لسانيات جي وصف ۽ تاريخ

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏27 اپريل 2010۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    69
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    لسانيات جي وصف ۽ تاريخ
    ”نرمل“ کوهارو
    الف: لسانيات جي وصف:
    لسانيات جي معنيٰ آهي: زبان جو علم. زبانن جي عام پهلوئن، خوبين ۽ خصوصيتن، رنگ ۽ ڍنگ جي مطالعي کي علم لسان چئجي ٿو. لسانيات مان مطلب جنهن جي وسيلي سان زبان جي اهميت، زندگي ۾ انساني ارتقا جي واڌاري ۽ موت جي لاءِ آگاهي جي سامان مهيا ڪرڻ واري مرحلي کي علم لسان چئي سگهجي ٿو.
    فرانس جو مشهور عالم اي گوبلو پهريون ماڻهو هو جنهن ڪتاب ”علمن جي ورهاست (1898ع)“ ۾ هن علم جي تعريف بيان ڪندي ان جي اهميت تي پڻ بحث ڪيو اٿس.
    ايف سي باڪٽ لسانيات جي تعريف هن نموني ڪري ٿو: ”زبان جي باري ۾ منظوم علم کي لسانيات چيو ويندو آهي“ (A course in Modern Linguistics 158 ميڪلمن ڪمپني نيويارڪ ص 2)
    بلاڪ ٽريگر لسانيات جي وصف هن ريت ڪري ٿو: ”Arbitrary vocal symbols By means of a Social Group cooperates“
    گلسين وري لسانيات جي باري ۾ ڪجهه هن ريت خيال ونڊي ٿو: ”لسانيات اها سائنس آهي جيڪا زبانن جي ٻاهرين ساخت جي اعتبار کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.“
    هوڪٽ پنهنجي علمي ڏاهپ موجب ڪجهه هن ريت چوي ٿو: ”لسانيات مان مراد معلومات جو اهو ذخيرو جيڪوڪنهن لسانيات جي ماهر کي پنهنجي تحقيق مان حاصل ٿيندو آهي.“
    Jloyns جو رايو وري ڪجهه هن ريت آهي: ” لساني نظريي کي قائم رکڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته زبان موجب جيڪي امر مشاهدي هيٺ اچن ٿا ان کي عقلي ڏاهپ وسيلي پر منظم طور تي بيان ڪيو وڃي.“
    روٽيس چيو:”انسان جي وجود ۾ زبان کي جيڪا اهميت حاصل آهي ۽ زندگي جي پوراين کي زبان جيڪو ڪردار ادا ڪري ٿي پنهنجي طريقيڪار جي جنهن ريت تنظيم ڪري ٿي لسانيات جو ماهر ئي ان کي سائنسي انداز ۾ سمجهڻ جي اهل هوندو آهي.“
    ڊيوڊ ڪرسٽل پنهنجي ڪتاب ۾ لسانيات بابت لکي ٿو: ”لسانيات ڇا آهي؟ پهريون هن ٻڌايو ته لسانيات ڇا نه آهي. دراصل هن نقطي مان هن جو مقصد آهي ته لسانيات ئي هر مضمون تي آڌاريل ۽ جٽيل هوندي آهي.“ هنن ڳالهين مان اسان کي اها پروڙ پئي ٿي ته لسانيات جي معنيٰ ڇا آهي؟ ۽ سندس اهميت اسان جي ملڪن، قومن ۽ سماجن لاءِ ڪيتري نه اهم ۽ اهميت جي حامل آهي. آمريڪا جي مشهور معروف لسانياتي عالمن ميشرس بلاخ ٽِرئگر (Bloch & Trager) جو چوڻ آهي ته ”زبان پاڻمرادي قبول ڪيل آوازي علامتن جي هڪ تنظيم آهي، جنهن جي ذريعي هڪ سماجي گروهه جا ماڻهو هڪٻئي سان تعاون ڪن ٿا“
    علم اللسان ڪنهن به ٻوليءَ جي آوازن، انهن جي مقرر تنظيم ۽ ترڪيب، ساخت ۽ سٽاءَ جي، اهل زبان توڙي ڌارين لاءِ هڪ تشريح آهي، علم اللسان ٻوليءَ جي صوتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ جو هڪ بيان آهي. هي علم، انهن جي اصولن، گهراين، معنوي ۽ صوتي تبديلين جو رڪارڊ آهي. علم اللسان زنده ۽ روزمره وارين ٻولين جي سرشتي ۽ نظام جي اُپٽار ۽ اُن جو بيان بلڪل ائين ٿو ڪري، جيئن اُهي ٻوليون، اُن وقت ۽ ان حالت ۾ ڳالهائبيون يا ٻڌبيون آهن. لسانيات جو علم ٻولين جي ماضيءَ، ماضيءَ جي ترڪيبن، لفظن جي اشتقاقن ۽ ڌاتن تي به روشني وجهي ٿو.
    ب: لسانيات جي تارخ :
    افلاطون جي ڪنهن خاص نتيجي تي نه پهچڻ جو سبب ان جو ٻين ٻولين کان لاعلم هجڻ ته نه آهي؟ اهڙي ريت ٿي سگهي ٿو ته هو پنهنجي زبان جو ٻين زبانن يا ٻولين سان مقابلو ۽ ڀيٽ ڪرڻ کان قاصر رهيو هجي، جيتوڻيڪ انسانن جيستائين گهڻين ٻولين جي علمن کان قاصر هوندو ته ان کي لسانيات کان به قاصر رهڻ ئي وڌيڪ اهميت جوڳو عمل هجڻ ڪوٺجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. اهڙي امر جو اظهار سندس استاد سقراط (399 ق.م کان 469) ۾ ڪري چڪو آهي. هن يوناني زبان ۾ ڪيترن ئي غير ملڪي لفظن جو ذڪر بيان ڪندي چوي ٿو ته ”اهي لفظ يونان پاڙي وارن قومن کان اڌارا ورتا هئا.“ هن بيان مان ئي اسان کي اندازو ٿئي ٿو ته مختلف قومن جون مختلف ٻوليون ٿين ٿيون ۽ انهن جي نج لفظن يا نشانين واري ڳالهه ٻولهه کي ئي علم لسان جي دائري ۾ داخل ڪري سگهجي ٿو. نتيجو اهو نڪتو جو مختلف قومن جو هڪٻئي تي اثر رسوخ ۽ هڪٻئي جي لهه وچڙ لاءِ هن علم کي ئي اهم جز قرار ڏنو ويو آهي.
    ”لسانيات جو دائرو فقط انساني زبان تائين آهي، پر جيئن ته عالم انساني ۾، انسان جي هڪ زبان ناهي، هر خطي، هر ملڪ، هر قوم جي الڳ الڳ زبان آهي ۽ هر هڪ زبان جون پنهنجون خوبيون ۽ خصوصيتون آهن. انهيءَ ڪري علم لسان جو دائرو وسيع آهي. عالم انساني ۾ انسانن جون سڀئي ٻوليون پوءِ چاهي اهي استعمال ۾ هجن يا ماضيءَ جي ڪُن ۾ غرق ٿيل هجن، اهي جيئريون هجن يا مئل، لسانيات جي ذمري ۾ اچي وڃن ٿيون.“ موجوده زماني ۾ علم اللسان جي مطالعي ۽ تجزئي جي لاءِ اوزار ۽ مشينون پڻ ايجاد ڪيون ويون آهن. جيڪي آوازن جي گهريءَ ڇنڊڇاڻ ۾ گهڻي مدد ڪن ٿيون.
    علم اللسان جي وسيلي نه فقط ڳالهائڻ جي آوازن جو اڀياس ڪري سگهجي ٿو، پر ڳالهائڻ جي لفظن، انهن جي صرفي ۽ نحوي بيهڪ ۽ نوعيت جي به خبر پوي ٿي. علم السان جي مدد سان پرڏيهي ٻوليون آسانيءَ سان سکي سگهجن ٿيون. هن علم جي مدد سان انهن ٻولين جون صورتخطيون ٺاهي سگهجن ٿيون، جيڪي اڃا تائين لکيون نه ويون آهن. هن علم وسيلي ڪيترن ئي ماهرن ڪوششون ڪري آفريڪا جي اڪثر ٻولين لاءِ آسان، ڪارآمد ۽ موزون صورتخطيون ٺاهيون آهن.
    علم السان جي مدد سان ’اڌ اکريءَ‘ (Shorthand)، تار لاءِ الف- ب، ۽ انڌن، ٻوڙن ۽ گونگن لاءِ به صورتخطيون ٺاهي سگهجن ٿيون. لسانيات جي مدد سان ٻولين جي هڪٻئي سان نسبت، مائٽيءَ ۽ ميل جول جي باري ۾ کوجنا ڪري سگهجي ٿي. ڪنهن به ٻوليءَ جي بڻ بنياد، يا ڪنهن به ٻوليءَ جي ساڳئي خاندان جي ٻن ٽن شاخن جي وچ ۾ مٽي مائٽيءَ ۽ هڪجهڙائيءَ جي باري ۾ ڪا راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي.
    دراصل علم السان جا جديد اصول ئي آهن، جن جي مدد سان روزمره واريءَ ٻوليءَ جي لغوي خزاني مان ڌارين (پاڙيوارين يا پرانهين) ٻولين مان آيل اُڌارن لفظن کي ڌار ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن به ٻوليءَ جي پنهنجن لفظن جي نجي ڌن جي اڀياس ۽ ڇنڊڇاڻ جي خبر تڏهن پئجي سگهندي، جڏهن ان مان ڌاريون يعني اڌارو ورتل عنصر پاسيرو ڪري، باقي بچيل ديسي مواد جو تجزيو ڪجي. ڌارئين عنصر جو مطالعو هڪ ڌار موضوع هوندو آهي، ڇوته ٻوليون ڌارئين عنصر کي پنهنجيءَ سٽا موجب ڦيرائي، ان کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي لائق بنائينديون آهن.
    لسانيات جي اهميت ۽ مقصد:
    اڄ ڪلهه ترقي يافتا ملڪن ۾ لسانيات جي مدد سان تاريخ، تهذيب ۽ معاشرن جي ڪيترن ئي مسئلن جي حل ۾ مددگار ثابت ٿي آهي. هن علم سان ئي مخلتف نسلن ۽ زبانن جو هڪٻئي سان ڳنڍ جوڙ وارو سرشتو يا انهن ٻولين جا هڪٻئي تي اثر جي سببن لاءِ پڻ هن ئي علم وسيلي خبر پوي ٿي، تنهن سان گڏ انهن قومن جي عمر سان گڏوگڏ ان ٻولين جي ڄمڻ جي هنڌ واري علم جي باري ۾ پڻ هي علم معلومات مهيا ڪري ٿو. بلڪ تنهن سان گڏوگڏ اها به ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي ته ڪنهن قوم يا ڪنهن ٻولي ڪهڙي ڪهڙي علائقي جو سفر ڪيو ۽ ان تي اثر انداز ٿي ۽ ان تي حاوي ٿي يا ان تي حاوي ٿيڻ جي پويان ڪهڙا سبب آهن تنهن جي پروڙ به هن علم وسيلي ئي ڪري سگهجي ٿي. فقط ايترو ئي نه بلڪ جن ٻولين کي پنهنجي رسم الخط جي سڃاڻپ ناهي، يا اصل آهي ئي نه. ازانسواءِ هن جي جيڪيي ٻوليون قديم ۽ مرده ٻوليون قرار ڏنيون ويون هيون تن کي سمجهڻ ۾ به لسانيات وسيلي ڄاڻ ملي ٿي. وري جيڪڏهن ڪنهن ٻولي جي سٽ کي ڪنهن ٻئي ٻولي ۾ لکڻ ممڪن نه هجي ته لسانيات اهڙا معيار مقرر ڪرڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. جنهن وسيلي هڪ ٻولي جي ٻئي ٻوليءَ ۾ سٽ به لکي سگهجي. لسانيات تحقيق جي علم کي پڻ هٿي ڏني آهي. موجوده دور ۾ پڻ لسانيات جي فائدن کي ڏسندي ترقي يافته ملڪن ۾ خاطر خواه هن علم ۾ اضافو ٿيو آهي. هن کان علاوه ولايت جي ڪيترن علمي ميدانن ۾ پڻ هن علم جي وسيلي انگريز پنهنجي اصل نسل جي کوجنا ۾ محو لڳا پيا آهن، تهڙي ريت اسان وٽ سنڌي وارا سنڌي ۾، بلوچي وارا بلوچي زبان، سرائڪي، ڍاٽڪي، اردو ۽ ٻين ٻولين جي اصل نسل ۾ پڻ هن علم وسيلي نيون رپورٽون سامهون اينديون رهنديون آهن. لسانيات کي اڄڪلهه سائنس ڪري تسليم ڪيو ويو آهي. (11). انهيءَ جو هڪ مطلب هيءُ آهي ته ٻوليءَ يا ٻولين بابت جيڪا علمي تحقيقات ٿئي ٿي تنهن کي باقاعدي ترتيب ۽ تنظيم ڏيئي ان جا اصول ۽ نتيجا قائم ڪيا وڃن ٿا. انهيءَ جو ٻيو مطلب هيءُ آهي ته جنهن به ٻوليءَ تي تحقيق ڪئي وڃي، بلڪ ٻولي جيئن استعمال ٿئي ٿي تيئن ان کي سامهون رکي ڪري، ان جو ڇيد (analysis) ڪيو وڃي ٿو؛ ان جي جدا جدا جزن جو جائزو ورتو وڃي ٿو؛ انهيءَ جائزي کي مختلف حصن ۾ ورهائي رکيو وڃي ٿو؛ پوءِ انهن مان اٽل اصول ورتا وڃن ٿا.
    ٻين سائنسن وانگر علم زبان کان به عملي فائدو ورتو وڃي ٿو. ٻارن کي صحيح اچارن سيکارڻ ۽ ڌارين ٻولين کي سکڻ ۾ لسانيات وڏي مدد ڪئي آهي. جيڪي ٻوليون هن مهل تائين تحريري صورت ۾ نه آيون آهن، تن لاءِ صورتخطي بنائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. ٻولين جي صحيح گرامر مرتب ڪرڻ ۾ به جديد علم زبان نهايت مفيد ثابت ٿيو آهي.
    مددي ڪتاب:
    سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ- نبي بخش خان بلوچ
    علم لسان ۽ سنڌي زبان- پروفيسر علي نواز حاجن خان جتوئي
    سنڌي صورتخطي- غلام علي الانا
    سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس- غلام علي الانا.
    سنڌي ٻولي: لسانيات کان علم لسانيات تائين- ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو
    اردو لسانيات- صفدر علي
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    369
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: لسانيات جي وصف ۽ تاريخ

    ادا نرمل، اوهان جا لک ٿورائتا آهيون جو اوهان علمِ لسانت تي ايتري ڄاڻ هن سنڌ سلامت فورم تي دوستن سان ونڊ ڪئي آهي۔۔۔۔۔ تمام پياري لکڻي اوهانجي۔۔۔۔ اميد ته اهڙيون ناياب لکڻيون هميشه سنڌ سلامت جي اڱڻ کي مهڪائينديون رهنديون۔۔۔۔۔۔

    مهرباني ادا۔۔۔۔۔۔
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: لسانيات جي وصف ۽ تاريخ

    ادا، تمام بهترين شيئرنگ آهي، توهان جي انهي شيئرنگ جي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ ٿيندي۔ اميد ته توهان پنهنجين اهڙين ناياب لکڻين جو سلسلو جاري و ساري رکندا
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: لسانيات جي وصف ۽ تاريخ

    دوستو، ادي نرمل جو لسانيات تي هي ليک انتهائي معلوماتي ۽ وقتائتو آهي ۔۔۔ اسانکي ٻولين ۾ لسانيات جي شعبي جي اهميت جي شايد خبر نه هجي پر هڪ ٻوليءَ جي شاگرد جي حيثيت ۾ آءُ انکي ڪجهه هي درجو ڏيندس ته؛
    لسانيات جو علم زبان جو سائنسي علم آهي، جنهنجي هجڻ سان ٻولي رات جو هڪ ته ڏينهن جو چئوڻ تي ترقي ڪندي آهي ۔۔۔ هن سائنسي علم ذريعي ٻوليءَ ۾ تحقيقي واڌارا ڪيا ويندا آهن ۽ نون علمن کي ٻوليءَ ۾ محفوظ ڪيو ويندو آهي ۔۔۔

