غزل :ڪونه ٿو همدرد ڪنهنجو ڀي بڻي،

غزل
ڪونه ٿو همدرد ڪنهنجو ڀي بڻي،
بادلن جا ڪير ٿو ڳوڙها ڳڻي.

هيڪلي رستي سان بيٺل ٻير هوء،
پيئي ڇاپڙ جي تمنا ۾ ڇڻي.

آئون پنهنجو پاڻ کان بيٺو پڇان،
ايترو هُو اجنبي ڇو ٿو وڻين؟

بند آهن محب جا در ۽ دريون،
عشق اڄ ديوار سان ٿو سِرِ هڻي.

مونجھ ٿئي ٿي هاڻ هن ماحول ۾،
روح مون کي آسمانن ڏي کڻي.
 
Back
Top