مان اعتراف ٿو ڪريان ته............ امير ابڙو

'مقالا' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    مان اعتراف ٿو ڪريان ته پنهنجي ڪهاڻي ”پٿر“ جنهن بنياد تي لکي هئي، اهو بنياد نه صرف سنڌ پر دنيا جي ڪيترن ملڪن کي سياسي طور تي ڪمزور ڪري رهيو آهي. ان ڪهاڻيءَ ۾ نائڪ پنهنجي اردو ڳالهائيندڙ زال سان صرف ان ڪري شادي ڪري پڇتائي ٿو ته هن کي سنڌي ڳالهائڻ نه ٿي اچي ۽ سندس ٻار به سنڌي ڪو نه ڳالهائيندا. منهنجي نظر ۾ قومپرستي ۽ فرقا پرسي هڪ عالمي سازش تحت ڪيترن ملڪن کي ڪمزور ڪري رهي آهي.ان ڪري مان اعتراف ٿو ڪريان ته مون کي انهيءَ جذباتي لهر ۾ اها ڪهاڻي نه لکڻ گهربي هئي. حالانڪه ڪهاڻيون لکڻ يا ڪا منفي سوچ اچڻ به هڪ ارتقا جو حصو آهي ۽ ماڻهوءَ کي ڪنهن صحيح سوچ اچڻ کان اڳ منفي سوچ ايندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو