• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نظمِ سنڌ ساحر راهو

اسلم سومرو

سينيئر رڪن
10500478_1477193495857966_4071131394739836151_n.jpg


ٻُڌايو سامراج کي!
سُري لڳل سماج کي
اسان ڏي ميري اک سان
ڏسي نه چئو حجاج کي
سِرائي ساري سنڌ آ
ٻچو ٻچو آ روپلو
سڳوري سنڌ دوستو
اُجاڙ رُڃ ۾ پيل
بنا ڪفن، نه لاش آ
پٽين جنهن جي ماس کي
ڪُتا ڳجھون ۽ لومڙيون
صدين جي ناز سان پليل
حسين ڪائنات ۾
عظيم تر آ هي خطو
سڳوري سنڌ دوستو
مڪان ميڻ جو اٿئي
نه باھ سان تون راند ڪر
لباس شيشي ۾ نه تون
چرين سان هٿ چراند ڪر
پُراڻي دل جي راک مان
دٻيل دٻيل ٻي خاڪ مان
ٻري سگھي ٿو مچ ڪو
سڳوري سنڌ دوستو
صدين جي ارتقا ثمر
کڻي هلي ٿي همسفر
رڳو نه رگويد ۾
مهان سنڌ جو ذڪر
ازل کان هن جهان کان
زمان ۽ مڪان کان
خدا وٽان آ معجزو
سڳوري سنڌ دوستو
 
Back
Top