غزل ڪونه ٿو همدرد ڪنهنجو ڀي بڻي، بادلن جا ڪير ٿو ڳوڙها ڳڻي. هيڪلي رستي سان بيٺل ٻير هوء، پيئي ڇاپڙ جي تمنا ۾ ڇڻي. آئون پنهنجو پاڻ کان بيٺو پڇان، ايترو هُو اجنبي ڇو ٿو وڻين؟ بند آهن محب جا در ۽ دريون، عشق اڄ ديوار سان ٿو سِرِ هڻي. مونجھ ٿئي ٿي هاڻ هن ماحول ۾، روح مون کي آسمانن ڏي کڻي.