    اسانجي يونيورسٽين ۾ علم لسانيات تي صرف هڪ ڪتاب پڙهايو ويندو آهي، سو به ايم اي ليول تي باقي وڌيڪ پڙهڻو هجي ته يورپ برطانيا يا آمريڪا ۾ وڃڻو پوندو آهي ۔۔۔ آءُ جڏهن سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي ۽ قسمت جي ڌڪن ٿاٻن ۾ وڃي برطانيا نڪتس ته شوق ٿيو ته لسانيات ۾ ڪجهه تعليم حاصل ڪريان ۽ هليو ويس ايڊنبرگ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ، ڪائونٽر تان پڇا ڪيم ته لنگسٽڪ ( لسانيات) جو شعبو ڪٿي آهي ته مونکي هڪ وڏي عمارت طرف اشارو ڪري موڪليو ويو ۔۔۔ ات ويم ته لکيل هو ”فڪلٽي آف لينگيوسٽڪ“ اندر وڃي گهميم ته گهمي گهمي ٿڪجي پيس پر لسانيات جا شعبا ختم ئي نه ٿي ٿيا ۔۔۔ ميوزڪ، ٻولي، شاعري ۽ ڊرامي ۽ فلم جا شعبا پکڙيل هئا ۔۔۔

    خئير آءُ وڃي فيڪلٽيءَ جي عملي سان مليم ۽ لسانيات جي شعبي ۾ داخلا لئه گذارش ڪئي ته هنن مونکي هڪ پروفيسر ڏانهن موڪليو، جت پروفيسر صاحب انتهائي خوش اخلاقيِءَ سان مليو ۽ مونکان سوال ڪيائين ته لسانيات جي باري ۾ ڇا ٿو ڄاڻين ۔۔ مون کيس جيڪو ڪتاب پڙهيو هو ان بابت ٻڌايو ته چيائين ته آءُ لسانيات جي باري ۾ ڪجهه به نٿو ڄاڻان انڪري پرائمري کان شروع ڪرڻو پوندو ۔۔۔ حساب ڪتاب ڪرڻ کان پوءِ خبر پئي ته 5 سال لڳندا لسانيات ۾ ايم اي ڪرڻ لئه ۽ ڪو پاڪستاني ڪروڙ رپيا خرچ ٿيندا ۔۔۔

    بس باقي اوهان پاڻ سمجهو ته منهنجي ڇا حالت ٿي هوندي ۔۔۔ يا وري سنڌي قوم جي غريب گهراڻي جي ٻار جي ڇا حالت ٿي هوندي ۔۔۔

    حاصل مطلب ته لسانيات جو سائنسي علم ڪنهن به ٻوليءَ کي دنيا جي ترقي يافته ٻولين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهارڻ لئه انتهائي ضروري هوندو آهي، جنهن جو اسانجي تعليمي ادارن ۾ نالو نشان به ناهي ۔۔۔

    الله الله خئير سلا ۔۔۔
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,646
    ورتل پسنديدگيون:
    5,649
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: لسانيات جي وصف ۽ تاريخ

    مٺڙا نرمل توهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار۔۔۔۔ توهان جو نالو ئي نرمل آهي يا تخلص ۔۔۔ اهو يقينن توهان پنهنجي تعارف ۾ ضرورو ٻڌائيندا۔۔۔
    باقي توهان جو ليک انتهائي اهم ۽ ٻولي کي سمجهڻ وارن لاءِ بنيادي معلومات مهيا ڪري ٿو۔۔۔ هوئن ته ڪنهن به ٻولي جي صورتخطي کي بنائڻ بابت ڪجهه مون به پڙهيو آهي۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن حيرت ٿيندي آهي ته هندي ۽ اڙدو ڪافي حد تائين ملي ٿي پر لکڻ لاءِ بلڪل به مختلف انداز آهي۔۔۔
    ساڳي نموني جيڪڏهن اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ مختلف قومن جا مسلمان قرآن پاڪ جي لکائي کان متاثر ٿي ساڄي کان کاٻي صورتخطي بڻائي ته بنگالين ڇو هندي طرز تي صورتخطي کي آندو۔۔۔
    مٿين اقتباس مطابق انڌن ۽ گونگن جي صورتخطي کي لکڻ کانسواءِ موسيقي جي الفابيٽ بنائڻ حيرت ڏياريندڙ ڪم آهن۔۔۔
    توهان جي بهترين ليک ۾ موجود مددي ڪتابن ۾ جيڪڏهن ڪو ڊجيٽلائيز ٿيل ڪتاب توهان کي ملي ته ضرور سنڌ سلامت تي ونڊ ڪندا۔۔۔ هي ساڳي گذارش محترم ابو واصف جن کي به آهي۔۔۔

    ڪارائتو ليک موڪلڻ جي مهرباني۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو