هن کي سنڌي ڳالهائڻ نه ٿي اچي ۽ سندس ٻار به سنڌي ڪو نه ڳالهائيندا. منهنجي نظر ۾ قومپرستي ۽ فرقا پرسي هڪ عالمي سازش تحت ڪيترن ملڪن کي ڪمزور ڪري رهي آهي.ان ڪري مان اعتراف ٿو ڪريان ته مون کي انهيءَ جذباتي لهر ۾ اها ڪهاڻي نه لکڻ گهربي هئي. حالانڪه ڪهاڻيون لکڻ يا ڪا منفي سوچ اچڻ به هڪ ارتقا جو حصو آهي ۽ ماڻهوءَ کي ڪنهن صحيح سوچ اچڻ کان اڳ منفي سوچ ايندي.