نڪ نه هوندي به زڪام

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بيل فاسٽ (ع آ نيوز) اتر آئرلينڊ ۾ هڪ اهڙي ٻارڙي آهي، جيڪا پيدائشي طور تي نڪ کان محروم آهي. نڪ نه هئڻ جو مطلب ته 17 مهينن جي ٽيسا ايوانز کي سنگهڻ جي صلاحيت ناهي پر ان باوجود به هوءَ کنگهڻ جي بيماري کان علاوه زڪام جي به شڪار آهي. مغيره ٽائون جي رهائشي ٽيسا ايوانز آرهينيا پيدائشي طور تي نڪ نه هئڻ جو شڪار آهي ۽ ميڊيڪل جي تاريخ ۾اڄ تائين آرهينيا جهڙا صرف 40 ڪيس سامهون آيا آهن . ان حوالي سان ٽيسا ايوانز جي والده گريني جو چوڻ آهي ته گهڻي قدر مشڪلاتن باوجود ٽيسا جي منهن تي هر وقت کِل هوندي آهي. جڏهن پهريون ڀيرو مون پنهنجي ٻار کي ڏٺو ته مون کي يقين نه آيو ته ائين به ٿي سگهي ٿو. منهنجي ٻارڙي جو نڪ ناهي ته ڇا هوءَ زنده رهي سگهندي ۽ ڇا ڪير ان جي مدد ڪندو؟ پر اسان هن کي گهر وٺي آياسين ۽ هن جي پرورش ڪئي، هاڻي هو ايتري خوش آهي جو ڏک وسري ويو آهي. واضع رهي ته نڪ نه هجڻ سان گڏوگڏ ٽيسا کي دل ۾ سوراخ هڪ اک کان انڌي به آهي.
    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو